• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيد ارسلان ميمڻ جو ملال ڀريو انتقال جوکيو شفيق احمد

جوکيو شفيق احمد

سينيئر رڪن
شهيد ارسلان ميمڻ جو ملال ڀريو انتقال

اسان جي پياري مانواري پروفيسر نثار احمد ميمڻ
پرنسپال سي. اينڊ ايس. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور-سنڌ
وارن
جي معصوم ٻچڙي شهيد ارسلان ميمڻ ڌاڙيلن پهريون اغواء ڪيو هو، بعد ۾ ڀنگ نه ملڻ جي صورت قتل ڪري شهيد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هاڻ ماضيء جو باب بڻجي رب العالمين جي پار راه رمي چڪو آهي.
لکندي اکين منجهان ڳوڙها (رت) جهڙا ڳڙي پيا.
انا لله و انا اليه راجعون.
رب العالمين
کان دعا آهي ته رب ڪريم پنهنجي ٻاجهه سان گل جهڙي معصوم ارسلان ميمڻ کي پنهنجي ٻاجهه واري
جڳه ڀر ڀڪ ۾ ويهڻ نصيب ڪري ۽ سندس ڏکايل پيء اسان جي ساٿي پروفيسر نثار احمد ميمڻ صاحب کي صبر جي توفيق سگهه عطا ڪري. آ
آمين ۽ پڻ قاتلن ظالمن کي باه ۾ غرق ڪري عذاب ڪري جو وري ڪو معصوم قتل نه ٿئي.
پاران:
پروفيسر
جوکيو شفيق احمد
پريزيڊنٽ
سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررس ايسوسيئيشن،
لياري ٽائون (ڊسٽرڪٽ سائوٿ)
ڪراچي، سنڌ
 
انا لله وانا اليه راجعون

الله تعالا ارسلان جي وارثن کي صبر جميل عطا ڪندو ۽ سندس قاتلن کي هن جهان ۽ هن جهان ۾ عذاب جي باهه جي حوالي ڪندو ۔۔۔ آمين

ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾ ۔۔۔۔
 
ڏک ڪنهن کي ناهي ٿيو ۔۔۔۔ سچ ته اهڙا واقعا جيء جهوري وجهن ٿا۔

اسان ارسلان جي پوئنيرن سان ڏک ۾ شريڪ آهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top