• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زيب النسا هاسٽل ، نانگ

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
نوڪري جي سلسلي جي ڪري ڪوئيٽا شهر کان به ڪافي پري ويٺو آهيان ، تنهڪري سنڌي ميڊيا کان به پري ئي آهيان ۔ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي ڇوڪرين واري هاسٽل ۾ هڪ نياڻي کي غسل خاني ۾ نانگ ڪکي وڌو هو ، ۽ نانگ جي ڪکڻ سبب هوءَ زندگي جي جنگ هارائي وئي ۔ موت برحق آهي ، اڄ نه ته سڀاڻي ، سوال هي آهي ڇا هاسٽل انتظاميه ننڊ پئي آهي ؟؟؟؟ ڇا نياڻي کي بروقت ڪا طبعي مدد مهيا ڪئي وئي ؟؟؟ ان کانپوءِ ڪو بچاءَ لاءِ ڪو قدم کنيو ويو آهي ؟؟؟ يا ٻيون نياڻيون به نانگن جي حوالي آهن ؟؟؟؟؟؟؟
 
انتظاميه پنهنجون ڪرسيون بچائڻ ۾ پوري آهي، هڪڙا وي سي جا مخالف ٻيا وي سي جا حامي، هڪڙا انتظام کي ڊانوان ڊول پيا ڪن ته ٻيا پاڻ کي پيا بچائن ۔۔۔۔۔۔۔ استادن جي سياست ۾ سنڌ جي مادر علمي تباهه پئي ٿئي ۔۔۔۔ انسان جو قدر ۽ قيمت تمام وڏي آهي پر اسان اهي سڀ شيون ۽ قدر وساري ويٺا آهيون۔
 
هي خبر بلڪل صحيح آهي پر هي واقعو لمس يونيورسٽي (لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي) ڄامشورو ۾ پيش آيو آهي،
افسوس جو مقام آهي جو ايتري وڏي يونيورسٽيءَ ۾ نانگ جي ڪکيل انسان جي لاءِ صحيح علاج جي سهولت ميسر نه آهي ۽ اتان جي رهواسين، شاگردن کي ٻين ميڊيڪل اسپتالن ڏانهن کڻائڻو پئجي وڃي ٿو۔
 
Back
Top