ستين صديء هجريء کان اڳ جا سنڌي علماء ( سائنسدان) جوکيو شفيق احمد
محمّدُ بن احمد السندي البيروني الخوازمي: '' تاريخ ادب اللغة'' (هسٽري آف ڊڪشنري) بيرون ڏانهن نسبت اٿس، جو سنڌ جو هڪ شهر آهي. هو خوازم (خيوا) ۾ 362هه ۾ پيدا ٿيو. سلطان محمود غزنويء جڏهن 407هه ۾ خوارزم فتح ڪيو، تڏهن هن کي غزنيءَ وٺي آيو. هتي هُن هيئت، سائينس ۽ رياضيء جي گهڻن شعبن (کاتن) تي تحقيق ڪرڻ شروع ڪئي. هو هڪ زبر-دست فيلسفوفُ ۽ سياح (ٽريولوگُ). جاگرافيء (جغرافيه) ۾ به مهارت رکندو هو.
هن گهڻائي ڪتاب لکيا مثلاَ:
1.'' آثارُ الباقيه عن القرون الخاليه'' (الڳ الڳ زمانن جا نيشان آثار) هي ڪتاب تقويم (ڪلينڊر) هن جو ترجمون انگريزيء ۾ ٿي چڪو آهي. 2. ''ڪتاب الهندُ'' ان کي به سخائو انگريزي ۾ ترجمون ڪيو آهي. 3.التفهيم لاوائل صناعة التنجيم'' هي هندسه ۽ فلڪيات ۽ نجوم ۾ آهي. هن جا نسخا انگلينڊ، جرمني ۽ مصر ۾ موجود آهي. 4.القانون المسعودي في الهيئة و النجوم'' جرمنيء ۽ انگلينڊ ۾ موجود آهن. 5.''رسالة في اسطرلاب'' فرانس جرمني ۾ موجود آهي. 6.استيعاب الوجوه الممڪنة في صنعة الاسطرلاب'' جرمنيء، لنڊن ۾ موجود آهي. 7. استخراجُ الاوتار'' لنڊن ۾ موجودُ آهي. 8. في راسيڪات الهندُ'' لنڊن ۾ موجود آهي. 9. مبحث مبادي العلومُ'' هي (ڪتاب) فارسيء (پارسيء) ۾ لکيلُ آهي، ۽ ان جو ترجمون ٿيل عربي نسخو پيرس ۾ موجود آهي. 10. ''رسالة في سير سهمي الشهادة و الغيبُ'' آڪسفورڊ ۾ موجود آهي. 11.''ڪتاب الجماهر في معرفة الجواهر'' اسڪوريال ۽ مصر ۾ موجود آهي.
ستين صديء هجريء کان اڳ جا سنڌي علماء(سائنسدان) استاد مربي حافظ محمد اسماعيل ميمڻ کڏي وارو ماهانه الصادق، کڏو-ڪراچي، سنڌ. مورخه: مارچ 2012ع تان ورتل. مٿين عربي ڪتابن جي معني بعد ۾ لکان ٿو!
