ياد تون ٿو اچين.۔۔

اظهار جسڪاڻي

سينيئر رڪن
ياد تون ٿو اچين…
ڏسان جنهن پار ياد تون ٿو اچين،​
هر پل تنهنجي سار، ياد تون ٿو اچين.​
ٻڌان ڪو شعر، ڪنهن عاشق وٽان،​
ڪيان جي ويچار، ياد تون ٿو اچين،​
ٻڌي ذڪر تنهنجو، ٿيان ٿو اداس،​
سوچان بار بار، ياد تون ٿو اچين.​
ڏسي ساٿ ڪنهنجو دل روئي ڏنو،​
هاڻي لھُ ڪا سار، ياد تون ٿو اچين.​
دعا جي گهران ٿو مان هٿڙا کڻي،​
ڇُٽي هر پچار، ياد تون ٿو اچين.​
ڪريان ٿو نماڻو عرض هي 'اظهار'،​
موٽي اچ منٺار، ياد تون ٿو اچين.​
 
ڏسي ساٿ ڪنهنجو دل روئي ڏنو،
هاڻي لھُ ڪا سار، ياد تون ٿو اچين.
واهه واهه ۔۔۔ تمام سهڻو اظهار، خوبصورت احساس، سهڻي شاعري​
 
Back
Top