You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly.
You should upgrade or use an
alternative browser.
اسلام عليڪم دوستو مان ونڊوز ايڪس پي ۾ آفيس 2010 استعمال ڪرڻ چاهيان ٿو پر سيٽ اپ نه ٿو هلي هيٺيون ارر ٿو ڏسي ۔ مهرباني ڪري رهنمائي ڪرڻ فرمائيندا۔۔

انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ادا
عبدالعزيز سمون هن ايرر اچڻ جو سبب آهي توهان جي ونڊوز رجسٽري ۾ پرميشنس جو غلط اندراج۔۔۔
هن مسئلي منهنجي نظر ۾ ٽي حل آهن۔۔۔
- توهان پنهنجي ونڊوز کي سروس پيڪ 3 ۾ اپڊيٽ ڪريو۔۔ يا
- هتي ڪلڪ ڪري مائڪروسافٽ جو هڪ ننڍو ٽول ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔۔۔ يا
- ٽيون حل سڌو سئون رجسٽري ۾ تبديلي ڪرڻ آهي۔۔ جيڪو ٿورو پيچيدو آهي۔۔۔ پر جي ڪري سگهو ته اهو ئي بهتر آهي۔۔۔
اسٽاربٽڻ تي ڪلڪ رن پروگرام ۾ اچو ۽
regedit لکي انٽر پريس ڪريو۔۔۔ رجسٽري پروگرام کلي اچڻ تي هيٺين ڪي تي پهچو۔۔۔
HKEY_CLASSES_ROOT\TypeLib\{F5078F18-C551-11D3-89B9-0000F81FE221}\6.0\0\win32
جتي
win32 تي ساڄي پاسي کان ڪلڪ ڪري
Permissions تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ ڊائلاگ باڪس کلڻ تي پاڻ کي
Full Control ڏيندي ڪي تي ڊبل ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جتان ڊيفالٽ ويليو تي ڊبل ڪلڪ ڪندي
win32 جي هيٺان
%SystemRoot%\System32\msxml6.dll ويليو کي تبديل ڪندي
C:\Windows\System32\msxml6.dll رکو اپلائي ڪيو۔۔۔
هن دفعي ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪرڻ کان پوءِ يقينن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ آفيس انسٽال ڪندي اهو ايرر نه ايندو۔۔۔