شبِ برائت عارفين و سالڪين جي نگاه ۾

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2012۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    شبِ برائت عارفين و سالڪين جي نگاه ۾
    شب جي معنى آهي رات ۔

    برائت جي معنى آهي ڇوٽڪارو يا بيزاري

    جي هن پوري لفظ جي معنى عارفين و سالڪين يا علماءِ اڪرام کان ورتي وڃي ته ان جي معنى اها ٻُڌائي ٿي وڃي ته ان مان مراد گناهن کان بيزاري يا گناهن کان ڇوٽڪاري واري رات ۔

    هاڻي ان تي جي عقلي گفتگو ڪجي ته اان رات گناهن کان ڇوٽڪارو ڪيئن ملندو؟ يا ان رات بخشش ڪيئن ٿيندي ؟
    ته اها انسان جي توبه سان جُڙيل آهي ۔۽ توبه جو مطلب عام مسلمان ۽ عارفين جي وچ ۾ پنهنجو عليحده وجود رکي ٿو۔
    جنهن ريت سان اسان جي معاشري ۾ اها رات ملهائي ٿي وڃي ان جو اسلام ۾ ڇا پر ڪنهن به مُهذب مذهب ۾ اجازت ناهي ۔
    ٻين علائقن جي ته مونکي خبر ناهي پر اسان وٽ سنڌ ۾ هي رات عيد جي طور تي ملهائي ويندي آهي ان کان اسان کي ڪو انڪار ڪونهي ۔ ان رات جي ان رات جو مقصد پورو ٿئي ته ان ۾ ڪو شق ناهي ته ان رات کي عيد طور ملهائڻ ئي گهرجي ۔ پر ان جو عرفان هجي ته عيد طور اها رات ملهائي سگهجي ٿي۔
    اسان جي معاشري ۾ ته گهني ڀاکي اسان جي نوجوانن کي لفظ عيد جي معنى خوشي آهي جڏهن جي سول ڪريو ته بس۔

    جي اسان لفظ عيد جي معنى ڪريون ته ان جي معنى به اسان جي معاشري ۾ موجود عيد جي تصور جي بلڪل مختلف آهي ۔ اسان ڳالھ پئي ڪئي ته عيد لفظ جي معنى جي ۔ لفظ عيد عربي لفظ عود مان نلڪتل آهي جنهن جي معنى آهي پنهنجي مقام يا محور تي واپس اچڻ ۔ انسان جو محور يا مقام ڇا آهي بندگي خدا ۽ بندگيءِ خدا ۾ فرشتن کان افضل مقام قربت الاهي جي اها منزل جنهن ۾ فرشتا انسان جي تعبيداري ڪندا ڻطراچن۔
    ان لاء ِئي شايدعلامه اقبال چيو هو

    فرشته ڪهلاني سي ميري توهين هوتي هي
    مين مسجودِ ملائڪه هون مجهي انسان هي رهني دو

