عشق، پيار، محبت، نينهن يا وري هن جذبي جا ٻيا به ڪئي نالا ڳڻائي سگھبا ... تازو هڪ ڪتاب پڙهندي ڪنهن انگريز ليکڪ جا پيار مطلق چيل هي لفظ ڏاڍا سهڻا لڳا ... “Life is Greater than Death but love is greatest than either” زندگي موت کان اتم آهي پر پيار ٻنهي کان عظيم ... عشق ۾ انسان هر طرح جي نفعي نقصان کان مٿاهون ٿي قرباني ۽ جان نثاريءَ جا مثال قائم ڪري وڃي ٿو جيئن شاه جو هي شعر؛ عشــق نه آهي رانــــد، جيئــن کيــلن ڳــــڀرو، جيءَ جسي ۽ جان جي، ڀڃــي جو هيڪانـد، ســسي نيـــزي پــــاند، اڇــل ته ٻه اڌ ٿئـــــــي. سچو عشق! ڏيڻ واري روش تي ٻڌل هوندو آهي … سچو عشق هڪ گھڻ رخائين هيري جيئان آهي جنهنجي هر پاسي کان مختلف ۽ نرالي رنگ جي روشني نڪري ٿي ... جنهن سان انساني دنيا ظلمت مان نڪري نور ۾ پهچي وڃي ٿي ... “ عشق حقيقي حضرت ابراهيم عليه کي باهه کان محفوظ ڪري وٺي ٿو ... حضرت موسا عليه کي جابر ظالم ۽ خدائيءَ جي حام هڻندڙ فرعون تي فتح ڏئي ٿو ... حضرت عيسا عليه کي صليب تي به سرخرو ڪري ٿو ... حضرت محمد صه کي هر مصيبت سان مهاڏي اٽڪائڻ جو حوصلو عطا ڪري کيس دنيا جو رهبر بڻائي ڇڏي ٿو ... شاهه ڀٽائي جھر جھنگ جبل جھاڳي روشن ٿئي ٿو ته شاهه عنايت سچ ۽ حق خاطر شهيد ٿئي ٿو ... پيار! موت ۽ حيات کان مٿي واري شيءَ آهي ... سچي عشق جي ڏاڪڻ تي ڪڏندي ... عاشق هر قسم جي قرباني ڏئي ٿو ۽ مزي جي ڳالهه ته تڪليفون، مصيبتون ۽ ٻيا انيڪ ايذاء سهندي لطف اندوز ٿئي ٿو ... عاشـق زهـر پيــاڪ، وهـــه پسيو وهــســن گھـــڻو، ڪــــــڙي ۽ قاتـــل جــــا، هميـــــشه هيـــــــــراڪـ، لڳيــن لئنون لطيف چئــي، فنـــا ڪيا فــــــــــراق، توڙي چڪن چاڪ، ته به آه نه ســـلن عام سين. ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته محبت سان ئي هيءَ دنيا سهڻي آهي ... محبت ناهي ته ڪجهه به ناهي ....
سائين تمام سهڻو ليک عشق جون به ڪيئي مزلون آهن، ڪيئي ڪيفيتون آهن، ڪي عشق ۾ جنگ به ڪن ته ڪي عشق ۾ فنا به ٿي وڃن پر ڪڇن ئي نه، عشق ڪنهن سان به ڪجي پر دل سان ڪجي، ڪي ماڻهن سان عشق ڪن، ڪي رب سان ڪن، ڪي فطرت سان ڪن، ڪي ٻارن سان ڪن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر عشق عشق آهي، رهڻو آهي،