پيار ، عشق، محبت يا نينهن

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    عشق، پيار، محبت، نينهن يا وري هن جذبي جا ٻيا به ڪئي نالا ڳڻائي سگھبا ... تازو هڪ ڪتاب پڙهندي ڪنهن انگريز ليکڪ جا پيار مطلق چيل هي لفظ ڏاڍا سهڻا لڳا ...

    “Life is Greater than Death but love is greatest than either”
    زندگي موت کان اتم آهي پر پيار ٻنهي کان عظيم ...

    عشق ۾ انسان هر طرح جي نفعي نقصان کان مٿاهون ٿي قرباني ۽ جان نثاريءَ جا مثال قائم ڪري وڃي ٿو جيئن شاه جو هي شعر؛

    عشــق نه آهي رانــــد، جيئــن کيــلن ڳــــڀرو،
    جيءَ جسي ۽ جان جي، ڀڃــي جو هيڪانـد،
    ســسي نيـــزي پــــاند، اڇــل ته ٻه اڌ ٿئـــــــي.

    سچو عشق! ڏيڻ واري روش تي ٻڌل هوندو آهي … سچو عشق هڪ گھڻ رخائين هيري جيئان آهي جنهنجي هر پاسي کان مختلف ۽ نرالي رنگ جي روشني نڪري ٿي ... جنهن سان انساني دنيا ظلمت مان نڪري نور ۾ پهچي وڃي ٿي ... “
    عشق حقيقي حضرت ابراهيم عليه کي باهه کان محفوظ ڪري وٺي ٿو ... حضرت موسا عليه کي جابر ظالم ۽ خدائيءَ جي حام هڻندڙ فرعون تي فتح ڏئي ٿو ... حضرت عيسا عليه کي صليب تي به سرخرو ڪري ٿو ... حضرت محمد صه کي هر مصيبت سان مهاڏي اٽڪائڻ جو حوصلو عطا ڪري کيس دنيا جو رهبر بڻائي ڇڏي ٿو ... شاهه ڀٽائي جھر جھنگ جبل جھاڳي روشن ٿئي ٿو ته شاهه عنايت سچ ۽ حق خاطر شهيد ٿئي ٿو ...

    پيار! موت ۽ حيات کان مٿي واري شيءَ آهي ... سچي عشق جي ڏاڪڻ تي ڪڏندي ... عاشق هر قسم جي قرباني ڏئي ٿو ۽ مزي جي ڳالهه ته تڪليفون، مصيبتون ۽ ٻيا انيڪ ايذاء سهندي لطف اندوز ٿئي ٿو ...

    عاشـق زهـر پيــاڪ، وهـــه پسيو وهــســن گھـــڻو،
    ڪــــــڙي ۽ قاتـــل جــــا، هميـــــشه هيـــــــــراڪـ،
    لڳيــن لئنون لطيف چئــي، فنـــا ڪيا فــــــــــراق،
    توڙي چڪن چاڪ، ته به آه نه ســـلن عام سين.

    ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته محبت سان ئي هيءَ دنيا سهڻي آهي ... محبت ناهي ته ڪجهه به ناهي ....
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين تمام سهڻو ليک

    عشق جون به ڪيئي مزلون آهن، ڪيئي ڪيفيتون آهن، ڪي عشق ۾ جنگ به ڪن ته ڪي عشق ۾ فنا به ٿي وڃن پر ڪڇن ئي نه، عشق ڪنهن سان به ڪجي پر دل سان ڪجي، ڪي ماڻهن سان عشق ڪن، ڪي رب سان ڪن، ڪي فطرت سان ڪن، ڪي ٻارن سان ڪن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر عشق عشق آهي، رهڻو آهي،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو