سائنسي مضمون اڻو (Atom)

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    305
    ورتل پسنديدگيون:
    878
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
    اَڻـــــــــــــــو (Atom)
    مادو اڏيندڙ سِرَ
    (سائنسي مضمون)

    سڄو مادو 106 ڄاتل سادن جزن جو ٺهيل آهي ]هن وقت انهن جو ڄاتل تعداد 118 آهي[. انهن مان هر جزي کي عنصر سڏجي ٿو. هر عنصر اڻن جو ٺهيل آهي. اڻو ڪنهن به عنصر جو ممڪن ننڍي ۾ ننڍو ذرو آهي. اڻو ايترو ته ننڍڙو آهي جو ان کي ڪنهن به سٺي کان سٺي تِڇ جاچڻِي سان ڏسي نه ٿو سگھجي. 4-ارب کان به وڌيڪ اڻا ”ن“ جي هڪ نقطي ۾ سمائجي سگھن ٿا.
    اسان جا سڀئي لڱ گھڻي ڀاڱي ڪاربن، آڪسيجن، هئڊروجن ۽ نائٽروجن نالي اڻن جا ٺهيل آهن پر توهان انهن مان ڪنهن به عنصر کي ڏسي نه ٿا سگھو. اڻن جي ڳڻپ ۽ ترتيب ڪيتري ۽ ڪيئن آهي، ان ئي حساب سان نت نوان وڙ ٺهن ٿا.
    اڻي جو اندر
    اڻا پاڻ به تهائين ننڍڙن ذرڙن جا ٺهيل آهن جن کي واڌڻو، ڪاٽڻو ۽ الاڻو سڏجي ٿو. هڪ زبرو زور واڌڻي ۽ الاڻي کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکي ٿو، اهي ٻئي اڻي جي وچ ۾ رهن ٿا ۽ اڻي جي ان وچ جو نالو آهي مِکُ. ڪاٽڻا جيڪي اڃا به هلڪڙا آهن ان مِک جي چوڌاري انتهائي تيزيءَ سان چڪر هڻندا رهن ٿا.
    اڻو، عام طرح ايئن پسڻ ۾ ايندو ڄڻڪ اهو مادي جو ڪو ننڍڙو ۽ ٺوس ذرو هجي، پر اهو، سچ چئجي ته ڄڻڪ خالي پولار آهي. جيڪڏهن اڻي کي وڏو ڪري هڪ ڏاڍي وڏي ڪمري جيڏو سمجھيو وڃي ته پوءِ ان جي مِک (ڀِتين، ڇت ۽ فرش جي وچ تي) اکروٽ جيتري به مَس ٿيندي، ان هوندي به اڻي جو گھڻي کان گھڻو مايو ان مِک ۾ ئي گڏ ٿيل هوندو آهي، جنهن جي چوڌاري چڪر هڻندڙ ڪاٽڻو (يا ڪاٽڻا) ڪمري جي ڀتين، ڇت ۽ فرش جيان هوندو.
    هڪ اڻي ۾ هر قسم جي ذرڙي کي ڌار ڌار قسم جي وڄدار وهڪ هوندي آهي. واڌڻن تي واڌو (+) وهڪ ۽ ڪاٽڻن تي ڪاٽو (-) وهڪ جڏهن ته الاڻن تي ڪنهن به قسم جي وهڪ نه هوندي آهي. هڪ اڪيلي اڻي ۾ جيترا ڪاٽڻا هوندا اوترا ئي واڌڻا به هوندا، تنهنڪري انهن جي ابتڙ وهڪ واري سگھ هڪ ٻي کي بي اثر ڪريو ڇڏي جنهنڪري هڪ اڻو عام طرح اَوهڪ هوندو آهي.
    بهرحال، ڪجھ اڻا جڏهن ٻين اڻن سان ملندا آهن تڏهن وٽن هڪ، ٻه، چار ڪاٽڻا وڌي ويندا آهن يا وري گھٽجي. ان ڪري اهي يا ته واڌو وهڪ وارا (جن اڻن جو ڪاٽڻو ٽٽي ويو هجي) يا ڪاٽو وهڪ وارا (جن اڻن ۾ ڪاٽڻو وڌيو هجي) ٿي پوندا آهن. (ڪاٽو يا واڌو) وهڪ رکڻ وارو اڻو آيال سڏبو آهي.
