جيڪڏهن فيس بوڪ توهان کي مرحوم سمجهي ... ته ڇا ڪجي..؟

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    فيس بوڪ طرفان ڪجهه سال اڳ گذاري ويل ماڻهن لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو هو۔۔۔ جنهن تحت رپورٽ ڪرڻ تي وفات ڪيل ماڻهن جي پروفائيل کي Memorializedحالت ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي۔۔۔ ان طرح وفات ڪندڙ ماڻهون جي کاتي کي ڪير به استعمال نه ڪري سگهندو آهي۔۔۔ ۽ ان جا يار دوست ۽ مٽ مائٽ ان جي پروفائيل کي ڏسي ان تي تعزيتي پيغام وغيره بهي ڇڏيندا آهن۔۔۔

    ڏٺو وڃي ته اهو هڪ بهترين فيچر آهي۔۔ ان طرح توهان پنهنجي وڇڙندڙ دوست کي ياد رکي سگهندا آهيو۔۔ ان جي طرفان شيئر ڪيل تصويرون ۽ وڊيوز ڏسي پراڻيون يادون تازه ڪندا آهيو۔۔ پر جناب مسئلو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪجهه ماڻهن مذاق ۽ ڀوڳن ۾ فيس بوڪ انتظاميه کي رپورٽ ڪري ڇڏي ته انهن جو دوست وفات ڪري ويو آهي۔۔۔ ان ڪري سندس کاتو بند ڪيو وڃي۔۔۔
    ۽ پوءِ جڏهن فيس بوڪ کاتي جي مالڪ لاگ ان ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس ٻڌايو ويو ته جناب توهان مري چڪا آهيو ان ڪري پنهنجو کاتو نه ٿا ڏسي سگهو ۔۔۔
    ائين ته وڏي مشڪل ٿي ويندي۔۔۔ فيس بوڪ طرفان هڪ هيلپ سينٽر ته ترتيب ڏنو ويو آهي پر عام طور تي ان کي استعمال ڪرڻ ۾ ڪافي مونجهارا آهن۔۔ ۽ انهن کي مطلوبا معلومات ملي نه سگهنديون آهن۔۔ ان کان علاوه فيس بوڪ انتظاميه سان رابطي جو ڪو ٻيو ذريعو موجود ئي ناهي۔۔۔

    گهٻرايو نه دوستو ۔۔۔! جيڪڏهن توهان سان به دوست مذاق ڪندي توهان جي رپورٽ ڪندي فيس بوڪ هٿاران توهان مرحوم بنائين ته توهان جي مشڪل کي آسان ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ توهان هن لنڪ تي اچي پنهنجي مطلوبا معلومات ڏئي پنهنجو کاتو واپس ورائي سگهو ٿا۔۔۔

    [​IMG]
    هوئن اميد ته آهي ته شايد توهان سان اهڙي صورتحال اڳ پيش نه ٿي هجي ۔۔۔ پر ٿي سگهي ته ڪو دوست توهان سان اهڙي مذاق ڪري ئي ڇڏي۔۔۔ ۽ ٿي سگهي ته ادا سليمان وساڻ کلندي دانهن ڪري ته اڳ ته ان ڳالهه جي ڪنهن کي خبر ئي نه هئي ۽ هاڻي هن موضوع کي پڙهي هٿ سان دوستن کي دعوت پئي ڏجي ته اهي پنهنجي دوستن جي پروفائيل جي رپورٽ ڪري انهن کي مرحوم بڻائين۔۔۔ ته اهڙن دوستن کي جيڪي واقعي ئي اهو سوچي رهيا آهن۔۔۔ ٻڌائيندو هلان ته فيس بوڪ جي پاليسي مطابق جيڪڏهن توهان غلط بياني ڪندو ۽ بعد ۾ اهو جرم ثابت ٿئي ته توهان کي ان جي سخت سزا ڏني ويندي ۽ ٿي سگهي ٿو توهان جو ۽ توهان جي آئي پي سان ڪو ٻيو کاتو به ڊليٽ ڪيو وڃي۔۔۔ ان ڪري دوستو اهو سوچجو به نه۔۔۔
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها

    هل سائين ۔۔۔۔۔۔۔ ڳالهه الائي ڪٿي وڃي پهتي آهي۔ بابل سائين پارت اٿو هاڻي ته اوهان مشهوري ڪري ڇڏيو ڪٿي اسان کي به نه مرحوم بڻائي ڇڏيو۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو