يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
آمريڪا ۾ 1993ع کان ان جي رياست الاسڪا ۾ هڪ پروگرام HAARP جي نالي سان هلي رهيو آهي ۽ ان پروگرام کي آمريڪا جي رياست الاسڪا ۾ لانچ ڪيو ويو آهي ۽ تقريبن 30ايڪڙ زمين ان کي لاٽ ڪئي وئي آهي هي جديد ترين ٽيڪنالاهي آهي جنهن ۾ هو Latest Weather Modification Technology تي عمل ڪري رهيا آهن ۽ ان تي انهن عبور به حاصل ڪري ورتو آهي هن پروگرام جو نالو High Frequency Active Auroral Research Program آهي الاسڪا ۾ جتي اهو پروگرام هلي رهيو آهي اتي انٽينا جو هڪ ڄار وڇايو ويو آهي ۽ انهن انٽينائن سان هڪڙون اهڙيون لهرون پيدا ڪيون وينديون آهن جن کي Extremely Low Frequency لهرون چيو ويندو آهي اهي لهرون خلا ۾ موڪليون وينديون آهن اتي اهي لهرون Ionosphere سان هڪ خاص فرينڪونسي سان ٽڪرائجن ٿيون ۽ پوءِ وڌيڪ طاقتور ٿي واپس زمين ڏانهن مُڙن ٿيون پر جڏهن اهي واپس اينديون آهن ته انهن کي ڪنٽرول ڪري پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. هنن لهرن سان موسمي اثرن ۾ ڦير گهير ڪري سگهجي ٿي، ۽ ان جا انتها.ي خوفناڪ اثر آهن جن ۾ ڪنهن ۾ علائقي جو گرمي پد وڌائڻ، زلزلا پيدا ڪرڻ، ايتريون برساتون ڪرائڻ جو ٻوڏ اچي وڃي، جهنگن کي باهه لڳرائڻ جهڙيون حرڪتون هنن لهرن سان ڪري سگهجن ٿيون.22 سيپٽمبر 1940ع ۾ آمريڪي سياستدان نيڪولاٽيسلا، نيويارڪ ٽائمز ۾ هڪ ٿيوري پيش ڪئي جنهن جو خلاصو هي آهي ته موسم ۾ اهڙيون تبديليون آڻي سگهجن ٿيون جيڪي برسات آني سگهن ٿيون يا زلزلو آني سگهن ٿيون يا ڪنهن خاص ملڪ يا علائقي جي چئوگرد شعاعن جو گهيرو ڪري سگهجي ٿو، جهاز جي انجڻ کي 250 ڪلوميٽرن جي پنڌ کان پگهرائي سگهجي ٿو، پر ان دور جي آمريڪي سائنسدانن ان نظريي کي اهو چئي رد ڪيو ته ائين ڪرڻ سان زمين خراب ٿي ويندي. پر آمريڪي حڪومت ان منصوبي کي پورو ڪرڻ لاءِ پينٽاگون کي اها ذميواري ڏني. پينٽاگون High Frequency Active Auroral Research Program)) هارپ تي ڪم شروع ڪيو ۽ الاسڪا کان 200 ڪلوميٽر پري انتهائي طاقتور ٽرانسميٽر لڳرايو، 23 ايڪڙ پلاٽ تي 180 ٽاورز تي 72 ميٽر وڏيون انٽينائون لڳايون جن ذريعي ٽي بلين واٽ جي طاقت جي Electromagnetic wave 2.5-10)) ميگا هرٽز جي فريڪوئنسي ڇڏي سگهجي ٿي. هن پروگرام سان آمريڪا ڪنهن به مخصوص علائقي جي موسمي ڦيرگهير ۾ تبديلي پيدا ڪري سگهي ٿو، هارپ جوPatent يعني ڪاپي رائيٽ نمبر 4,686,605 آهي سائنسدان هارپ کي ٻرندڙ شعاعي بندوق سڏيندا آهن، هن Patent موجب هي هڪ اهڙو طريقو آهي جيڪو ڌرتي جي ڪنهن به زون ۾ موسمي ڇڪتاڻ پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ جديد ميزائلن ۽ جهازن کي روڪي ۽ انهن جو رخ موري سگهي ٿو، ڪنهن به ملڪ جي سيٽلائيٽ سسٽم ۾ مداخلت ڪري يا ريڊار سسٽم کي جام ڪري ڇڏي. ٻين جا ڳجھا سگنل قابو ڪري يا ميزائيل يا ايئر ڪرافٽ کي تباهه ڪري، رستو موڙي يا ان کي ختم ڪري يا ڪنهن جهاز کي مٿي يا هيٺ کڻي وڃي. ان پنٽنٽ ( دنيا ۾ جيڪي ايجادون ٿينديون آهن انهن کي پنهنجي نالي سان رجسٽر ڪرڻ ضروري هوندو آهي ۽ جڏهن اهو رجسٽر ٿيندو آهي ته ان جو پوري تفصيل ڏبي آهي ته اهو ڪيئن ڪم ڪندو آهي ان کي پنٽنٽ Patent چئبو آهي) ۾ لکيل آهي ته هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ذرن جو طوفان ڌرتي جي مٿين تهه تي وڌو وڃي ته ان سان موسم ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي. ان کي موسمي اصلاح جو نالو ڏنو ويو آهي. پنٽنٽ موجب موسم ۾ شدت آڻڻ يا تيزي يا گهٽائڻ، هٿرادو گرمي پد پيدا ڪرڻ، ان طرح مٿين سطع ۾ تبديلي آڻي طوفان آڻڻ يا سج جي شعاعن کي جزب ڪرڻ جي حساب ڪتاب ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي. ان طرح هو زمين جي ڪنهن حصي تي سج جي روشني يا گرمي وڌائڻ لاءِ ڪم اچي سگهي ٿو.
هن نظام تي هڪ ڪتاب Angles Don't play this Haarp جيڪا ٻن سائنسدانن JEANE MANNING ۽ Dr. NICK BEGICH لکيو آهي انهي ڪتاب موجب ڪره عرض جي مٿئين قدرتي نظام Ionosphere جيڪو سج جي شعاعن جي هاڃيڪار اثرن کي ڇاڻي ٿو پر هارپ جو مقصد Ionosphere کي پنهنجي مرضي موجب هلائڻ آهي ان ذريعي گرمي پد ۾ گهٽ وڌائي ڪري سگهجي ٿي.
هن نظام تي هڪ ڪتاب Angles Don't play this Haarp جيڪا ٻن سائنسدانن JEANE MANNING ۽ Dr. NICK BEGICH لکيو آهي انهي ڪتاب موجب ڪره عرض جي مٿئين قدرتي نظام Ionosphere جيڪو سج جي شعاعن جي هاڃيڪار اثرن کي ڇاڻي ٿو پر هارپ جو مقصد Ionosphere کي پنهنجي مرضي موجب هلائڻ آهي ان ذريعي گرمي پد ۾ گهٽ وڌائي ڪري سگهجي ٿي.