    اهي خاڪا جن ۾ اڻن کي ظاهر ڪيو ويو هجي، ڏيکارن ٿا ته ڪاٽڻا مِکُ جي چوڌاري ايئن چَڪر هڻن ٿا جيئن سج چوڌاري ان جا گرهه. اهو اڻي بابت سوچڻ جو هڪ مناسب سولو طريقو آهي (سائنسدان ان کي ماڊل سڏيندا آهن) پر سچ اهو آهي ته اڻي بابت اهو خاڪو ٺيڪ ناهي. ڪاٽڻا (اوزارن وسيلي) ايئن پسبا آهن ڄڻڪ وهڪ جا سِمي-نڪتل ڪڪر هجن ۽ اهڙو ڪو به طريقو ڪونهي جنهن وسيلي اهو ڄاڻي سگھجي ته ڪنهن به هڪ گھڙيءَ ڪاٽڻو ڪهڙي هنڌ موجود آهي.
    بهرحال، سائنسدان ڄاڻن ٿا ته اهي اڻن کي تصويرن وسيلي ظاهر نه ٿا ڪري سگھن. ان جي بدران اڻي کي رڳو ڇڳير ڪَلڀياس جي ڳڻتڀياسي مساواتن وسيلي ظاهر ڪري سگھجي ٿو.
    اڻن جا ڌار ڌار نمونا
    سمورا اڻا لڳ ڀڳ ساڳي قدبت جا آهن پر هر قسم جي اڻي ۾ ذرڙن جي ڳڻپ هڪ جيتري ناهي هوندي. مثال طور، سڀ کان وڌيڪ هلڪي عنصر هئڊروجن جي مِک ۾ رڳو هڪ واڌڻو آهي جڏهن ته يورينِيم جي هڪ اڻي جي مک ۾ واڌڻن جي ڳڻپ 92. ساڳي قسم (عنصر) جي هر اڻي ۾ واڌڻن جي ڳڻپ سدائين هڪ جيتري هوندي آهي ۽ ان کي واڌڻو انگ يا اَڻائي انگ سڏبو آهي.
    پر هر قسم (عنصر) جي هڪ اڻي ۾ ڪاٽڻن جي ڳڻپ گھٽ وڌ ٿي سگھي ٿي. ساڳي قسم جي اڻن ۾ جڏهن ڪاٽڻن جي اهڙي گھاٽي واڌي يا ڦيرڦار هجي ته ان کي آئسو سڏجي ٿو. آئسي کي اڻي جي نالي پٺيان انگ ڏئي ظاهر ڪبو آهي جيئن يورينيم-235.
    ڪجھ قسم جي اڻن کي ڪاٽڻن ۽ واڌڻن جون ترتيبون جٽادار ناهن. وقت سِر انهن جون مِکون سنهڙا ذرڙا ٻاهر اڇلائيندي، يا ڪڏهن ڪڏهن انهن سنهڙن ذرڙن سان گڏ گاما لهرن جون پڻ، وسڪارو ڪندي پاڻ بدلبيون رهنديون آهن. سائنسدان اهڙن اڻن کي ترورائي ڦڙت سڏيندا آهن. ذرڙا ۽ گاما لهرون، جيڪي اهي ٻاهر اڇلائن ٿا، انهن کي مِکوَر ترورائپ چئبو آهي.
    مکور ترورائپ ۾ شڪتي (ڳجھي سگھ) هوندي آهي جيڪا، حقيقت ۾، مک اندر لڪل رهندي آهي. هڪ اڻو ڪا گھڻي شڪتي نه ٿو اڇلائي پر اربين اڻا پسرائيندڙ ڌاتن کي ڪوسو ڪري سگھن ٿا. ڌرتيءَ اندر گھڻو تاءُ اتي موجود ڇِپُن ۾ ترورائي ڦڙتي جي ڪري هوندو آهي.
    هڪ مکور ردڻي ۾، يورينيم-235 جي مک اندر لڪل شڪتيءَ جو ڀانڊو ’کولڻ‘ لاءِ الاڻا ڪم آڻبا آهن. اندر ئي اندر ڪم هيئن ٿيندو آهي ته هڪ الاڻو يورينيم-235 جي مک کي چُٽيندو آهي ۽ ان کي ڀڃي رکندو آهي. جيئن ئي مِک ٽٽندي ته ان مان وڌيڪ الاڻا (۽ ڪجھ گاما ترورائپ) ڦٽي نڪرندا. اهي الاڻا ٻين يورينيم-235 اڻن جي مِکن کي ٽوڙي سگھن ٿا ۽ اهي وري اڃا به ٻين.... اهڙيءَ طرح رد-عملن جي ڪَڙيءَ تي ڪڙي (زنجير) ٺهي پوي ٿي.
    ڀڃ ڊاهه جي اهڙي اندرين ڪم کي ڀاڃِ سڏجي ٿو. اها مِکور (نيوڪليئر) پاور اسٽيشن ۾، هڪ محتاطُ قابو ۾ رکيلُ زنجيردار رد-عمل تاءَ (گرميءَ، ڪوساڻ) جي لاڳيتي پهچ (سپلاءِ) ڏيندو رهي ٿو. مِکور هٿيارن ۾، بي قابو زنجيردار رد عمل ٿڏي تي ئي شڪتيءَ جو وسڪارو مهيا ڪري ٿو. ڀاڃ مهل هر ڀَڳل مک ٻن نون اڻن جي مک ٿيو پوي.
    سائنسدانَ اڻي اندر ذرڙن جي اڀياس لاءِ ڏاڍا وڏا تيزڻا ڪم آڻيندا آهن. اهي تيزڻا گھڻي قدر ڪيترائي ڪلوميٽر ڊگھيون گولائون سرنگھون هوندا آهن جن ۾ چقمقي ويڙها سنهڙن ذرڙن (جيئن مثال طور ڇڳن) جي رفتار اڃا به تيز ڪري ڇڏيندا آهن ۽ انهن کي اڃا به ننڍڙن ذرڙن يا اڻن ۾ بدلائي رکندا آهن.
    انهن ٽڪرائن جي نتيجي ۾ وَسندڙ ذرڙا ڏسي ته ڪو نه ٿا سگھجن پر اهي پنهنجا پيرا (ليڪا، سنڌا) ڇڏي ويندا آهن بلڪل ايئن جيئن اوچو اڏامندڙ هوائي جهاز پنهنجي پٺيان دونهي جو ڇڊو ٿيندڙ پٽو ڇڏي ويندو آهي. اهي پيرا سائنسدانن کي اڻن ۽ انهن جي ذرڙن بابت ڏَس (نشان) ڏئي ويندا آهن. ان ئي قسم جا تجربا سائنسدانن کي اهو سوچرائن ٿا ته الاڻا ۽ واڌڻا پاڻ اڃا به تڇ ذرڙن جا ٺهيل آهن جن کي قئارَ سڏجي ٿو.
    اڻي جو تصور نئون ڪونهي. جھونن يونانين مادي جي ننڍي کان ننڍي ذرڙي بابت پنهنجو خيال ظاهر ڪندي لفظ ”ايٽم“ ايجاد ڪيو جنهن کي سنڌي ۾ اڻو چئجي ٿو. ايٽم جي معنى آهي ”اڻٽٽندڙ“، جنهن کي وڌيڪ ورهائي نه سگھجي. پر ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ ۾ فزڪس ۽ ڪيمسٽري جي تجربن جون پرکون ڪندي اڻي بابت مختلف نظريا ڏنا. هنن مادي جي جن ذرن کي ننڍي ۾ ننڍو ۽ اڻٽٽ سمجھي ايٽم (اڻي) جو نالو ڏنو اهو حقيقت ۾ اڻٽٽ (نه ورهائجي سگھندڙ، ايٽم) ڪو نه هو پر اڄ ڪلهه ان کي ئي ايٽم به سڏيو وڃي ٿو ته ٽٽندڙ به سمجھيو وڃي ٿو. اڻٽٽ ذرڙي، ايٽم بابت يونانين جي تصورَ، جيڪو دمقراطيس ڏنو، ۽ جديد سائنس جي ايٽم بابت تصور ۾ فرق آهي. ايٽم بابت جديد تصور جو باني ڊنمارڪ جو سائنسدان نيلس بوهر آهي. هي اهو پهريون ماڻهو هو جنهن چيو ته اڻي ۾ ننڍڙي مِک آهي جنهن جي چوڌاري ڪاٽڻو چڪر هڻندو رهي ٿو.

