سنڌي دوستن کي ساهتا جي گذارش ....

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
    ڪراچيءَ جا ڪجهه سڄاڻ ۽ حب الوطن دوست، پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي سنڌ جي مڙني شهرن ۾ موجود واندن ۽ بيروزگار ويٺل نوجوانن کي ڪراچيءَ ۾ نوڪريون وٺرائي ڏيڻ ۽ انهن کي ڪراچيءَ ۾ وسائڻ جي لاءِ محنت ڪري رهيا آهن ...
    هن ڪار خئير مان سندن ٻه مقصد آهن؛
    هڪ ته سنڌي نوجوانن جي بيروزگاري ختم ٿئي ۽ هو ڪنهن ڪارخاني، ڪنهن دڪان يا ڪنهن آفيس ۾ يا ڪنهن خانگي ڪم سان يا ڪنهن هنر سان لڳي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن.
    ٻيو ته ڪراچي جنهن ۾ هرروز لکن جي تعداد ۾ ڌاريا اچي رهائش اختيار ڪنٿا، ڪاروبار ڪنٿا، نوڪريون ڪنٿا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪروڙ پتي ٿي پنهنجن ملڪن ڏانهن ناڻو کڻي وڃن ٿا ۽ سنڌ کي نقصان رسي ٿو ... ان جاءِ تي جيڪڏهن سنڌي ڪراچيءَ ۾ اچي ڪمائيندا، رهندا ته سنڌ جو نقصان به نه ٿيندو ۽ سنڌي خاندان پڻ خوشحال ۽ پنهنجي ماني ڳڀي وارا ٿي سگهندا.
    آءُ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سڀني سنڌين کي، سرندي پڄندي وارن کي، نوڪرين وارن کي يا ڪارخانن يا دڪانن ۾ ڪم ڪندڙ يا ڪنهن هنر سان لاڳاپيل دوستن کي گذارش ڪندس ته هنن دوستن جي ساهتا ڪن ۽ سنڌ جي ٻين شهرن مان ايندڙ دوستن کي ڪراچيءَ ۾ وسائڻ واري عمل ۾ ٻانهن ٻيلي ٿين.
    ڪراچيءَ کان علاوه ٻين شهرن جا ماڻهون پڻ ساهتا ڪري سگهنٿا ۽ جيڪي نوجوان ڪراچيءَ اچي ڪجهه ڪرڻ چاهن انهن کي ڪراچيءَ تائين رسائڻ واري عمل ۾ مدد ڪري سگهنٿا ...
    سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ويٺل واندا ۽ بيروزگار نوجوان پاڻ کي ڪراچيءَ ۾ اچي رهائش پذير ٿي رزق حلال ڪمائڻ جا جتن ڪرڻ گهرجن ۽ هنن دوستن جي معرفت ڪراچيءَ ۾ اچي پاڻ وسائن ....
    ياد رکو خئير جو ڪم هميشه ڀلائي پئدا ڪندو آهي ... هي خئير جو ڪم آهي، جنهن ۾ الله به راضي ته سماج ۾ ڀلائي پئدا ٿيندي آهي ....
    ڪائنات ۾ سڀ کان وڏو ثواب آهي ڪنهن بيروزگار کي نوڪريءَ سان لڳائڻ ....
    الله تعالا اوهانجو حامي ۽ ناصر هجي .... آمين
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جزاڪ الله سائين

    تمام نيڪ ڪم آهي

    سدايئن گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهرباني سائين

    اوهان دوستن جو جذبو ڏسي خوشي ٿي آهي۔ مان پاڻ به هنن دوستن جو حصو آهيان ۽ جلد ساڻن هڪ ميٽنگ ڪرڻ وارو آهيان۔ جڏهن جذبا جوان هجن، نيت سٺي هجي ته پوء منزلون به آسان ٿي پونديون آهن۔ اميد ته نوجوان دوستن جو هي ڪاروان جيڪي سپنا کڻي نڪتو آهي ان کي ساڀيان ضرور ملندي۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جنھن سان سائين نثار ۽ سائين سليمان جن گڏ ھجن ته اُھو ڪم ضرور ڪونه ڪو رنگ لائيندو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    سائين توهان جن جي اها سوچ ۽ فڪر تمام اونهي آهي جيڪا الله ڪري هر سنڌ جي ڪنڊ مان روزي لا نڪتل سنڌي کي ڪراچي ۾ سٺي روزي سان گڏ رهڻ لا ڇت به حاصل ڪرڻي پوندي جيڪو سٺي بچت ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو