شاهجهان سُميل
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي اسلام عليڪم، سنڌ سلامت
سنڌ ڌرتي جي لاڙ جي هنج ۾ وسندڙ بدين شهر جي ننڍڙي ڳوٺ منٺار فقير رستماڻي ۾ جنم وٺندڙ مان شاهجهان سُميل، جنهن جو اصل نالو شاهجهان منٺار آهي ۽ سُميل تخلص طور استعمال ڪندو آهيان۔ مون سنڌ يونيورسٽي مان بي اي (انگريزي) 2005 ۾ ڪئي ۽ بعد ۾ اسلام آباد هليو آيس۔ 2007 کان اسلام آباد ۾ آهيان ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۾ بطور انچارج (فارين فنڊيڊ اسڪالرشپس) ڪم ڪري رهيو آهيان۔
ادب سان چاهه ڪجهه لکڻ لاءِ اتساهيو ۽ دوستن جي رهنمائي ڪجهه لکڻ سيکاريو، جيتوڻيڪ گهڻي دلچسي شاعري سان رهي آهي ۽ پاڻ به ٿوري گهڻي ڪچي پڪي شاعري ڪندو آهيان، تنهن هوندي به نثر ۾ گهڻو ڪم ڪرڻ جي لاءِ دل چوندي آهي۔
مان سنڌ سلامت جو به ٿورائتو آهيان، جنهن اسان کي ايترو خوبصورت فورم ڏنو جتي اسان پنهنجي تحريرن سان گڏوگڏ پنهنجي ڏيهه واسي دوستن سان هڪ ڪٽنب جيان آن لائن گڏ رهون۔