نثارابڙو
نائب منتظم

ڪراچيءَ جا ڪجهه سڄاڻ ۽ حب الوطن دوست، پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي سنڌ جي مڙني شهرن ۾ موجود واندن ۽ بيروزگار ويٺل نوجوانن کي ڪراچيءَ ۾ نوڪريون وٺرائي ڏيڻ ۽ انهن کي ڪراچيءَ ۾ وسائڻ جي لاءِ محنت ڪري رهيا آهن ...
هن ڪار خئير مان سندن ٻه مقصد آهن؛
هڪ ته سنڌي نوجوانن جي بيروزگاري ختم ٿئي ۽ هو ڪنهن ڪارخاني، ڪنهن دڪان يا ڪنهن آفيس ۾ يا ڪنهن خانگي ڪم سان يا ڪنهن هنر سان لڳي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن.
ٻيو ته ڪراچي جنهن ۾ هرروز لکن جي تعداد ۾ ڌاريا اچي رهائش اختيار ڪنٿا، ڪاروبار ڪنٿا، نوڪريون ڪنٿا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪروڙ پتي ٿي پنهنجن ملڪن ڏانهن ناڻو کڻي وڃن ٿا ۽ سنڌ کي نقصان رسي ٿو ... ان جاءِ تي جيڪڏهن سنڌي ڪراچيءَ ۾ اچي ڪمائيندا، رهندا ته سنڌ جو نقصان به نه ٿيندو ۽ سنڌي خاندان پڻ خوشحال ۽ پنهنجي ماني ڳڀي وارا ٿي سگهندا.
آءُ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سڀني سنڌين کي، سرندي پڄندي وارن کي، نوڪرين وارن کي يا ڪارخانن يا دڪانن ۾ ڪم ڪندڙ يا ڪنهن هنر سان لاڳاپيل دوستن کي گذارش ڪندس ته هنن دوستن جي ساهتا ڪن ۽ سنڌ جي ٻين شهرن مان ايندڙ دوستن کي ڪراچيءَ ۾ وسائڻ واري عمل ۾ ٻانهن ٻيلي ٿين.
ڪراچيءَ کان علاوه ٻين شهرن جا ماڻهون پڻ ساهتا ڪري سگهنٿا ۽ جيڪي نوجوان ڪراچيءَ اچي ڪجهه ڪرڻ چاهن انهن کي ڪراچيءَ تائين رسائڻ واري عمل ۾ مدد ڪري سگهنٿا ...
سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ويٺل واندا ۽ بيروزگار نوجوان پاڻ کي ڪراچيءَ ۾ اچي رهائش پذير ٿي رزق حلال ڪمائڻ جا جتن ڪرڻ گهرجن ۽ هنن دوستن جي معرفت ڪراچيءَ ۾ اچي پاڻ وسائن ....
ياد رکو خئير جو ڪم هميشه ڀلائي پئدا ڪندو آهي ... هي خئير جو ڪم آهي، جنهن ۾ الله به راضي ته سماج ۾ ڀلائي پئدا ٿيندي آهي ....
ڪائنات ۾ سڀ کان وڏو ثواب آهي ڪنهن بيروزگار کي نوڪريءَ سان لڳائڻ ....
الله تعالا اوهانجو حامي ۽ ناصر هجي .... آمين