    لفظن-مالا:
    اڻو (ايٽم) Atom
    عنصر (ايليمينٽ) Element
    تڇ جاچڻي (مائڪروسڪوپ) Microscope
    واڌڻو (پروٽان) Proton
    ڪاٽڻو (اليڪٽران) Electron
    الاڻو (نيوٽران) Neutron
    پولار (اسپيس) Space
    مايو (ماس) Mass
    ذرڙو (پارٽيڪل) Particle
    وِڄُ (بجلي، اليڪٽرڪ) Electric
    وڄدار (اليڪٽريڪل) Electrical
    وَهڪ (چارج) Charge
    اَوَهَڪُ (انچارجڊ) Uncharged
    آيالُ (آيَن، آئن) Ion
    ڇڳو، ڇڳير (قئانٽم) Quantum, Quanta
    ڪَلڀياس (مڪينڪس) Mechanics
    ڳڻتڀياس (مئٿميٽڪس) Mathematics
    مساوات (ايقئيشن) Equation
    واڌڻو انگ يا اڻائي انگ (ايٽمي نمبر) Atomic Number
    آئسو (آئسوٽوپ) Isotope
    ترورائي ڦڙت (ريڊيوايڪٽوِ) Radio active
    مِک (نِيوڪِليَس) Nucleus
    مِکوَر (نيوڪليئر) Nuclear
    ترورائپ (ترورائي ڦڙتي) Radio activity
    پسرائيندڙ (ڪنڊڪٽر) Conductor
    ردڻو (رِي-ايڪٽر) Reactor
    ڀاڃِ (فِشن) Fission
    تيزڻو (ايڪسيلريٽر) Accelerator
    قئار (قئارڪ) Quark
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سچ ته مون لاء انگريزي نالن جي سامهون لکيل سنڌي نالا بلڪل عجيب ۽ اوپرا پئي لڳا ۔۔۔۔ اوهان کي شاباس آهي جو هن سائنسي ليک ذريعي ڪجهه سنڌي لفظن بابت ڄاڻ به ٿي۔

    رياضت ٻرڙو سائين اوهان جو هي قلمي پورهيو ساراهه لائق آهي۔
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,195
    ورتل پسنديدگيون:
    2,167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جي ماشاءِ الله سائين واقعي اوهان جي محنت تعريف جوڳي آهي۔

    سائين هڪ عرض هيو ته جي اوهان اسان کي ائٽم جڏهن بم طور استعمال ٿيندو آهي ته ان جا نقصان ڪهڙي ريت ٿيندا آهن ۔ جيئن ائير بسسٽ گرائون ڊ برسٽ وغيره جا نقصان ۔ برسٽ کان پوءِ ان جو اثر ڪهڙي صورت ۾ ٿيندو آهي ۔ مثال جي طور جيڪو هيروشيما و ناگاساڪي تي بم اچلايا ويا انهن جو پريشر ڇا هو ۽ ويڪيوم پريشر ڇا هيو کان اسان کي آگاه ڪندا ته اوهان جا احسان۔
    وسلام
     
  4. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    305
    ورتل پسنديدگيون:
    878
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    دوستو، هي مضمون ”اَڻو“ منهنجي مرحوم ڀا ڊاڪٽر مهبت جو لکيل آهي جنهن سنڌي ٻولي ۾ سائنسي اصطلاحسازي تي پڻ ڪافي ڪم ڪيو هو۔ مان اُهو پڻ ”سنڌ سلامت“ تي اپلوڊ ڪندس۔ دوست ”ڏاڏل شينو، جي سوالن جا جواب هٿ ڪري، بيان ڪندس۔ البت منهنجو هڪ مضمون ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ڪيرايل ايٽم بمن جي حوالي سان لکيل آهي، اهو پڻ هتي پيش ڪندس۔ اميد اٿم ته دوستن کي پسند پوندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو