• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇي ڇٽي يا شي شٽي؟

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
بدين ضلعي جي پڇاڙڪي علائقن سان تعلق هوندي اسان ته آهيون آئون ۽ توهان چوڻ وارا۔ اپر سنڌ وارا وري تهَان ۽ مان چون۔ پر اپر سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ ڇ کي ش چوڻ جو هڪ عجيب رواج آهي۔ ۽ هو ڪڏهن مڃين به نه ٿا ته اهو عجيب آهي۔ منهنجو راڻيپور جو هڪ ڪلاس فيلو مڇي کي مشي، ڇيلو کي شيلو چوندو هو۔ ۽ ڏاڍو ڪانفيڊنٽ هو ته هو صحيح آهي۔ منهنجو ڪو سنڌي ادب ۾ ڪورس ناهي ٿيل جنهن بنياد تي ويهي کيس دليل ڏيان۔ پر اها حيرت ضرور هئي ته هُن وٽ جڏهن ڇ ۽ ش ٻئي شي جو اُچار ڏين ٿا ته پوءِ سنڌي الفابيٽ ۾ اهي ٻه اکر ڇو رکيا ويا؟ هڪڙو ئي هجي ها۔ جڏهن اهي ٻه آهن ته انهن ۾ ڪو ته فرق ضرور هوندو۔ ۽ جي هوندو ته گهڻو ئي هوندو ڇو ته انهن جي مشي چوڻ ۾ شي جو آواز شڪل چوڻ واري ش ۾ به ساڳيو آهي۔

انهي تي ٻه دلچسپ جُملا به آهن ”مڇي کي پُڇ مان جهليم ڇپڪو ڏيئي ڇڏائي وئي۔“ جنهن اسان وارا اهي يار هيئن پڙهن ٿا۔ ”مشي کي پُش مان جهليم شپڪو ڏيئي شڏائي وئي۔“

يا وري ”ڇاڇري جي اسڪول جا ڇهه ڇوڪرا ڇهه ڏينهن موڪل وٺي ڇور ويا“ ظاهر آهي اهو هيئن پڙهيو ويندو ”شاشري جي اسڪول جا شهه شوڪرا شهه ڏينهن جي موڪل وٺي شور ويا۔“

اڄ صبح سچل ڳوٺ جي هڪ پڪوڙائي جي دڪان تي لڳل هي پنو ڏسي پڪ ٿي ته هي پڪوڙائي يا وري اهو لکندڙ پڪ انهن يارن مان آهي۔ ڏسو نه؟ لکي ٿو شولا پليٽ به آهي۔

هاڻي وڌيڪ مستند راءِ سنڌي ادب ۽ ٻولي جي ڄاڻو اسان جي محترم نثارابڙو پاران ايندي۔

 
ڪجه دوست لاڙ جا ب عجيب آهن . ٽوال کي توليو چوندا
سور کي لٻڙ چوندا
وهنجڻ کي وهچڻ چوندا
بس سنڌي ٻولي هر علائقي جي پنهنجي پنهنجي ٿي وئي آهي
 
ٻوليء جي لهجي تي اڳ ئي گهڻو ڪجهه ڇپجي چڪو آهي ۽ حفيظ پاران پيش ڪيل ٻويء جي اچارن تي اڪثر بحث ٿيندو آهي۔ پر پوء به مون ڪيترن سگهڙن کي به ڇ کي ش اچاريندي ٻڌو آهي۔


      1. وچولي لــجي جي حقيقت بابت
سنڌ ملڪ جي وسعت سبب ان جي ٻوليءَ جا لـﮨـجا به ايڏي وسعت رکن ٿا؛ توڻي جو سـﮨـڻيءَ جيان سنڌ ڀاڱا ٿيندي به اهي لـﮨـجا پنـﮨـنجي سونـﮨـن ۽ حيثيت اڄ به برقرار رکي سگھيا آهن. انهن ايڏن لـﮨـجن جو پاڻ ۾ ربط قائم رکڻ لاءِ هڪ اهڙي لـﮨـجي کي معياري لـﮨـجو ڀانيو ويندو آهي جيڪو ٻوليءَ جي مڪمل سونـﮨـن کي برقرار رکي سگھي، جنـﮨـن ۾ ٻوليءَ جي نحوي بناوت کان علاوه، بنيادي ڳالهه آوازن جي هوندي آهي. جيئن: ’ڇوڪرو‘، ’شوڪرو‘ يا ’چوڪرو‘ لفظن ۾ ’ڇ‘، ’ش‘ ۽ ’چ‘ هڪٻئي جا عيوضي آواز(Allophones) آهن، ته ڇونه اسان ان جڳـﮨـه تي پنـﮨـنجي عربي- سنڌي آئيويٽا تان وزن جھڪو ڪري ’ش‘ آواز کي ميساري صرف ’ڇ‘ ۽ ’چ‘ کي عيوضي آواز(Allophones) جو درجو ڏيون! پر جيئن ته اهي ٽئي آواز ٻوليءَ جي لفظن ۾ مونجھارن پيدا ڪرڻ سبب صوتئي جي حيثيت پڻ رکن ٿا، ان صورت ۾ اهو ممڪن ناهي ته اهڙن آوازن مان ڪنـﮨـن هڪ- اڌ کي پنـﮨـنجي آئيويٽا مان خارج ڪرڻ لاءِ سوچي به سگھجي!
حقيقت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڪوبه اهڙو لفظ ناهي جيڪو ’ڇ‘ ۽ ’ش‘ ۾ فرق ڪندو هجي، سواءِ سنڌي ۽ عربي لفظن جي؛ جيئن: ڇِرڪ ۽ شِرڪ! پر جيئن ته اهو هڪ علمي بحث آهي ۽ ٻوليءَ جي نفاست ۽ نزاڪت جو سوال آهي ان لاءِ اهڙن آوازن کي به آئيويٽا ۾ جاءِ ڏيڻ لازمي هوندو آهي. هندي ٻولين جي جاگرافيائي اثر سبب ’ر‘ جي ادغام وارا مورڌني آواز ’ٽر، ڊر ۽ ڍر‘ جيڪي علمي طور تي صوتيه سمجھيا وڃن ٿا ۽ ديسي گڏيل آوازن (پـﮨـريون ساڪن ٻيو متحرڪ) جي زمري ۾ اچن ٿا؛ جن تي اصولي طور ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب به بحث ڪري چڪو آهي- سواءِ مذڪوره گڏيل ديسي آوازن جو شمار ڪندي- تن کي به سنڌي ٻوليءَ ۾ حيثيت آهي يا هجڻ گھرجي. علمي لحاظ کان اهڙا سڀ خيال رکي ڪري ڪنـﮨـن به ٻوليءَ جي لـﮨـجي کي معياري ڀانئي ’معياري لـﮨـجو‘ مقرر ڪيو ويندو آهي. مختلف ٻولين جي معياري لـﮨـجن جو جائزو وٺندي اها به ڳالهه اڪثريت سان ڄاتي وئي آهي ته اُنهن ٻولين جا معياري لـﮨـجا ان خطي جي وچ وارن لـﮨـجن کي ئي ڀانيو ويندو آهي. ان جي سببن ۾ اهم سبب، مڙني لـﮨـجن جي آوازن جي وجود ۽ بنيادي نحوي بناوت سان، هڪٻئي سان رابطا هوندا آهن.
سنڌ ملڪ ۾ حاڪميءَ جي مختلف دؤرن سبب ڪڏهن اتر، ته ڪڏهن لاڙ، ته ڪڏهن وري وچولو يا ٻيا پاسا حاڪميءَ جا مرڪز رهيا آهن. ان سبب اهي لـﮨـجا سرڪاري ماڻ ۾ پئي تُريا، جنـﮨـن جو مثال حيدرآباد ۽ ان جي آسپاس آهي، جيڪو آخري حڪمرانيءَ جي دؤر ۾ ميرن ۽ بعد ۾ انگريزن جو منظور نظر رهيو. ان بنياد تي ان کي ئي معياري لـﮨـجي/ وچولي لـﮨـجي جي زمري ۾ آڻڻ ڪا چڱڀلائي ڪانهي. جڏهن علمي طور تي ٻوليءَ جو اڀياس جديد علم جي بنياد تي ڪيو وڃي ٿو ته ان جي معياري لـﮨـجي جو تعيّن به ائين ئي هجڻ گھرجي؛ ٻي صورت ۾ ٻوليءَ جي اصل سونـﮨـن ۽ نزاڪت کي چيڀاٽڻ مثل آهي. اهڙي هٺ ڌرميءَ سبب اڄ به ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ ڪافي مونجھارا بي رخيءَ جي ور چڙـيل آهن، ڇو ته اسان وٽ معياري/ وچولي لـﮨـجي جو احاطو بڻيل ڪونهي؛ پوءِ ڪڏهن حيدرآباد جي آسپاس ته ڪڏهن ساهتي! حالانڪ لـﮨـجي آهر حيدرآباد ۽ ساهتيءَ جي لـﮨـجن ۾ کوڙ ساٿرو فرق آهي.
 
جيها سي تيها مارو مون مڃيا ۔
منهنجي مٺڙي ٻولي جا ڀانت ڀانت جا لهجا ڏاڍا پيارا آهن هر لهجي جو پنهنجو پنهنجو ذائقو آهي ان لهجن تي سگهوئي لکندس ، هن وقت بجلي جي وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي ۔
 
ڪجه دوست لاڙ جا ب عجيب آهن . ٽوال کي توليو چوندا
سور کي لٻڙ چوندا
وهنجڻ کي وهچڻ چوندا
بس سنڌي ٻولي هر علائقي جي پنهنجي پنهنجي ٿي وئي آهي

شايد منهنجي ليک مان اهڙو تاثر اُڀريو ڄڻ ته آئون لاڙين جو پاسو کڻي اتر وارن جي گِلا ٿو ڪريان، جڏهن ته ايئن هيو ڪونه۔ مون کي حيرت رڳو اها آهي ته جڏهن هڪ ئي آوز آهي ش (جيڪي ايئن ڳالهائين ٿا) ته پوءِ ڇ جي ڪهڙي اهميت آهي۔ ايتريقدر جو هاڻي ڪن ڄڳهن تي ڇ جي بجاءِ ش لکيو پيو وڃي جيئن مٿي ڏنل تصوير ۾ الغازي سوئيٽس ۾۔ جنهن کي اسان واري يار حسبِ عادت ٿورو غلط پڙهندي اسان جي مائٽن سان ڳنڍي ڇڏيو۔ ها يار اسان وارو عرس پريو ۔ سدائين تڪڙ ۾ پڙهي انهي کان تڪڙو جواب ڏيندو آهي پوءِ پيو آ لڪندو
 
هههههههههههههههه ۔۔۔۔ جڏهن ملندا سون ته ان مڇي جو ڀت رڌينداسون، ڇڏينداسون ڪون ۔۔۔۔۔۔ باقي ٺهي نه ٺهي وٺ رينگٽ کي ۔۔۔ پاڻ نه ڇ تي اعتراز نه ش تي ۔۔۔ سڀ اکين تي ۔۔۔۔
 
حادثاتي طور تي جڏهن ايم اي سنڌي ادب ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي ته پاڻ پڙهڻ ته ڪون آيا هياسون، ارادو هو سنڌي نوجوانن کي ڪراچيءَ يونيورسٽي ۾ آڻڻ ۽ تعداد وڌائڻ، انڪري جنهن به مضمون ۾ داخلا ملي سا وٺي ڇڏي ۔۔۔۔ خئير اڳتي هلي حادثاتي طور تي سنڌي ادب تي پڙهڻو پئجي ويو، جو امتحان به ڏيڻو هو ۽ ڪنهن تي رعب به ويهارڻو هو پاڙهو پٽ ٿيڻو پيو ۔۔۔

ايم اي ڪرڻ دوران هڪ مضمون پڙهندا هياسون، لسانيات ”لنگيسٽڪ“، ان مضمون پڙهندي ڪجهه ڄاڻ پئي ته ٻوليون ڪيئن ٺهنديون آهن، انهن جي بناوٽ ڪيئن چڪاسبي آهي ۽ ٻولين تي مختلف ڏاهن جا قول ۽ قرار پڙهياسون ۔۔۔ مطلب ايم اي دوران لسانيات تي هڪ ڪتاب پڙهايو ويو ۔۔۔ الله الله خئر صلح

انکانپوءِ جڏهن حادثاتي طور تي آءُ برطانيا پهتس ۽ اسڪاٽلينڊ جي شهر ايڊنبرگ ۾ رهڻ ٿيو ته؛ دل چاهيو ته ايڊنبرگ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺان، سوچيم ته لسانيات جو مضمون تمام اهم آهي ۽ سنڌ ۾ ان تي ڪو ڪم ٿيل ڪونهي ڇونه ان ۾ طبع آزمائي ڪجي ۔۔۔ هليو ويس يونيورسٽي، استقبالي ڪائونٽر تان معلوم ڪيم ته لسانيات ۾ داخلا لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو ته انهن مونکي پريان هڪ عمارت ڏانهن اشارو ڪيو ته اها لسانيات جي فيڪلٽي آهي۔

ان عمارت ۾ ويس ته ڪراچي يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ جيتري وڏي عمارت جنهن ۾ صرف علوم لسانيات پڙهايا ٿي ويا ۔۔۔ ليبارٽريون، ميوزڪ جا سامان، ۽ ٻيون الائجي ڪهڙيون ڪهڙيون مشينون پيون هيون، مونکي حيرت ٿي ته هي لسانيات جو شعبو آهي يا ڪو ٽي وي اسٽوڊيو ۔۔۔ يا پنهنجو پاڻ يونيورسٽي ۔۔۔

خئير جڏهن پروفيسر منهنجو انٽرويو ورتو ته خبر پئي ته مون کي اڃان ادب جي ڪا ڄاڻ ئي ناهي ۽ خاص ڪري لسانيات جي بابت پڙهيل ڪتاب پرائمري درجي کان به گهٽ حيثيت رکندڙ آهي۔ انڪري مونکي لسانيات پرائمريءَ کان پڙهڻي پوندي ۽ انجي خرچ جو ڪاٿو ٿيو ته منهنجي پوري خاندان جي ڪمائي به پوري ڪون ٿي پئي ۔۔۔ سو مون خيال مٽايو ۔۔۔

حاصل مطلب ته دنيا جي يونيورسٽيز ۾ ٻولين تي سائنسي طور کوجنائون ٿينديون آهن، انهن کي جديد تر ڪرڻ لاءِ عمل ٿيندا آهن، انهن ۾ کوٽ يا انهن ۾ موجود وڌاءَ تي بحث ٿيندا آهن ۽ ان بابت ڄاڻ مهيا ڪئي ويندي آهي۔ جديد علمن جون گهرجون پوريون ڪيون وينديون آهن ۔۔۔۔۔۔

ان جي برعڪس اسانجي ملڪ ۾ ،،،،، ” ڍڳي جو ملهه هزار، ڍڳو هر نه هلي“

وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو ۔۔۔۔
 
ها ادا اها ته توهان جي ڳالهه صحيح آهي ته جهڙو ديس ته تهڙو ويس جيان آهي ته ٻولي به ائين آهي ڇو جو مونکي به ايترو اندازو نه ادب سان نه آهي پر پو به منهنجو هڪ دوست لاڙڪاڻي جو آهي جيڪو اڪثر مڇي کي مشي چوندو هو جيڪو واقعي ئي عجيب مخفف ٿئي ٿو ڇو ته ش ۽ ڇ ۾ هڪ وڏو فرق آهي۔
 
ٻولين ۾ فرق هڪ فطري عمل آهي جيڪو ڪجهه مفاصلي کان پوء ٿورو ٿورو فرق نظرايندو آهي سنڌي ٻولي جيڪا ڪتابي طور استعمال ٿئي ٿي ان ۾ ڇ جو آواز ش نه ٿو لکيو وڃي. انگريزي ۾ به ڪافي فرق محسوس ٿيندو آهي جيڪو اوهان کي معلوم هوندو جيئن ڪلر جي اسپيل color ۽ Colour يا Honorable ۽ Honourable وغيره. اهڙي طرح عربي سعودي مصر شام جي لفظن لهجي ۾ ڪافي فرق آهي۔
 
ٻولين ۾ فرق هڪ فطري عمل آهي جيڪو ڪجهه مفاصلي کان پوء ٿورو ٿورو فرق نظرايندو آهي سنڌي ٻولي جيڪا ڪتابي طور استعمال ٿئي ٿي ان ۾ ڇ جو آواز ش نه ٿو لکيو وڃي. انگريزي ۾ به ڪافي فرق محسوس ٿيندو آهي جيڪو اوهان کي معلوم هوندو جيئن ڪلر جي اسپيل color ۽ Colour يا Honorable۽ Honourable وغيره. اهڙي طرح عربي سعودي مصر شام جي لفظن لهجي ۾ ڪافي فرق آهي۔
صحيح ٿا چئو اوهان۔ بلڪل صحيح مثال ڏنو اوهان۔ عربي ۾ به ض ۽ د جا آواز تقريبن هڪ جهڙا آهن۔ ايئن سنڌي ۾ ڇ ۽ ش جا آواز ساڳي ڪجهه علائقن ۾۔
 
دوستن جا تفصيلي ۽ دلچسپ جواب پڙهيا ۔۔۔ سنڌي زبان ۾ اکرن جو ڦير آهي ته لفظن جو ڦير به آهي ۔۔۔ هڪ دفعي ٽرين ذريعي ڳوٺ وڃي رهيو هيم۔۔۔ برٿ سان گڏ سيٽ به هئي ۔۔۔ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ هيو پر ڪوٽڙي کان ٽرين اصل ڀرجي وئي۔۔۔ مردن سان گڏ عورتون به ٽرين ۾ چڙهيون۔۔۔ اڳ ٽرين ۾ مستورات نالي عليحده ڊٻا هوندا هئا پر هاڻي ته پوري ٽرين نظام جو ئي سنگت واقفيت رکندي هوندي۔۔۔ مون جلدي ئي پنهنجي بوڪ ڪرايل ڀرت تي قبضو ڪيو ۔۔ متان سيٽ وانگر اها به هٿن مان وڃي ۔۔۔ ٽرين هلڻ شروع ڪيو پر هيٺ موجود عورتن جو آواز نه رڪيو۔۔
خير سائين نثار ابڙو جي ڳالهه وانگر وٺ رينگٽ کي ته۔۔۔ عورتن گفتگو دورن هڪ لفظ کي ٽي چار دفعا ورجايو۔۔۔ منهنجي چهري تي به مسڪراهٽ اچي وئي ۔۔۔ لفظ هيو۔۔۔ ”حدس“۔۔ اسان عام طرح ان کي ”حسد“ چوندا آهيون۔۔۔
خير ڳالهه رڳو ڇ يا ش کي تبديل ڪرڻ جي ناهي۔۔۔ پر ڪجهه هنڌن تي ز ۽ ذ جي آواز کي به تبديل ڪندي ج سان ڪڍيو ويندو آهي ۔۔۔ جهڙوڪ جيشان، جليخان وغيره وغيره اڪثر هن اکر جي تبديلي سنڌي هندن جي واتان ٻڌندي محسوس ٿي آهي۔۔۔ ڇا توهان به اهڙين تبديلين کي ٻڌو آهي۔۔۔ ؟
 
دوستن جا تفصيلي ۽ دلچسپ جواب پڙهيا ۔۔۔ سنڌي زبان ۾ اکرن جو ڦير آهي ته لفظن جو ڦير به آهي ۔۔۔ هڪ دفعي ٽرين ذريعي ڳوٺ وڃي رهيو هيم۔۔۔ برٿ سان گڏ سيٽ به هئي ۔۔۔ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ هيو پر ڪوٽڙي کان ٽرين اصل ڀرجي وئي۔۔۔ مردن سان گڏ عورتون به ٽرين ۾ چڙهيون۔۔۔ اڳ ٽرين ۾ مستورات نالي عليحده ڊٻا هوندا هئا پر هاڻي ته پوري ٽرين نظام جو ئي سنگت واقفيت رکندي هوندي۔۔۔ مون جلدي ئي پنهنجي بوڪ ڪرايل ڀرت تي قبضو ڪيو ۔۔ متان سيٽ وانگر اها به هٿن مان وڃي ۔۔۔ ٽرين هلڻ شروع ڪيو پر هيٺ موجود عورتن جو آواز نه رڪيو۔۔
خير سائين نثار ابڙو جي ڳالهه وانگر وٺ رينگٽ کي ته۔۔۔ عورتن گفتگو دورن هڪ لفظ کي ٽي چار دفعا ورجايو۔۔۔ منهنجي چهري تي به مسڪراهٽ اچي وئي ۔۔۔ لفظ هيو۔۔۔ ”حدس“۔۔ اسان عام طرح ان کي ”حسد“ چوندا آهيون۔۔۔
خير ڳالهه رڳو ڇ يا ش کي تبديل ڪرڻ جي ناهي۔۔۔ پر ڪجهه هنڌن تي ز ۽ ذ جي آواز کي به تبديل ڪندي ج سان ڪڍيو ويندو آهي ۔۔۔ جهڙوڪ جيشان، جليخان وغيره وغيره اڪثر هن اکر جي تبديلي سنڌي هندن جي واتان ٻڌندي محسوس ٿي آهي۔۔۔ ڇا توهان به اهڙين تبديلين کي ٻڌو آهي۔۔۔ ؟

اهڙا آواز بالڪل ٻڌندا آهيون ليڪن اهي درست نه آهن ڪي ويچارا سنڌي سٻاجها اڻ پڙهيل هوندا آهن اهي کوڙ سارا غلط لفظ ڳالهائيندا آهن جيئن مسجد کي مسيت تصديق کي تقصيد زخم کي جخم وغيره اهڙا لفظ اگرچه ڳالهايا وڃن ٿا ليڪن اهي تعليمي لحاظ سان درست نه آهن۔
 
Back
Top