• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جنهن وٽ اينڊروائيڊ سيٽ آهي اهو هيڏانهن اچي..

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
android-sdk.jpg
اينڊروائيڊ دراصل هڪ لينڪ بيسڊ آپريٽنگ سسٽم آهي جيڪو سمارٽ فونز ۽ ٽيبليٽ ڪمپيوٽرس ۾ استعمال ٿي رهيو آهي۔۔۔ جيڪو مختلف ڪمپنين بشمول Google, HTC, Sony,Dell, Intel, Motorola, Qualcomm, Texas Instruments, Samsung Electronics, LG Electronics, T-Mobile, Sprint Nextel, Nvidia, ۽ Wind River Systems جنهن کي اوپن هينڊ سيٽ الائينس يا (OHA) پڻ چئجي ٿوطرفان تيار ٿي رهيو آهي۔ هن وقت هن الائينس ۾ 86 ڪمپنيون شامل آهن جن جي اڳواڻي گوگل وارن وٽ آهي۔۔۔
سن 2005 ۾ سڀ کان پهريان گوگل هن سافٽويئر کي خريد ڪيو هو۔۔۔ ۽ 2007 ۾ الائينس جوڙڻ کان پوءِ هن کي اوپن سورس طور ڊسٽريبيوٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو۔۔۔
هن آپريٽنگ سسٽم جي ڪاميابي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو هن وقت هر سافٽويئر ۽ هارڊويئر ڪمپني پنهنجي پروڊڪٽ مارڪيٽ ۾ آڻڻ وقت ان ڳالهه جو خاص خيال رکندي آهي ته سندس پروڊڪٽ اينڊروائيڊ آپريٽنگ سسٽم سان مطابقت رکندڙ هجي۔۔۔
هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مختلف ڊويلپر اينڊروائيڊ آپريٽنگ سسٽم لاءِ ايپليڪيشنس تيار ڪري رهيا آهن۔۔۔ ڪي پنهنجي پروڊڪٽ کي مشهور ۽ ڪسٽمر کي سهولت ڏيڻ لاءِ اهي ايپليڪيشنس مفت ۾ ڏئي رهيا آهن ته ڪي وري پروفيشنل ايپليڪيشنس تيار ڪري پيسن تي وڪڻي رهيا آهن۔۔۔
اهڙيون ايپليڪيشنس تيار ڪري وڪرو ڪرڻ ۽ مفت ۾ ورهائڻ لاءِ گوگل طرفان هڪ بهترين پليٽ فارم پڻ جوڙيو ويو آهي جنهن کي گوگل پلي يا وري اينڊروائيڊ مارڪيٽ سڏجي ٿو۔۔۔۔
هڪ اندازي مطابق آڪٽوبر 2011 ۾ گوگل پلي تي 5،00،000 پنج لک ايپليڪيشن ڊائونلوڊ لاءِ موجود هيون جيڪي ڊسمبر 2011 تائين ٻيڻيون ٿي چڪيون هيون۔۔۔
هڪ سروي مطابق هيئنر تائين سموري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪندڙ موبائيل آپريٽنگ سسٽم اينڊروائيڊ ئي آهي ۽ هن وقت تائين فعال ڊيوائيسز جو تعداد اندازن 400 ملين تائين آهي۔۔۔ ان ۾ روزانو هڪ ملين جو اضافو ٿي رهيو آهي۔۔۔

هي ته هيو اينڊروائيڊ آپريٽنگ سسٽم جو مختصر تعارف۔۔۔
هتي هن موضوع ۾ انهن سڀني دوستن کي دعوت ڏجي ٿي جن وٽ مختلف اينڊروائيڊ آپريٽنگ سسٽم ڊوائيسز موجود آهي۔۔۔ ته اهي باقي دوستن خاص طور تي مون جهڙن نون ۽ سيکڙاهٽ اينڊروائڊ استعمال ڪندڙن لاءِ پنهنجي پسند جون ايپليڪيشنس مختصر وضاحت ۽ لنڪ سان موڪلن ته جيئن هڪ ئي موضوع ۾ رهي ڪري انهن کي ڊائونلوڊ ڪري استعمال ۾ آندو وڃي۔۔۔۔

