منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
سڀني دوستن لا هڪ ويب سائيٽ جو لنڪ ڏئي رهيو آهيان اها هڪ ڊڪشنري جي آن لائين ويب سائيٽ آهي، هونئن ته اها ڊڪشنري اردو ۽ انگلش ۾ آهي، پر اسان کي ڪو به انگريزي جو لفظ ڳولهڻ لا يا ان جي معنى لا تمام گهڻي ڏکيائي ٿيندي آهي، هونئن ته اڄ ڪلهه موبائيل فون ۾ به ڊڪشنري جي صهولت موجود آهي پر اها به اڻپوري آهي، اڄ ڪلهه جيڪي به انگريزي اخبارون نڪرن ٿيون انهن ۾ جيڪي انگريزي لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا اهي تمام جديد لفظ آهن، جيڪي سمجهڻ ڏکيا آهن، مون گهڻي ڪوشش ڪئي ته انگريزي کان سنڌي ڊڪشنري انٽرنيٽ تي ڳلهي لهان پر ڪامياب نه ٿيس، جيڪي ٻه ٽي سائيٽس مليون اهي اڻپوريون هيون، پر هي ويب سائيٽ تمام گهڻي ڪارائتي آهي، تمام جديد لفظن جو ذخيرو فورن جو فورن لکڻ سان ان جي معنى ملي وڃي ٿي، هاڻ مونکي انگريزي اخبار پڙهڻ ۾ ڪاب ڏکيائي نٿي ٿئي، سوچيم ته توهان سڄڻن کي به آگاهي ڏجي، ممڪن هجي گهڻا دوست اها سائيٽ استعمال به ڪندا هجن، توهان پاڻ ئي وزٽ ڪري ڏسو، ۽ لفظن کي ڳولهڻ تمام سولو آهي، بس سرچ واري لائين ۾ انگريزي لفظ لکو، يا توهان کي ڪو اردو ۾ لفظ آهي ان جي انگريزي گهرجي ته ان جي به سهولت آهي، بس اردو لفظ لکو ۽ انگريزي معنى ملي ويندي۔
هي لنڪ آهي۔http://www.urduenglishdictionary.org/
هي لنڪ آهي۔http://www.urduenglishdictionary.org/