سنڌ حڪومت هڪ نئون ۽ حيرت انگيز فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين ڀرتين جا اختيار ڊپٽي ڪمشنر حوالي ڪيا ويا آهن۔ خبر ناهي ان جي پويان ڪهڙي منطق آهي ۽ فيصلو ڇو ڪيو ويو آهي۔ ان حوالي سان عوامي آواز جي خبر سڀني دوستن سان شيئر ڪجي ٿي۔
ڪراچي (رپورٽ: شڪيل نائچ) سنڌ سرڪار نين نوڪرين جي لاءِ هڪ حيران ڪندڙ فيصلو ڪيو آهي، جنهن هيٺ هاڻي ڊپٽي ڪمشنر پنهنجن ضلعن ۾ هڪ گريڊ کان 15 گريڊ تائين ڀرتيون ڪري سگهندا. ان نئين ۽ انوکي پاليسي جي منظوري سنڌ جي وڏي وزير ڏيئي ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ايس اينڊ جي اي ڊي پاران مصدق ميمڻ جي صحيح سان هڪ نوٽيفڪيشن نمبر NO.SORI(Sand GAD)11-7/74(DRC) ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ سرڪار هر ضلعي جي لاءِ سليڪشن ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪي مختلف وقتن تي ڀرتيون ڪنديون رهنديون. اهڙين سليڪشن ڪميٽين کي گريڊهڪ کان 15 تائين نين ڀرتين جو اختيار هوندو. سنڌ جي وڏي وزير (مجاز اٿارٽي) جي منظوري سان ”ضلعي ريڪروٽمنٽ ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن، جنهن جو چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر، ميمبرن ۾ لاڳاپيل کاتي جو ضلعي آفيسر (جيڪو هن ڪميٽي جو سيڪريٽري پڻ هوندو) ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) شامل هوندا. هن ڪميٽي کي صرف هڪ سٽ کي ٻڌل اختيار ڏنو ويو آهي ته هو هڪ گريڊ کان 15 گريڊ تائين ملازمن جون ڀرتيون ڪري سگهن ٿا. هن ليٽر جون ڪاپيون سڀني کاتن ۽ سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي موڪليون ويون آهن. هن ليٽر کان پوءِ مختلف کاتن ۾ مونجهارا پيدا ٿي ويا آهن ۽ حڪومت جي ان قدم کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته قانون موجب 16 گريڊ ۽ ان کان مٿي گريڊ جون ڀرتيون پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪرڻيون آهن ۽ ان کان هيٺ هڪ گريڊ کان 15 گريڊ تائين ڀرتيون لاڳاپيل کاتي کي پاڻ ڪرڻيون آهن. ان لاءِ سڀني کاتن ۾ ريڪروٽمينٽ ڪميٽيون پڻ ٺهيل آهن، پر ڊپٽي ڪمشنرن کي ڀرتين جا اختيار ڏيئي صوبائي کاتن کي عملي طور تي ڀرتين کان مڪمل ڌار ڪيو ويو آهي.