حافظ محمد اسمٰعيل کڏي وارن جي تحقيق مطابق امام البيروني اصلاَ سنڌي عالم ڏاهو حڪيم فلسفي سائينسدان هو. نوٽ:- ڪنهن به قوم جي وجود لاء علم پرائڻ جي تمام گهڻي ضرورت گهرج هوندي آهي وري انهن علمن ۾ سائنس جي تمام گهڻي اهميت آهي جيڪو علم اسان جي سنڌ جي عالم ڏاهن مفڪرن فلسفين کي هيو پر افسوس جو اهي سنڌي عالم ٿي سگهي ٿو پنهنجي پاران بي قدريء جي ڪري، سنڌ کي الوداع چئي هليا ويا هوندا. جنهن جو آئون اڄ به مشاهدو ڪري رهيو آهيان، ته اسان سنڌي ماڻهو پنهنجي سڄڻن جو قدر اڄ به نه ڪري پنهنجي وجود کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي چڪا آهيون. جاري رهندڙ
کڏي وارو مدرسه ، دنيا جي مدرسن جي ناميارن مدرسن مان هڪ آهي ،انگريزن کي هِن خطي مان ڀڄائي ڪڍڻ ۾ هن مدرسي جي استادن ،شاگردن ۽ انهن جو پُختي سوچ ۽لوچ ، ڪامل يقين ۾ ڪو به شڪ نه آهي ۔ حافظ محمد اسماعيل ميمڻ جي تحقيق تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ! ان ۾ محققن کي دعوت ڏجي ، بلڪ انهن کان تحقيق ڪرائي وڃي ۔ سائين ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ، هر محفل ۾ جڏهن به ڪچهري شروع ڪندو هو ته هر وڏي نامياري عرب مسلمان جي گهرواري زال هميشه سنڌي عورت چوندو هو ، فلاڻي عرب جي زال روهڙي جي هئي ،هُن عرب جي زال سڪرنڊ جي هئي ، ٽيري عرب جي زال ڏيپلي جي هئي ، مٽيري عرب جي زال واره جي هئي ۔ هڪ ڏينهن مونکان رهيو ڪو نه سو سائين کان سوال ڪيم اهي سنڌڻيون رڳو زالون ئي رهيون يا انهن ڪا نامياري اولاد به پئدا ڪئي ؟؟؟ انهن عربن ڏي وٺ ڪئي يا سنڌڻين کي مال غنيمت ، لٽ ڦر جو مال سمجهي پنهنجي حرم جي زينت بڻائي ويٺا ؟؟؟ منهنجي سوال تي سائين جي ڪيفيت بيان ڪرڻ جهڙي نه آهي ، گهر ۾ موچڙا به خوب ۽ ڍوءَ تي کاڌم ۔ هت هڪ ڳاله چوندو هلان عرب جي خطي ۾ ڪو اهڙو علائقو آهي جنهن جو نالو سند آهي ، عيسائين جي عقيدي مطابق حضرت عيسى عليه سلام کي جيڪو ڪفن ڏنو ويو هو ( اڄ به آسٽريليا جي ميوزم موجود آهي ) اهو به سند جو آهي ۔ ڪٿي ايئن ته نه آهي نالي جي ڪري ڪا غلط فهمي ٿي پيدا ٿئي ؟؟؟؟
مُهنجو سعودي اڪثر اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو ان ڪري جو مُهنجا چا چا ۽ انهن جا ٻار بچا اُتي 60 سالن کان رهيل آهن ڪن ته اُتي عرب ۾ شاديون به ڪيون آهن ممڪن آهي اھهي به سنڌي عرب هُجن جو هو ٺيٺ عربي ئي ڳالهائين ٿا ۽ عرب آهن، انهن جي نسبت مان جڏنهن به اُتي ڊيوٽي سان يا عمرو يا حج ڪرڻ ويندو اهيان مان پُراڻن سنڌي عربن جي دعوت تي به ويندو آهيان جيڪي اڄ ته اُتي جا لوڪل آهن پر سڏجن سنڌ جا ٿا ۽ هو به سنڌ مان آيلن کي جان سان ڀلي ڪار چون ٿا، هنن جو اولاد ڀلي سنڌي نٿو ڳالهائي پر هو سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جو سنڌ جو هُئڻ تي فخر ڪن ٿا۔ ان ڪري مان تصديق ٿو ڪريان ته گهٽ ۾ گهٽ سعودي عرب جي شهرن مڪي ۽ مديني ۾ الاهي سنڌي عرب اهن جيڪي اُتي جون پَاڙُون آهن ۽ السندي سڏجن ٿا۔
بخش (البخش) به اهن ته الميمني (سنڌي ميمڻ) به واپاري آهن مڪي ۾ ته انهن عرب سنڌين جي نالن سان شادي هال آهن، ها اُهي اڪثر علامه ابو موحمد بديع الدين شاه راشدي (مرحوم) جي حُب ۾ آهن نسبت سان سنڌ ۽ سنڌين کي سُڃاڻن خاص طور اُسُڃاڻن ۽ اُهي جيڪي حرم پاڪ جي چوڌاري رهن۔يعني مسفليى ۽ شارع ابراهيم خليل وغيره جي ارد گرد۔
باقي جي اُهي پُراڻا سائنسدان يا فلاسفر هُئا ته مون اڃا ان بابت ڪونه ٻُڌو آهي ۽ نه ئي پڙهيو اهي ها پنهنجي قوم جي ڪن فردن کي پنهنجو پاڻ پڏائيندي ضرور ٻُڌندو وتان، پر جيئن ته چوندا آهن ته صدورو ٻار پينگهي ۾ پڌرو ته سائين سنڌي قوم جا حال ته اسان سڀني جي اڳيان آهن انهن ۾ ڪو فلاسافر وغيره ميمڻن مان يا شيخن مان يا ڪن واڻين مان ته ٿي سگهي ٿو پر ٻين قومن مان مُشڪل جن کي تاريخي لحاظ سان آئون پاڻ پناهگير ئي سمجهندو آهيان، ڪي ڪابل کان آيا، ته ڪي بغداد کان، ته ڪي ايران کان ڪي ڪٿا سڀني اچي لوڪل سنڌين کي غلام بڻايو ۽ اهو سلسلو 700 سال پُراڻو آهي۔ سنڌ جو پهريون وارث واڻيون، ٻيو ميممڻ جيڪي واڻين جي اوچي گهر مان مُسلمان ٿيو ته ٽيون شيخ جيڪو واڻين جي هيٺين طبقن کان مُسلمان ٿيو، باقين ته ادا لُٽ مار، چوري چڪاري ڪري سنڌ کي بدنام ئي ڪيو آهي انهن ۾ ڪي 10 سُٺا به ضرور هوندا۔ (ُوالله اعم)۔ واڪا ڪرڻ مون وس!
هاڻ اهو عقل جو کيڏ آهي سمجهو ماڻهن لا ته سنڌي قوم جيڪا 70 هزار سالن کان اڄ تائين مُتحد نه ٿي سگهي آهي، اپر سنڌ ۾ جنهن ڪيس مچائي ڇڏيا آهن ظلمن جا، ڪارو ڪاري جا، غريبن کي غلام بڻائي رکڻ جا، ڊاڪا، چوريون ، پاٿاريداري وغيره ته ڇا اُها علم جي ميدان تي ايڏو اڳتي وڌيل هوندي۔ جتي گهوسٽ اسڪول هُجن ڇا هي اُتي پڙهيا هوندا؟ حساب ڪتاب ته نٿو ٻُڌائي ها باقي اٽي ۾ لوڻ برابر ممڪن آهن۔
محمّدُ بن احمد السندي البيروني الخوازمي: '' تاريخ ادب اللغة'' (هسٽري آف ڊڪشنري) بيرون ڏانهن نسبت اٿس، جو سنڌ جو هڪ شهر آهي.
حوالو پورو ٿيو هاڻي اچو ته ٽيڪا ٽپڻي ڪريون۔
محترم ميمڻ عبد الرزاق سائين عرض ته هي تواريخ آداب اللغة آهي جنهن جو مطالعو ڪيو وڃي رفرنس لاء لئبررين ۾ موجود آهي۔ بقيه توهان جي جواب جو انتظار رهندو۔ مسڪين جوکيو
هاڻ محترم وساڻ سليمان کي التجاء ٿي ڪجي ته وساڻ صاحب جن شايد ڪڏهن به علامه دين محمد وفائي محقق اعظم سنڌ صحافت جي ابي جا ڪتاب مشاهير سنڌ ٿوري تڪليف ڏئي پاڻ کي مطالعو ڪن اها آس اٿم، باقي عربي انگلش ڪتاب تمام گهڻا آهن، اهڙي مواد سان ڀريا پيا آهن۔ هوئن به سنڌ يونيورسٽي علم دشمنن سان ڀري پئي آهي سڄو زور شوڦيت راڳ رليء راند روند وندر ورونهن تي آهي۔ ليڪن علمي تحقيق تي وري به مدرسن جا شاگرد ڊاڪٽر رفيق مڱريه صاحب جهڙا يا ڊاڪٽر سنڌي عبد القيوم پارا مشڪين ريسرچ تحقيق ڪري سنڌ جو شان مان وڌائي وطن کان ٻاهر چار چنڊ چمڪايا، مشڪين جوکيو شفيق احمد۔
مُهنجو سعودي اڪثر اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو ان ڪري جو مُهنجا چا چا ۽ انهن جا ٻار بچا اُتي 60 سالن کان رهيل آهن ڪن ته اُتي عرب ۾ شاديون به ڪيون آهن ممڪن آهي اھهي به سنڌي عرب هُجن جو هو ٺيٺ عربي ئي ڳالهائين ٿا ۽ عرب آهن، انهن جي نسبت مان جڏنهن به اُتي ڊيوٽي سان يا عمرو يا حج ڪرڻ ويندو اهيان مان پُراڻن سنڌي عربن جي دعوت تي به ويندو آهيان جيڪي اڄ ته اُتي جا لوڪل آهن پر سڏجن سنڌ جا ٿا ۽ هو به سنڌ مان آيلن کي جان سان ڀلي ڪار چون ٿا، هنن جو اولاد ڀلي سنڌي نٿو ڳالهائي پر هو سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جو سنڌ جو هُئڻ تي فخر ڪن ٿا۔ ان ڪري مان تصديق ٿو ڪريان ته گهٽ ۾ گهٽ سعودي عرب جي شهرن مڪي ۽ مديني ۾ الاهي سنڌي عرب اهن جيڪي اُتي جون پَاڙُون آهن ۽ السندي سڏجن ٿا۔
بخش (البخش) به اهن ته الميمني (سنڌي ميمڻ) به واپاري آهن مڪي ۾ ته انهن عرب سنڌين جي نالن سان شادي هال آهن، ها اُهي اڪثر علامه ابو موحمد بديع الدين شاه راشدي (مرحوم) جي حُب ۾ آهن نسبت سان سنڌ ۽ سنڌين کي سُڃاڻن خاص طور اُسُڃاڻن ۽ اُهي جيڪي حرم پاڪ جي چوڌاري رهن۔يعني مسفليى ۽ شارع ابراهيم خليل وغيره جي ارد گرد۔
باقي جي اُهي پُراڻا سائنسدان يا فلاسفر هُئا ته مون اڃا ان بابت ڪونه ٻُڌو آهي ۽ نه ئي پڙهيو اهي ها پنهنجي قوم جي ڪن فردن کي پنهنجو پاڻ پڏائيندي ضرور ٻُڌندو وتان، پر جيئن ته چوندا آهن ته صدورو ٻار پينگهي ۾ پڌرو ته سائين سنڌي قوم جا حال ته اسان سڀني جي اڳيان آهن انهن ۾ ڪو فلاسافر وغيره ميمڻن مان يا شيخن مان يا ڪن واڻين مان ته ٿي سگهي ٿو پر ٻين قومن مان مُشڪل جن کي تاريخي لحاظ سان آئون پاڻ پناهگير ئي سمجهندو آهيان، ڪي ڪابل کان آيا، ته ڪي بغداد کان، ته ڪي ايران کان ڪي ڪٿا سڀني اچي لوڪل سنڌين کي غلام بڻايو ۽ اهو سلسلو 700 سال پُراڻو آهي۔ سنڌ جو پهريون وارث واڻيون، ٻيو ميممڻ جيڪي واڻين جي اوچي گهر مان مُسلمان ٿيو ته ٽيون شيخ جيڪو واڻين جي هيٺين طبقن کان مُسلمان ٿيو، باقين ته ادا لُٽ مار، چوري چڪاري ڪري سنڌ کي بدنام ئي ڪيو آهي انهن ۾ ڪي 10 سُٺا به ضرور هوندا۔ (ُوالله اعم)۔ واڪا ڪرڻ مون وس!
هاڻ اهو عقل جو کيڏ آهي سمجهو ماڻهن لا ته سنڌي قوم جيڪا اڄ تائين مُتحد نه ٿي سگهي آهي، اپر سنڌ ۾ جنهن ڪيس مچائي ڇڏيا آهن ظلمن جا، ڪارو ڪاري جا، غريبن کي غلام بڻائي رکڻ جا، ڊاڪا، ڇوريون ، پاٿاريداري وغيره ته ڇا اُها علم جي ميدان تي ايڏو اڳتي وڌيل هوندي۔ حساب ڪتاب ته نٿو ٻُڌائي ها باقي اٽي ۾ لوڻ برابر ممڪن آهن۔