اميد ته دوست ڀرپور حصو وٺندا۔۔۔
 
ان سلسلي ۾ پهريون قدم وڌائيندي مان پنهنجي پسند جي پهرين ايپليڪيشن متعارف ڪرڻ جي اجازت گهرندس۔۔۔
هي آهي مشهورِ زمانه ملٽي ميڊيا پليئر وي ايل سي جو اينڊروائڊ ورجن جيڪو بس هاڻي ڪجهه ڏينهن اڳ ئي متعارف ڪرايو ويو آهي۔۔۔

vlc-android.png
vlc-for-android.jpg

تقريبن هر وڊيو کي هلائيندڙ هن سافٽويئر جو هي بيٽا ورجن آهي۔۔ جيڪو صرف ARMv7 پروسيسر وارين موبائيل فونز تي ڪم ڪندو۔۔۔ ۽ هن سافٽويئر کي اينڊروائيڊ جي 1۔2 يا مٿي واري ورجن تي انسٽال ڪري سگهبو۔۔۔
مون واري سامسنگ گليڪسي تي هي هڪ بهترين اضافو آهي۔۔۔ سامسنگ گليڪسي تي هن جو نظار هن وڊيو ۾ پڻ ڏسي سگهجي ٿو۔۔۔۔

وي ايل سي جي هن اينڊروائيڊ ورجن کي گوگل پلي جي هن لنڪ تان مفت ۾ حاصل ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ جيڪڏهن هي ورجن توهان جي سيٽ تي ڪم نه ڪري ته پريشان ٿيڻ جي ضروت نه آهي جو هن جو وڌيڪ ورجن جيڪو ARMv6 پروسيسر وارن سيٽن لاءِ هوندو ۔۔ ڪمپني جي چوڻ مطابق بس اجهو آيو سو آيو۔۔۔



دي ورج جي ٿورن سان
 
اوهان جو هي ڪم گهڻو وڻيو، مان به جڏهن کان اينڊرائڊ سيٽ ورتو آهي ته فيسبوڪ يا نيٽ موبائل تي به استعمال ڪري رهيو آهيان۔ اينڊرائڊ سيٽ ۾ گهڻو ڪري ڪجهه اپليڪيشنز خاص ڪري نيٽ ۽ بليوٽوٿ مسلسل هلنديون رهنديون آهن، جنهنڪري بيٽري جي چارجنگ جلد ختم ٿي ويندي آهي۔

ان مسئلي جي حل لاء هڪ بهترين اپليڪيشن اينڊرائڊ سيٽ لاء آندي وئي آهي جيڪا Easy Battery Saver جي نالي سان مشهور آهي۔


هن اپليڪيشنز ذريعي اوهان پنهنجي بيٽري جي زندگي 100 کان 200 فيصد وڌائي سگهو ٿا۔ خاص ڪري جڏهن اوهان انٽيليجنٽ موڊ تي رکندا ته اوهان کي حيرت انگيز نتيجا حاصل ٿيندا۔

هن اپليڪيشن کي حاصل ڪرڻ لاء پلي گوگل جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري اپليڪيشن انسٽال ڪريو۔

 
ڌرتي هاڻي توهان جي هٿن تي۔۔
گوگل وارن اينڊرائيڊ ۽ ٻين موبائيل آپريٽنگ سسٽم لاءِ گوگل ارٿ ٿري ڊي جو 7 ورجن رليز ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ توهان پاڻ کي پنهنجن هٿن جي ترين تي ڌرتي مٿان اڏرندي ڏسي سگهو ٿا۔۔۔ يقينن ان سان پنهنجا ڳوٺ، آفيس ڏانهن ويندڙ رستا، موڪلون گذارڻ واريون جڳهيون ۽ دوستن سان ڪچهري ڪندڙ يادگار ماڳ ڏسي دل وندرائڻ نهايت آسان ٿي پيو۔۔ ان کانسواءِ گوگل ارٿ ذريعي بي انتهائي معلومات تائين پهچ هاڻي بس توهان جي هڪ ڪلڪ تي سابه ٿري ڊي طور بلڪل براهِ راست جي صورت ۾۔۔۔

438-google-earth.jpg
dKzjcIN8yUrkIYz6KA1jVwoiuhdaUu3IvCpnCfU8Zfg2jG8Zb77rGqPw8kEkKRQon-I=h230
8Gae32IHPz1sSsbMspiDXzGaMpcdcX77wuCAnOIYL0EhdE05g5O3bKXofOqCdE6SXxlh=h230
KJar56hCnKbFDKH1riKXieRLUe92B5o3yomDNGlDVbj6wd7wrHTB4tBK3nF4Q_5-T1c=h230
اهو منظر وڊيو جي صورت ۾ ڏسڻ سان ڪيڏو نه خوبصورت لڳي ٿو۔۔​
اينڊروائيڊ استعمال ڪندڙ هتي ڪلڪ مارڪٽ اسٽور تان ايپليڪيشن ڊائونلوڊ ڪري سگهن ٿا​
جڏهن ته ٻيا آپريٽنگ سسٽم رکندڙ موبائيل مالڪ هتي ڪلڪ ڪري ايپليڪيشن ڊائونلوڊ ڪري سگهن ٿا​
 
بهترين ۔۔۔ ڳالهه وڻي

پر هڪ ٻي ڳالهه ته انهن اپليڪيشنز اسان جي بيٽري جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، ٻيو ته پئسا به الائي ڪاڏي گم ٿي ٿا وڃن۔
 
سائين منهنجا نيٽ کي وائي فائي تي رکو ۽ پيسا بچايو ۔۔۔ نه ته منهنجو تجربو ٻڌائي ٿو ته ڪم لهيو وڃن۔۔۔
۽ بيٽري بچائڻ لاءِ ضروري آ ته وائي فائي ڪم مهل آن ڪجي۔۔ پر جي وائي فائي هر وقت موجود نه ملي ۽ رڳو سم ڪارڊ ذريعي نيٽ استعمال ڪرڻي پوي ته پاڪيٽ ڊيٽا آن ۽ آف رکندي نيٽ استعمال ڪيو۔۔۔ سياڻن سچ چيو آهي ته عقل بادام کائڻ سان نه پر ڌوڪي کائڻ سان ايندو آهي۔۔۔ ;)
 
ڊالفن برائوزر
جيڪي دوست ڪمپيوٽر تي گوگل ڪروم برائوزر جا عادي آهن انهن لاءِ ڊالفن برائوزر بهترين برائوزر هوندو جو ان جو انٽرفيس بلڪل ڪروم وانگر آهي۔۔۔ مٿان ان برائوزرس ۾ پڻ ايڊآن، پلگ ان يا وري ايڪسٽينشن انسٽال ڪري سگهجن ٿا۔۔ سمورين خوبين سان گڏو گڏ هي برائوزر تيز، سولو ۽ گهڻن موبائيل استعمال ڪندڙن جو پسنديده برائوزر آهي۔۔ مون به ان ڪري هن کي پنهنجي سيٽ ۾ انسٽال رکيو آهي جو جاوا جي مڪمل سپورٽ هجڻ ڪري سنڌ سلامت جي موجوده سنڌي پيڊ به هن برائوزر تي ڪم ڪري پئي يعني هن برائوزر تي لاگ ان ٿي توهان سنڌ سلامت تي ڪنهن به موضوع يا تحرير کي سنڌي ۾ ئي پوسٽ ڪري سگهو ٿا۔۔۔

afKXkS7CqKqgEgFAfIVl2sGkN_eidin19gBQl8tJrJWOuA9pMnG7C0hlA3uEAn-yaW0
F4_pHM__2Nbfwf2xcDZZ76xAAdfqCmM_o01kYhZY1zUWvdpwrkO3OG6X_JaXE49HND0
r3wUZDH_OMyLluDMTptkYp3Dl9mt0jJZE-hUpxzPBy_oTTXCintDimhMz4GecOWUpgo
OWzatZqWeIe9vsV0n64c2rzJn6wPpWQKSDWcM6R7Tr5fikEdLUdpEOqWA2P6QDvW3Y4
وڌيڪ تفصيل لاءِ حاضر آهي وڊيو​
اينڊروائيڊ مارڪيٽ مان هتي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔۔​
 
يار بهترين معلومات آهي ، مگر سيمبين سيٽ وارن لا به ڪجھ معلومات موڪليو ، خاص ڪري ايزي بيٽري سيور مهرباني
پر جيڪڏهن بيٽري وارو سافٽوير نوڪيا ۾ به هجي ها ته واه واه

بلڪل دوستو حاضر آهي سيمبين ۽ نوڪيا لاءِ ايڊوانس بيٽري سيور

advanced-battery-saver-free-2.jpg
advanced-battery-saver-free-3.jpg
advanced-battery-saver-free-4.jpg
تفصيلي استعمال لاءِ حاضر آهي وڊيو​
هتي ڪلڪ ڪري نوڪيا مارڪيٽ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو۔۔۔​
 
ون زپ
توهان اڪثر دوستن WinZip جو نالو ته ٻڌو ته هوندو؟ جي ها هي اهائي ايپليڪيشن آهي جيڪا توهان سالن کان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ استعمال ڪري رهيا آهيو۔۔۔ جيڪا مختلف فائيلز کي ڪمپريس ۽ ڊي ڪمپريس طور استعمال ٿيندي آهي۔۔ هي ايپليڪيشن هاڻي اينڊروائيڊ سيٽن لاءِ پڻ موجود آهي۔۔ سا به بلڪل مفت ۔۔۔ هن ايپليڪيشن ذريعي توهان ڪابه زپ فائيل ڏسي ۽ کولي سگهو ٿا۔۔ ۽ چاهيو ته ڪنهن فائيل کي ڪمپريس به ڪري سگهو ٿا۔۔۔ ۽ جي چاهيو ته ان فائيل کي ڪمپريس ڪري پاسورڊ به لڳائي سگهو ٿا۔۔

gsmarena_001%25255B21%25255D.jpg

هن ايپليڪيشن ذريعي توهان تصويرون ٽيڪسٽ فائيلز ۽ ويب فائلز کولي ڏسي سگهوٿا۔۔۔ ان طرح هي ايپليڪيشن ٻين ايپليڪشنس جهڙوڪ ورڊ پاورپوائينٽ ۽ پي ڊي ايف جي فائيلز کي پڻ کولي سگهي ٿي۔۔
گوگل اسٽور تي هي ايپليڪيشن هن لنڪ تي موجود آهي۔۔۔

(اينڊروائيڊ سينٽرل جي ٿورن سان)
 
دوستو سڄڻو مانوارو ڀائرو
شُڪر الحمدالله جو پرودگار اوهان ڀائرن کي سياڻو ۽ دولتمند ڪيو اينڊر وائيڊ سيٽ جي خريدڻ جي طاقت عطا ڪئي ۔
باقي پاڻ ته مرشد ڀِٽ ڌڻي جو چواڻي ته ” الله ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن “ ۔
 
پيارا هن موضوع جو ٽائيٽل ئي اهوهو ته
جنهن وٽ اينڊروائيڊ سيٽ آهي اهو هيڏانهن اچي..

مون وٽ ته ناهي پر پوءِ به هيڏانهن آيس۔ اڳ به هي موضوع ڏٺو هئم پر ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي۔ هاڻي ڪجهه ڪجهه ڳالهه واضع ٿي آهي۔ چئبو ته هتي گڏهه به ٻيو آهي ته آٿر به ٻيا آهن۔ يا وري ايئن چوجي ته بوتل به نئين آهي ته شراب به نئون۔ ائنڊروائيڊ هڪ نئون آپريٽنگ سسٽم آهي جنهن ۾ اپيليڪيشنس جي اپيلڪيشن جي هڪ وڏي حد آهي۔ ڪراچي ۽ جيب جي حالتن کي مدِ نظر رکندي فيصلو ڪبو۔ باقي شئي صحيح پئي لڳي۔

ذيشان رشيد اسان گهڻو ڪري زپ فائيل ميل ڪرڻ يا وائرس کان بچائڻ لاء ڪندا آهيون۔ جنهن ۾ گهڻو ڪري آفيس يا پي ڊي ايف جو ڪم هوندو آهي۔ يا وري سافٽ ويئر جا ايگزي فائيل۔ ڇا هن ۾ به سافٽويئر ايگزي فائيل جا هوندا؟ ڇا ائنڊراوئيڊ ۾ آفيس يا پي دي ايف به هلندا؟
 
ذيشان رشيد اسان گهڻو ڪري زپ فائيل ميل ڪرڻ يا وائرس کان بچائڻ لاء ڪندا آهيون۔ جنهن ۾ گهڻو ڪري آفيس يا پي ڊي ايف جو ڪم هوندو آهي۔ يا وري سافٽ ويئر جا ايگزي فائيل۔ ڇا هن ۾ به سافٽويئر ايگزي فائيل جا هوندا؟ ڇا ائنڊراوئيڊ ۾ آفيس يا پي دي ايف به هلندا؟
اڪثر ميل جي سهولت ڏيندڙ ڪمپنين مختلف اينٽي وائرسز جي سپورٽ اڳ ئي وٺي رکي هوندي آهي ۔۔ ان ڪري جي توهان آفيس يا پي ڊي ايف جا فائيل بغير زپ ڪري موڪليندو ته به اهي متاثر نه ٿيندا۔۔ ها ڪمپيوٽر ۾ زپ ڪري رکڻ سان ڪافي فائدا ملندا۔۔
سافٽويئر جا ايگزي فائيل ڪمپيوٽر ۾ زپ ڪري رکڻ سان وائرسز کان محفوظ هجڻ سان گڏو گڏ هارڊ ڊسڪ جي زندگي به وڌائيندا آهن جو اسان جا اڪثر دوست ڊيفراگمينٽ استعمال ئي ڪونه ڪن۔۔۔ ها البته مفت ميل جي سهولت ڏيندڙ ڪمپنيون ڪنهن به اهڙي زپ فائيل کي سينڊ يا رسيو ڪرڻ نه ڏينديون آهي جنهن جي اندر ايگزي فائيل هجي۔۔۔۔
ايگزي فائيل دراصل ونڊوز ايپليڪيشن جو ايڪسٽنشن آهي۔۔۔ جڏهن ته اينڊروائيڊ آپريٽنگ سسٽم ۾ ڪا ايپليڪيشن انسٽال تڏهن ئي ٿي سگهندي آهي جڏهن ان جو ايڪٽينشن apk هجي۔۔۔ باقي آفيس يا پي ڊي ايف فائيلز کي ڏسڻ ۽ انهن ۾ معمولي ترميم لاءِ گوگل پلي اسٽور تي مختلف ايپليڪيشنس موجود آهن جيڪي اهڙي سهولت ڏين ٿيون۔۔۔
 
Back
Top