سين اٺون جاري
ڇا بلڊنگ جي ڇت تي وڃڻ لاءِ صرف بلاڪ بي جو ئي دروازو استعمال ٿيندو آهي؟
جي ها!..! ”
بلاڪ اي جي دروازي کي ته مُستقل بند ڪيو ويو آهي نه؟ هن هڪ دفعو وري ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي.
مون پُڇيو”بلاڪ اي واري ڇت جي دروازي کي ڪهڙي طرف کان لاڪ ڪيو ويو آهي.. مُهنجو مطلب ته دروازي کي قُفل ڏاڪڻن جي طرفان ڏنل آهي يا اندران ڇت کان؟
اندران ڇت کان! هن به اعتماد سان جواب ڏنو
ان جو مطلب اهو آهي ته جي ڪو شخص بلاڪ اي وٽان زبردستي ڇت تي وڃڻ چاهي ته ته هن کي قفل نه پر گيٽ ئي ڀڃڻو پوندو... ائين نه؟
جي!.. جي بلڪل!
ڇا واقعي جي ڏينهن بلاڪ اي واري ڇت سان اهڙي ڪا ڪاروائي ڪئي وئي هُئي؟
نه سائين! بلڪل نه! هن ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو” اهو دروازو نه صرف پنهنجي جاءِ ته سلامت هو پر ان ۾ لڳل تالو به لڳو پيو هو
هون! ته بلاڪ اي واري ڇت جو دروازو ، ڇت تان ئي لاڪ هو.. مون آهستي آهستي ورجائي چيو” بلاڪ بي جو دروازي جو قُرف تو کوليو هو.. يعني ته تُهنجي ڇت تي وڃڻ کان پهرئين اهو دروازو ڏاڪڻن کان به لاڪ هو.. مان صحيح پيو چوان نه دلاور خان؟
جي وڪيل صاب! توهان بلڪل صحيح پيا چئو! هن به دلجمعيءَ سان جواب ڏنو
مون پُيو ” ڀلا اهو ته ٻُڌاءِ.. ته واقعي جي صبح کان پهرئين آخري دفعو تون ڇت تي ڪيڏي مهل ويو هُئين؟
شام جو پاڻي کولڻ مان ڇت تي ويو هوس
شام جو... مطلب ته پنجين بجي؟
جي ها!
۽ تون صرف هڪ ڪلاڪ لاءِ پاڻي هلائين ٿو
مون تصديق طلب لهجي ۾ پُڇيو” معني ته تون ٺيڪ 6 بجي ٻيهر ڇت تي وئين، پاڻيءَ جو وال بند ڪرڻ، دروازي کي قرف ڏنو ۽ هيٺ هليو آئين؟
جي بلڪل! مون ائين ئي ڪيو هو!
ڇا شام جو 6 بجي کان ٻي صبح جو 8 بجي تائين توکي ڇت تي وڃڻ جي ضرورت پيش نه آئي؟
جي نه!.. مان شام کان پوءِ ٻي صبح تائين ڇت تي ڪونه ويو هوس
ياد ڪر! متان بلڊنگ جي ڪنهن ماڻهوءَ ڇت تي وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هُجي؟
هن هڪدفعو وري ناڪاريءَ ۾ ڪنڌ ڌوڻيو
يعني توکان ڪنهن به چاٻي ڪانه ورتي هُئي
ڪنهن به نه!
ڇا ڏاڪڻ وارن ٻئهين دروازن کان علاوه به ڇت تي وڃڻ جو ڪو رستو آهي دلاور خان! مون پريشر وڌائي تکن لفظن ۾ سوال ڪيو ” مُهنجو مطلب آهي ته اڳيان پويان يا ڀرواري ڪنهن بلڊنگ مان ٽُپي!؟
جي نه! هن هڪدم جواب ڏنو ” هن علائقي ۾ اسانجي بلڊنگ سڀني کان وڏي آهي.. ويجهو ڪي ٻه ماڙ، ٽي ماڙ بلڊنگون آهن.. هتان هُتان ٽُپي ڪير به اسانجي بلڊنگ جي ڇت تيه نٿو اچي سگهي... ناممڪن آهي
هون! ويجهڙن بلڊنگن مان ٽُپي ڇت تي وڃڻ ممڪن ڪونهين.. مون خود ڪلاميءَ جي انداز ۾ چيو ۽ ڇت تائين پُهچڻ لاءِ بلڊنگ جي ٻنهين بلاڪن جا دروازا به لاڪ هُئي پوءِ.....“ مون گواه جي اکين ۾ ڏسي سوال ڪيو ” دلاور خان! پوءِ قاتل ۽ مقتول رات جو 2 بجي ۽ 3 بجي ڇت تي ڪيئن ويا؟
مم... مونکي خبر ڪڪ … ڪونهين؟ هو خوفزده نظرن سان مونکي ڏسڻ لڳو
تون اهو ته مڃي ٿو نه دلاور خان! … ته قاتل مقتول ڇت تي ويا ؟ تون اهو ته مڃين ٿو ته ته قاتل ۽ مقتول ڇت تي ويا هُئا!۔۔۔ مون زور ڀري جرح ڪئي
هن به ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي
مونکي ٻيو ڪُجهه به پُڇڻو ڪونهين ما لارڊ“ مون اهو چئي جرح ختم ڪئي، ان سان گڏ عدالت جو وقت به ختم ٿي ويو، جج ضاحب 20 ڏينهن پو جي تاريخ ڏني ۽ عدالت کي برخاست ڪري ڇڏيو