    ليڪن

    فرشتو سي افضل هي آدمي ڪا مقام
    مگر اس ۾ لگتي هي محنت زياده

    ته اسان عرض پئي ڪيو لفظ عود جيڪو عيد جو مصدر آهي ۽ جنهن جي معنى آهي پنهنجي مقام يا محور تي واپسي ۔ اسان وٽ لفظ عيد جي معنى خوشي جي طور تي ڪئي ويندي آهي ۔ پر جي ان تي اها بحث ڪجي ته بابا خوشي ته آهي پر ڇا ؟۔ انسان خواهش جي پوري ٿيئڻ تي خوش ٿيندو آهي ۽ خواهش ڇڄڻ تي تي غمغين ٿيدو آهي ؟ جيئن اسان وٽ معاشري ۾ شاعري ۾ گهڻي ڀاڱي محبوب جي ملاقات کي عيد سان تشبيح ڏن يويندي آهي يا جنهن ماڻهون کي جنهن سان چاهت هوندي آهي ان جي حصول سان ان ۾ خوشي جي لهر ايندي آهي ۽ ان خوشي کي عيد سان تشبيح ڏيندو آهي ۔ هاڻي اسلام جو تصور انسان ۽ خدا جي بندي جي وچ ۾ اهو تعلق قائم ڪرڻ آهي جنهن جي وچ ۾ ساهن جي دوري به نه هئڻ گهجي ۔ جو دم غافل سو دم ڪافر ۔ هاڻي جي لفظ عيد الفطر جي معنى ڪجي تهڇا ٿيندي پر ان کان پهريان هڪ دوست جي معنى اوهان جي پيشِ نظر ۔ اسان هڪ دوست کان پڇيو ته عيدِ رمضان کي عيدالفطرڇو چيوويند آهي ته ان دوست جواب ڏنو ان لاء ِجو هن عيد ۾ فطرو ڏنو ويندو آهي ۔
    لفظ فطر مصدر آهي فطرت جو هي انسان فطر ٿيو آهي فطرت الله تي يعني انسان پيدا ٿيو آهي الله جي فطرت تي ۔ هن سالڪن جو اهو چوڻ آهي ته انسان ئي اها مخلوق آهي جا فطرتِ الاهي کي ظاهر ڪندڙ آهي ۔ جڏهن انسان روزا رکندو آهي جنهن سان شيطاني طاقت جي چنبي مان انسان آزاد ٿيندو آهي ته هو واپس انهي فطرت تي ورندو آهي جنهن فطرت تي هو فطر يعني پيدا ٿيو هو ان ڏانهن روزن جهڙي عبادت ڏانهن زريعي جنهن ۾ هناهو ثابت ڪيو ته حرام ته حرام پر مون پاڻ کي حڪم الاهي جي سُپرد ڪندي حلال کي به ڪجھ وقت لاءِ جنهن وقت کي منهنجي پرودگار مون تي معين ڪيو آهي پاڻ تي تعبيداري خدا کي صادر ڪندي حرام ڪري ڇڏيو آهي ۔ آءُ حرام جي قربت جو تصور به نه ٿو ڪريان هي ڏسو جا شي مون تي منهنجي پروردگار حلال ڪئي آهي پر جي هو ان کي به مونتي ڪجھ وقت لاءِ حرام ٿو ڪري ته آءُ ان کي پاڻ تي حرام ٿو سمجهان۔ جڏهن انسان تعبيداري جي ان مقام تي پهچي ته يقينن انسان پنهنجي مقامِ فطرت تي واپس اچي ويندو ۔ ان مقام تي واپس پلٽجڻ واقعي عيد آهي هي اها خوشي آهي جنهن سان هو پنهنجي پروردگار جي قربت ۾ آيو آهي۔

    اهڙي ريت سان عيدِ قربان ۔ اوهان ڄاڻندا هوندا ته مقام فطرت کان اڳيان هڪ منزل آهي ۽ اها آهي قرباني جي منزل جا رضاءِ الاهي لاءِ ڪئي وڃي ۔ جيئن علامه اقبال جو هڪ شعر آهي

    مقام فطرت پر نه ڪر راهِ عمل ڪو بند
    ڪڇ اور هي مقصود هي منزلِ تسليمِ رضا ڪو

    هاڻي جي قرباني جو تذڪرو عارفين جي نظر سان ڪجي ته اوهان اهو به ڄاڻو ٿا ته قرآن ۾ حڪم آهي ته اوهان پنهنجي ضرورت کان علاوه باقي سڀ الله جي راھ ۾ خرڇ ڪريو جا انسان جي ضرورت آهي اها صرف پاڻ وٽ رکي اها جائز آهي پر جي ان کان علاوه رکندو ته اهو حرام آهي عارفين و سالڪين جي مطاق اها منزل انسان کي بتدريج مهيا ٿيندي آهي ۔ هاڻي جا انسان جي ضرورت هئي ان کان علاوه جي هن انسانن کي ڏنو جنهن ۾ پٽن مائٽن غريبن مسڪينن يتيمن مسفرن محتاجن جو حصو هو اهو انهن کي حصو ڏئي ڪري هن پنهنجي زندگي عين فطرت تي گذاري آهي ۔ هاڻي جي هي قرباني ڪرڻ ٿو چاهي ته هن کي پنهنجي حصي مان قربان يڪرڻي آهي ته اها قرباني آهي ، پر جي ڪو غريبن ، مسڪينن يتيمن محتاجن کي انهن جو حصو جيڪو انهن جي مال ۾ مذڪورين جو آهي ۽ انهن کي نه ٿو ڏنو وڃي ته سندن مال حرام آهي ان مال مان نه حج ٿي سگهي ٿو نه خيرات نه فطرو نه صدقو ٿي سگهي ٿو اهو سڀ ڪم هن کي پنهنجي ضرورت جي بچيل مال مان ڪرڻُو آهي ڇو جو باقي ته غريبن محتاجن يتيمن جو حصو آهي انهن کي ڏيڻ ڪا خيرات ناهي ۔ اسان علامه اقبال جي شعر ۾ اها ڳالھ عرض ڪئي آگي ته
    ڪڇ اور هي مقصود هي منزِلِ تسليم و رضا ڪو

    ان لاءِِ قرباني کان پهريان انسان جو فطرت تي واپس اچڻ ضروري آهي جيستائين انسان فطرت جي مقام تي واپس نه ٿو اچي تيسيتائين انسان قرباني جي منزل کي ڇُهي نه ٿو سگهي ڇو جو قرباني جي منزل فطرت جي منزل کان مٿانهين آهي ۔ ان لاءِ پهريان عيد الفطر ان کان پوءِ اسلام ۾ عيدِ قربان آهي ۔

