• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قاتل سيڪنڊ

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
فقط هڪ سيڪنڊ دنيا جي ڪيترن ئي ويب سائيٽن ۽ ڪمپيوٽر پروگرامن جو قاتل بڻجي ويو۔۔۔ ها فقط هڪ سيڪنڊ۔۔۔
هونئن ته وقت جي رائج نظام موجب هڪ منٽ ۾ 60 سيڪنڊ ٿين ٿا پر 30 جون جي ڏينهن جو آخري منٽ هو 61 سيڪنڊن جو، اهو 61هون سيڪنڊ دنيا جي ڪيترن ويب سرورز ۽ ڪمپيوٽر پروگرامز لاءِ قاتل ثابت ٿيو،
ليپ سيڪنڊ جي نالي سان ڄاتو ويندڙ اهو 61هون سيڪنڊ اهو هٿرادو اضافي سيڪنڊ آهي جيڪو سائنسدانن جي طرفان مخصوص سالن کان بعد جوهري گهڙين جي وقت کي ملائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ته جيئن انهن گهڙين کي نظامِ شمسيءَ جي مطابق هلندڙ گهڙين سان ملائي سگهجي۔ پر اهو اضافي سيڪنڊ انهن ويب سائيٽن ۽ ڪمپيوٽر پروگرامز لاءِ قاتل ثابت ٿيو جيڪي اليڪٽرانڪ گهڙي واري وقت جي صرف 60 سيڪنڊن جي منٽ مطابق تيار ڪيا ويا هئا، جنهن ڪري ڪيترن ئي ويب سرورس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو۔۔۔
 
هل سائين ۔۔۔۔۔۔۔۔ هي ته واقعي عجيب ڪم هو، جنهن ۾ سنڌ سلامت به شامل هوندي، پر پوء به وقت هڪ سيڪنڊ کانپوء وري روان دوان آهي ۽ زندگيء جا پل گذرن پيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top