سنڌ سلامت جي سڄي سنگت کي سلام قبول پون ۔ يقينن هڪ بهترين فورم آهي ۔ هي فورم ٺاهڻ وارن کي منهنجي طرفان لک وڌايون هجن۔ اسان ب هن فورم کي پهنجي طرفان مشهور ڪرڻ لاء ڪاب ڪسر ن ڇڏي آهي ۔ اسان جي اها ڪوشش آهي وڌ م وڌ سنڌي هن فورم تي اچن ۽ پهنجو پنهنجي علائقي جو حال احوال شيئر ڪن ۽ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي بحث مباحثوڪن. جاويد حسين ڀٽي بي ايس (آء ٽي)، ايم بي اي (فائننس) اسسٽنٽ مينيجر آء ٽي باواني گروپ آف ڪمپنز
ادا جاويد حسين ڀٽي صاحب توهان کي هن فورم تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار اميد ته هن فورم تي ساٿ سلامت رهندو 241 اٽيچمينٽ ڏسو
سنڌ سلامات جي هن محبتي اڱڻ تي توهان کي ڀليڪار ڪيون ٿا، اميد ته پنهنجي لکڻين سان اسان جي ڄاڻ جي خزاني ۾ واڌارو ڪندا، جتي به هجو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندا رهو۔
ادا منظور صاحب توهان جا لک ٿورا ڀليڪار چوڻ تي. هي محبتي اڱڻ سدا جرڪندو رهندو۽ اسان هن اڱڻ کي سينگارڻ ۾ ڪا ڪسر ن ڇڏيندا سين.
محترم جاويد حسين صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
محترم جاويد حسين سائين،، سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اوهان کي لک لک بسملاهيون.... اُميد ته اوهين به ٻين دوستن جيئان سنڌ سلامت جي اڱڻ کي اُجارڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏيندا..... ڀلي ڀلي ڪري آيا دوست....
هڪ پاسي مينهن آ تيرن جو ۔ ٻئي پاسي ڄار زنجيرن جو. اي جيجل هڪڙو سرڙو آ ـ جنهن تي ب آ قبضو اميرن جو. جي هٿ اٿن ٿا هٿڪڙيون ـ جي پير چرن ٿا ت زنجيرون. جي وات ڪڇي ٿو ڪنڌ لهي ـ اي سنڌڙي تنهنجي اسيرن جو. جي سچ چئون ٿا ڪوڙن کي ان مهل ئي سولي تي لٽڪئون. ڪيئن ڪوڙ ڳالهايان جيجلل ڪيئن ڪيان سودو ضميرن جو. ساڄي کان ڏونگر ڏونگر ڏاڍايون کاٻي کان جبل ۽ جلدايون. چئو طرف ظلم جا ڪوٽ ڪڙا قانون ب آ بي پيرن جو.
دوست جاويد حسين کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