    هاڻي اچون ٿا هن ڏينهن تي فطرت تي اچڻ کان پهريان 15 شعبان جو ڏينهن ان جي مطلق اوهان ڪيتريون ئي احاديث پڙهيون ۽ ٻڌيون آهن ان جي فضيلت ۾ ڪو شق ڪونهي جنهن رات ۾ انسان جو رزق لکيو ويندو آهي انسان جون دعائون قبول ٿينديون آهن ۔ ان کان پوءِ اسلام پنهنجي پيروڪار جي منزل کي مٿانهون ڪندي ان جي منزل اڳتي وڌائيندي اڳيان رمضان جو مهينو رکيو جنهن لاءِ پروردگار فرمايو ته روزيدار منهنجو مهمان آهي روزو بندي ۽ مون پروردگار جي وچ ۾ راز ا آهي ۔ روزو انسان کي مقامِ فطرت تي کڻي ويو ان کان اڳين منزل تي انسان قرباني جي زريعي پهتو۔

    هاڻي اچو ته اسان پنهنجي معاشري ۾ انهن ڏينهن جي حوالي سان ڏسون ڇا جو ڪجھ ٿئي پيو اهو سڀ ڪجھ ٿوري به ميلاپ کائيندڙ تصوير آهي مٿين حقيقتن سان ۔
    جا رات گناهن کان بيزاري يا گناهن کان ڇوٽڪاري واري رات طور پرودگار اسان کي مهيا ڪئي ان رات کي اسان جي معاشري ۾ ڪيئن ملهايو پيو وڃي ۔ ڦٽاڪن بندوقن جي فائرن سان اسان وٽ ته ساڳيو هندو واري هولي وارو طريقو ٿيو وڃي اسان ڏينهن ته ملهايون ٿا پر ان ڏينهن جي برقتن کان محروم ان لاءِ آهيون جو اسان شايد ان ڏينهن جي عرفان کان بي خبر آهيون ۔ اسان وٽ اسلامي ڏهاڙا سواءِ رسمن و ريتن جي ٻيو ڪو مطلب نه ٿا رکن جنهن ڪري اسان گناهن کان ڇوٽڪاري واري رات ملهائيندي گناهن ۾ گرفتار ٿيندا پيا وڃو خدا اسان کي جنهن عقل جهڙي نعمت سان مالامال ڪيو آهي اسان کي گهرجي ته ان کي استعمال ڪندي انهن برڪتن ڀرئي ڏينهن مان بهره مند ٿيون ۔

    باقي حقيقت ته هي آهي

    هر شب شبِ قدر
    اگر قدر بداني

    جنهن رات اوهان کي سمجھ اچي اها گهڙي اها رات اوهان لاءِ شبِ قدر يا شبِ شعبان آهي ۔
    حُر کي ڏهنين محرم جي رات پنهنجي قدر آئي ته ڪامياب ٿي ويو ۔

    حُر تو ايڪ شب ڪي فڪر ۾ آزاد هُوا
    تو مُدتون سي بندشِ بيم و رجا ۾ هي اب تڪ
    ۔
    وسلام
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    منهنجا سهڻا دوست! پورو دين ۽ مذهب هن وقت صرف رسم ٿي پيو آهي ۔۔۔ بلڪ انهن رسمن ۾ به عجيب ۽ غريب دڪان کلي ويا آهن ،،، هر هڪ دڪان واري جو خيال ته سندس جي مٺائي مٺي ۔۔۔ باقي سڀني جي ڪوڙي ۽ ٿو ٿو آهي ۔۔۔ بلڪ هاڻ ته ڀئو ٿو ٿئي جي ڪنهن هڪ دڪاندار سان له وچڙ ڪجي ٿي ته ٻيو گوليون هڻي ٿو ڪڍي ۔۔۔ الامان ۔۔۔ دين آيو هو ماڻهن کي محبت ۽ سلامتي سيکارڻ هت ته مورڳو ۔۔۔ جان بچائي لک کٽيا ۔۔

    الله اسانکي سڌي راهه جي طرف رهنمائي فرمائي، باقي شيطان جا کيل نرالا ۔۔۔

    اوهان کي اقبال صاحب وڻندو آهي ته ٻڌو ڀلا سندس چوڻ ڇا آهي ۔۔؟؟؟ معاف ڪجو اردو ليک حوالي طور ونڊ ٿو ڪريان

    [​IMG]
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اوهان جي مهرباني جو وهان اسان کي موٽ ڏني سائين اوهان بلڪل هن وقت موجود رسمن جي صحيح تشريح ڪئي آهي باقي رهي اقبال جي پنديدگي جي ڳالھ سو سائين اسان لاِءِ ته حضرت علي عه جو فرمان ته اهو نه ڏسو ته ڪير ٿو چوي پر اهو ڏسو ته ڇا ٿو چوي ۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو