طوفان ۽ تباهيون آڻيندڙ ايجاد “هارپ”

'مختلف موضوع' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2012۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    آمريڪا ۾ 1993ع کان ان جي رياست الاسڪا ۾ هڪ پروگرام HAARP جي نالي سان هلي رهيو آهي ۽ ان پروگرام کي آمريڪا جي رياست الاسڪا ۾ لانچ ڪيو ويو آهي ۽ تقريبن 30ايڪڙ زمين ان کي لاٽ ڪئي وئي آهي هي جديد ترين ٽيڪنالاهي آهي جنهن ۾ هو Latest Weather Modification Technology تي عمل ڪري رهيا آهن ۽ ان تي انهن عبور به حاصل ڪري ورتو آهي هن پروگرام جو نالو High Frequency Active Auroral Research Program آهي الاسڪا ۾ جتي اهو پروگرام هلي رهيو آهي اتي انٽينا جو هڪ ڄار وڇايو ويو آهي ۽ انهن انٽينائن سان هڪڙون اهڙيون لهرون پيدا ڪيون وينديون آهن جن کي Extremely Low Frequency لهرون چيو ويندو آهي اهي لهرون خلا ۾ موڪليون وينديون آهن اتي اهي لهرون Ionosphere سان هڪ خاص فرينڪونسي سان ٽڪرائجن ٿيون ۽ پوءِ وڌيڪ طاقتور ٿي واپس زمين ڏانهن مُڙن ٿيون پر جڏهن اهي واپس اينديون آهن ته انهن کي ڪنٽرول ڪري پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هنن لهرن سان موسمي اثرن ۾ ڦير گهير ڪري سگهجي ٿي، ۽ ان جا انتها.ي خوفناڪ اثر آهن جن ۾ ڪنهن ۾ علائقي جو گرمي پد وڌائڻ، زلزلا پيدا ڪرڻ، ايتريون برساتون ڪرائڻ جو ٻوڏ اچي وڃي، جهنگن کي باهه لڳرائڻ جهڙيون حرڪتون هنن لهرن سان ڪري سگهجن ٿيون.22 سيپٽمبر 1940ع ۾ آمريڪي سياستدان نيڪولاٽيسلا، نيويارڪ ٽائمز ۾ هڪ ٿيوري پيش ڪئي جنهن جو خلاصو هي آهي ته موسم ۾ اهڙيون تبديليون آڻي سگهجن ٿيون جيڪي برسات آني سگهن ٿيون يا زلزلو آني سگهن ٿيون يا ڪنهن خاص ملڪ يا علائقي جي چئوگرد شعاعن جو گهيرو ڪري سگهجي ٿو، جهاز جي انجڻ کي 250 ڪلوميٽرن جي پنڌ کان پگهرائي سگهجي ٿو، پر ان دور جي آمريڪي سائنسدانن ان نظريي کي اهو چئي رد ڪيو ته ائين ڪرڻ سان زمين خراب ٿي ويندي. پر آمريڪي حڪومت ان منصوبي کي پورو ڪرڻ لاءِ پينٽاگون کي اها ذميواري ڏني. پينٽاگون High Frequency Active Auroral Research Program)) هارپ تي ڪم شروع ڪيو ۽ الاسڪا کان 200 ڪلوميٽر پري انتهائي طاقتور ٽرانسميٽر لڳرايو، 23 ايڪڙ پلاٽ تي 180 ٽاورز تي 72 ميٽر وڏيون انٽينائون لڳايون جن ذريعي ٽي بلين واٽ جي طاقت جي Electromagnetic wave 2.5-10)) ميگا هرٽز جي فريڪوئنسي ڇڏي سگهجي ٿي. هن پروگرام سان آمريڪا ڪنهن به مخصوص علائقي جي موسمي ڦيرگهير ۾ تبديلي پيدا ڪري سگهي ٿو، هارپ جوPatent يعني ڪاپي رائيٽ نمبر 4,686,605 آهي سائنسدان هارپ کي ٻرندڙ شعاعي بندوق سڏيندا آهن، هن Patent موجب هي هڪ اهڙو طريقو آهي جيڪو ڌرتي جي ڪنهن به زون ۾ موسمي ڇڪتاڻ پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ جديد ميزائلن ۽ جهازن کي روڪي ۽ انهن جو رخ موري سگهي ٿو، ڪنهن به ملڪ جي سيٽلائيٽ سسٽم ۾ مداخلت ڪري يا ريڊار سسٽم کي جام ڪري ڇڏي. ٻين جا ڳجھا سگنل قابو ڪري يا ميزائيل يا ايئر ڪرافٽ کي تباهه ڪري، رستو موڙي يا ان کي ختم ڪري يا ڪنهن جهاز کي مٿي يا هيٺ کڻي وڃي. ان پنٽنٽ ( دنيا ۾ جيڪي ايجادون ٿينديون آهن انهن کي پنهنجي نالي سان رجسٽر ڪرڻ ضروري هوندو آهي ۽ جڏهن اهو رجسٽر ٿيندو آهي ته ان جو پوري تفصيل ڏبي آهي ته اهو ڪيئن ڪم ڪندو آهي ان کي پنٽنٽ Patent چئبو آهي) ۾ لکيل آهي ته هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ذرن جو طوفان ڌرتي جي مٿين تهه تي وڌو وڃي ته ان سان موسم ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي. ان کي موسمي اصلاح جو نالو ڏنو ويو آهي. پنٽنٽ موجب موسم ۾ شدت آڻڻ يا تيزي يا گهٽائڻ، هٿرادو گرمي پد پيدا ڪرڻ، ان طرح مٿين سطع ۾ تبديلي آڻي طوفان آڻڻ يا سج جي شعاعن کي جزب ڪرڻ جي حساب ڪتاب ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي. ان طرح هو زمين جي ڪنهن حصي تي سج جي روشني يا گرمي وڌائڻ لاءِ ڪم اچي سگهي ٿو.

    هن نظام تي هڪ ڪتاب Angles Don't play this Haarp جيڪا ٻن سائنسدانن JEANE MANNING ۽ Dr. NICK BEGICH لکيو آهي انهي ڪتاب موجب ڪره عرض جي مٿئين قدرتي نظام Ionosphere جيڪو سج جي شعاعن جي هاڃيڪار اثرن کي ڇاڻي ٿو پر هارپ جو مقصد Ionosphere کي پنهنجي مرضي موجب هلائڻ آهي ان ذريعي گرمي پد ۾ گهٽ وڌائي ڪري سگهجي ٿي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هڪ دفعي ڳوٺ ۾ منهنجي هڪ دوست چيو ته هو ڪافي وقت کان انتظار ۾ هيو ته مان اچان ۽ هو مون کان سوال ڪري ته ”هارپ ٽيڪنالاجي“ ڇا آهي۔۔۔ مون کيس ٻئي ڏينهن جواب ڏيڻ جو آسارو ڏنو۔۔۔ ڳوٺ ۾ انٽرنيٽ جي سهولت گهٽ آهي پر ان باوجود ڪجهه ڄاڻ واريون وڊيوز هٿ اچي ويون۔۔۔ منهنجي دوست حوالو ڏيندي اردو جي هڪ پروگرام حسبِ حال جو ذڪر ڪيو هو۔۔۔

    انٽرنيٽ تي سرچنگ دوران مون کي اي آر وائي جي هڪ وڊيو به نظر مان گذري جنهن ۾ هن ٽيڪنالاجي کي مختلف سائنسدانن ۽ مفڪرن جي انٽرويو ۽ تحقيق تي مشتمل هئي۔۔۔ دوستن جي دلچسپي خاطر لڳائجي ٿي۔۔۔

    هارپ ٽيڪنالاجي کي اڃان بهتر طريقي سان سمجهڻ لاءِ مون کي ٻه وڊيوز ٻيون به نظر آيون۔۔ اميد ته معلومات حاصل ڪرڻ جي لحاظ کان هنن اردو وڊيوز کي به اردو ۾ هجڻ نظر انداز ڪندا۔۔۔

    خدا پنهنجي رازن کي پاڻ بهتر ڄاڻي ٿو۔۔۔ پر جي قدرت جي ماحول سان ڪنهن ٽيڪنالاجي وسيلي هٿ چراند ڪئي وئي ته يقينن انسان آفتن ۽ مصيبتن کي دعوت ڏيندو۔۔۔ ان ڪري اهڙي ٽيڪنالاجي کي پوري دنيا ۾ نفرت جي نظر سان ڏٺو پيو وڃي ۔۔۔ شايد هن ٽيڪنالاجي کي آمريڪا طرفان ڳجهو رکڻ جو هڪ سبب اهو به آهي۔۔۔

    خير جي دوست هارپ بابت وڌيڪ ڄاڻ گهرندا هجن ته گوگل ۽ يوٽيوب ته کوڙ معلومات ملي ٿي ۔۔۔ پر ڪجهه ماڻهن هن ٽيڪنالاجي کي به ميڊيا جو وهم سمجهن ٿا۔۔۔ ڪجهه جو خيال آهي ته جئين ”2012 ۾ قيامت“ جون ڳالهيون پکيڙيون ويون هيون ۔۔۔ هي ڳالهيون به ان ئي قسم جون آهن۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هل سائين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هن ڪائنات ۾ گهڻو ڪجهه ممڪن آهي، پر ان رازن کي ڄاڻڻ لاء تحقيق ۽ تجربن جي ضرورت آهي۔ پر پوء به هي هڪ حيرت انگيز ڄاڻ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو