اينڊروائيڊ دراصل هڪ لينڪ بيسڊ آپريٽنگ سسٽم آهي جيڪو سمارٽ فونز ۽ ٽيبليٽ ڪمپيوٽرس ۾ استعمال ٿي رهيو آهي۔۔۔ جيڪو مختلف ڪمپنين بشمول
Google, HTC, Sony,Dell, Intel, Motorola, Qualcomm, Texas Instruments, Samsung Electronics, LG Electronics, T-Mobile, Sprint Nextel, Nvidia, ۽ Wind River Systems جنهن کي اوپن هينڊ سيٽ الائينس يا (OHA) پڻ چئجي ٿوطرفان تيار ٿي رهيو آهي۔ هن وقت هن الائينس ۾ 86 ڪمپنيون شامل آهن جن جي اڳواڻي گوگل وارن وٽ آهي۔۔۔
سن 2005 ۾ سڀ کان پهريان گوگل هن سافٽويئر کي خريد ڪيو هو۔۔۔ ۽ 2007 ۾ الائينس جوڙڻ کان پوءِ هن کي اوپن سورس طور ڊسٽريبيوٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو۔۔۔
هن آپريٽنگ سسٽم جي ڪاميابي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو هن وقت هر سافٽويئر ۽ هارڊويئر ڪمپني پنهنجي پروڊڪٽ مارڪيٽ ۾ آڻڻ وقت ان ڳالهه جو خاص خيال رکندي آهي ته سندس پروڊڪٽ اينڊروائيڊ آپريٽنگ سسٽم سان مطابقت رکندڙ هجي۔۔۔
هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مختلف ڊويلپر اينڊروائيڊ آپريٽنگ سسٽم لاءِ ايپليڪيشنس تيار ڪري رهيا آهن۔۔۔ ڪي پنهنجي پروڊڪٽ کي مشهور ۽ ڪسٽمر کي سهولت ڏيڻ لاءِ اهي ايپليڪيشنس مفت ۾ ڏئي رهيا آهن ته ڪي وري پروفيشنل ايپليڪيشنس تيار ڪري پيسن تي وڪڻي رهيا آهن۔۔۔
اهڙيون ايپليڪيشنس تيار ڪري وڪرو ڪرڻ ۽ مفت ۾ ورهائڻ لاءِ گوگل طرفان هڪ بهترين پليٽ فارم پڻ جوڙيو ويو آهي جنهن کي
گوگل پلي يا وري اينڊروائيڊ مارڪيٽ سڏجي ٿو۔۔۔۔
هڪ اندازي مطابق آڪٽوبر 2011 ۾ گوگل پلي تي 5،00،000 پنج لک ايپليڪيشن ڊائونلوڊ لاءِ موجود هيون جيڪي ڊسمبر 2011 تائين ٻيڻيون ٿي چڪيون هيون۔۔۔
هڪ سروي مطابق هيئنر تائين سموري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪندڙ موبائيل آپريٽنگ سسٽم اينڊروائيڊ ئي آهي ۽ هن وقت تائين فعال ڊيوائيسز جو تعداد اندازن 400 ملين تائين آهي۔۔۔ ان ۾ روزانو هڪ ملين جو اضافو ٿي رهيو آهي۔۔۔
هي ته هيو اينڊروائيڊ آپريٽنگ سسٽم جو مختصر تعارف۔۔۔
هتي هن موضوع ۾ انهن سڀني دوستن کي دعوت ڏجي ٿي جن وٽ مختلف اينڊروائيڊ آپريٽنگ سسٽم ڊوائيسز موجود آهي۔۔۔ ته اهي باقي دوستن خاص طور تي مون جهڙن نون ۽ سيکڙاهٽ اينڊروائڊ استعمال ڪندڙن لاءِ پنهنجي پسند جون ايپليڪيشنس مختصر وضاحت ۽ لنڪ سان موڪلن ته جيئن هڪ ئي موضوع ۾ رهي ڪري انهن کي ڊائونلوڊ ڪري استعمال ۾ آندو وڃي۔۔۔۔
اميد ته دوست ڀرپور حصو وٺندا۔۔۔