• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آفيس 2010

عبدالعزيز سمون

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم دوستو مان ونڊوز ايڪس پي ۾ آفيس 2010 استعمال ڪرڻ چاهيان ٿو پر سيٽ اپ نه ٿو هلي هيٺيون ارر ٿو ڏسي ۔ مهرباني ڪري رهنمائي ڪرڻ فرمائيندا۔۔
1627ic7.jpg
 
ادا عبدالعزيز سمون هن ايرر اچڻ جو سبب آهي توهان جي ونڊوز رجسٽري ۾ پرميشنس جو غلط اندراج۔۔۔
هن مسئلي منهنجي نظر ۾ ٽي حل آهن۔۔۔
  1. توهان پنهنجي ونڊوز کي سروس پيڪ 3 ۾ اپڊيٽ ڪريو۔۔ يا
  2. هتي ڪلڪ ڪري مائڪروسافٽ جو هڪ ننڍو ٽول ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔۔۔ يا
  3. ٽيون حل سڌو سئون رجسٽري ۾ تبديلي ڪرڻ آهي۔۔ جيڪو ٿورو پيچيدو آهي۔۔۔ پر جي ڪري سگهو ته اهو ئي بهتر آهي۔۔۔
اسٽاربٽڻ تي ڪلڪ رن پروگرام ۾ اچو ۽ regedit لکي انٽر پريس ڪريو۔۔۔ رجسٽري پروگرام کلي اچڻ تي هيٺين ڪي تي پهچو۔۔۔

HKEY_CLASSES_ROOT\TypeLib\{F5078F18-C551-11D3-89B9-0000F81FE221}\6.0\0\win32

جتي win32 تي ساڄي پاسي کان ڪلڪ ڪري Permissions تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ ڊائلاگ باڪس کلڻ تي پاڻ کي Full Control ڏيندي ڪي تي ڊبل ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جتان ڊيفالٽ ويليو تي ڊبل ڪلڪ ڪندي win32 جي هيٺان %SystemRoot%\System32\msxml6.dll ويليو کي تبديل ڪندي C:\Windows\System32\msxml6.dll رکو اپلائي ڪيو۔۔۔
هن دفعي ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪرڻ کان پوءِ يقينن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ آفيس انسٽال ڪندي اهو ايرر نه ايندو۔۔۔
 
Back
Top