اڄ جي موسم

نادر عباسي

سينيئر رڪن
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جهڙالي موسم ماڻهن تفريحي ماڳن جو رخ ڪيو آهي. جهڙ سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي ۽ گرمي جو زور پڻ ٽٽي پيو آهي، جنهن سبب لوڊشيڊنگ جي ستايل عوام سک جو ساهه کنيو آهي.. موسم بهتر ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن تفريحي ماڻهن جو رخ ڪيو آهي ۽ راڻي باگن ۽ پارڪن ۾ ماڻهن جا ميلا لڳل آهن. ٻئي پاسي، موسميات کاتي طرفان سامونڊي پٽي ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جتي تيز هوائن جو سلسلو جاري آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، ٺٽي ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پئجي سگهي ٿي.

246 اٽيچمينٽ ڏسو
 
بس اها دعا آهي ته برسات رحمت واري ٿي پوي ۽ ماڻهن لاء خوشيون کڻي اچي ۔۔۔
 
Back
Top