• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڀني سنڌي ليکڪن کي هڪ ٿي ڪٺو ڪم ڪرڻ جي دعوت عام

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سنڌي ميڊيا رائٽرس گلڊ
توهان هن گروپ ۾ پنهنجي پنهنجي علائقي جي ليکڪ ۽ ان جي لکڻين بابت تفصيل لکندا ته جيئن انهب بابت ڄاڻ پوي گڏوگڏ ڪاٿو ڪري سگهجي ته سهڻي سنڌ سڳوري ڪيترن ڪاتبن، ليکڪن، مسنصفن، ڪهاڻي ڪارن، ڊراما نگارن، سياسي ڪالم لکندڙن، چرچه ڀوڳ لکندڙن، وغيره سان ڀريل آهي
 
ڪم ڀلو ۽ نيت ۾ به ڀلائي هوندي ۔۔۔۔ پر ڇا سنڌي ڪنهن به فڪر سان سلهاڙيل هجن، هڪ هنڌ گڏ ٿي سگهندا ۔۔۔۔۔؟؟؟؟؟ قلم ڌڻي ته هن وقت وڌيڪ ڇڙوڇڙ ۽ حالتن جي آڏو پنهنجا قلم مڏا ڪري چڪا آهن ۔۔۔ انڪري ته هن وقت فيسبڪ ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ڪو نامي گرامي اديب نظر نٿو اچي جيڪو سنڌي فڪري ترقي تي رهنمائي ڪندو هجي ۔۔۔۔ سڀ ڀاڙ جا تنمبا ۔۔۔ الله خئير ڪندو ۔۔۔ اوهانجو ڀلو ڪم آهي، دعا آهي ته پورو ٿئي ۔۔۔
 
ڪم ڀلو ۽ نيت ۾ به ڀلائي هوندي ۔۔۔۔ پر ڇا سنڌي ڪنهن به فڪر سان سلهاڙيل هجن، هڪ هنڌ گڏ ٿي سگهندا ۔۔۔۔۔؟؟؟؟؟ قلم ڌڻي ته هن وقت وڌيڪ ڇڙوڇڙ ۽ حالتن جي آڏو پنهنجا قلم مڏا ڪري چڪا آهن ۔۔۔ انڪري ته هن وقت فيسبڪ ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ڪو نامي گرامي اديب نظر نٿو اچي جيڪو سنڌي فڪري ترقي تي رهنمائي ڪندو هجي ۔۔۔۔ سڀ ڀاڙ جا تنمبا ۔۔۔ الله خئير ڪندو ۔۔۔ اوهانجو ڀلو ڪم آهي، دعا آهي ته پورو ٿئي ۔۔۔
بلڪل حقيقت ۽ سچائين کان انڪار ڪونهين! بس قدم اڳتي وڌائي هلڻو آ، سمجهندي به ته منزل جي بيشڪ خبر ناهي متان ڪٿي منزل ملي وڃي بقول شاه سائين جي ”ڳوليان ڳوليا م لهان شال م ملان هوت من اندر جي لوچ ماٺي ٿئي” هت به اهڙو ئي حال آهي، بيشڪ” رڍن اڳيان رباب ئي وڄائڻا آهن، ڀلا جيڪا قوم ستر هزار سالن جي زندگي جو نعرو هڻي به جهالت جي اونداهي ۾ غرق هُجي ان کي اسان جا هي 50 سٺ ورهه ڪيئن ٿا دڳ لائي سگهن۔۔ ”بس اديون واڪا ڪرڻ مون وس“ رهي ڳالهه نامياري اديبن جي جي کوجنا ڪنداسون ته ڪو هڪ مضمون هوندو جن کين ناميارو ٺاهي پڏرايو آهي ۽ ڪي ته درٻاري ليکڪ به آهن، سو اهي ايندا ويندا رهندا جي هو سوشل نيٽ ورڪ تي لهه وچڙ ۾ نٿا اچن ته پاڻ خودڪشي ڪن ٿا، ڇو جو بادشاه جي بادشاهت ته رعيت سان آهي، پر جي ڪو شراب جو لوٽا پي، پوڙهائپ ۾ ڪنهنجو موت هُجي يا خوشي پنهنجي پاڻ ٽٻي هڻي ٿو ته ڇا ٿو ڪري سگهجي۔ اسانکي ته بس اهڙا ليکڪ وري تيار ڪرائي ميدان ۾ آڻڻا آهن ڇو جو انگريزي ڪلچر حاوي ٿيندو وڃي، زبان چمڙي جي ڦسلجندي ٿي وڃي۔۔ متان ڪي جنريشن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي جي وٺي، ڪراچي جون حالتون ۽ هن گورنمنٽ جي مجبورين تحت ته لڳي ٿو سنڌ جلدي وڃائي ويهنداسون ۽ پو مٿان ڪو هندستاني ديوانن وانگر سنڌ جي سڪ ۾ پنهنجي جنريشن کي لوليو ڏئي ته بابا۔۔ پنهنجي زندگي ۾ سنڌ ضرو وڃجئين ۽ جي وڃي ته ٽي شيون ضرور وڃجئين، هڪ سنڌي اجرڪ، ٻيوپ سنڌي پلو ۽ ٽيو سنڌي ماڻهون، هو ويچارو آيو به ته سنڌ سُڪي چُڪي هُئي دريا پلو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو هو، اجرڪ مشينن تي ٺهڻ لڳي هُئي شايد ڪاريگر فنا ٿي چُڪا هُئي يا ڪيا ويا هُئا، ماڻهن به ويس وھا بدلائي سوٽ بوٽ ڪا هي ظالم ڪيسا رنگ نڪالا۔
 
ڪنهن عملي ڪمن جي سخت ضرورت آهي ان لاءِ جاکوڙيو باقي ڳالهين جا پلاءَ گهڻا تيار ڪياسين گهڻائي آچار وڌاسين ٻه ڊائيلاگ مان هيان ٻه ڊائيلاگ اوهان هيان ان سان سنڌ جون واڳون سنڌ جي وارثن کي ملي وينديون ڇا؟ هاڻي گنج ٿيو بند ڪمري مان سنڌ ڌرتي جي ڏکن ۽ تڪليفن تي جيڪا لفظن جي ورکا ٿا ڪيو توهان ڇا ٿا سمجهو ته ان سان سنڌي هجڻ جو حق ادا ڪري ڇڏيو اوهان !
تازو مثال اوهانجي اڳيان آهي مصر جي صدر حسني مبارڪ جو جيڪو 30 سالن کان زبردستي مصري عوام جو حاڪم بڻيو ويٺو هيو جڏهن مصري عوام طعي ڪيو ته هاڻ جابر کي برداشت ناهي ڪرڻو ته اسان ڏٺو ته اُن جابر جو اڄ ڇا حال آهي اهڙي طرح اوهان ۽ اسان ڏٺو ته ليبيا جي جابر جو ڇا ٿيو سو محترم نثار ابڙا صاحب ۽ سنڌي ميڊيا صاحب ميدان ۾ اچو جيئن مصري عوام ۽ ليبيا جي عوام ڪري ڏيکاريو صرف هڪ ٻئي کان شڪايت وارو رويو ختم ڪريو اوهان ڇا چيو آئون ڇا چيو انهن ڳالهين کي ختم ڪريو عملي ميدان ۾ اچو تڏهن ئي اسين پنهنجو مقصد حاصل ڪري سگهنداسين
 
Back
Top