ڊڪشنري جي ويب سائيٽ

'ويب سائيٽس' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2012۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سڀني دوستن لا هڪ ويب سائيٽ جو لنڪ ڏئي رهيو آهيان اها هڪ ڊڪشنري جي آن لائين ويب سائيٽ آهي، هونئن ته اها ڊڪشنري اردو ۽ انگلش ۾ آهي، پر اسان کي ڪو به انگريزي جو لفظ ڳولهڻ لا يا ان جي معنى لا تمام گهڻي ڏکيائي ٿيندي آهي، هونئن ته اڄ ڪلهه موبائيل فون ۾ به ڊڪشنري جي صهولت موجود آهي پر اها به اڻپوري آهي، اڄ ڪلهه جيڪي به انگريزي اخبارون نڪرن ٿيون انهن ۾ جيڪي انگريزي لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا اهي تمام جديد لفظ آهن، جيڪي سمجهڻ ڏکيا آهن، مون گهڻي ڪوشش ڪئي ته انگريزي کان سنڌي ڊڪشنري انٽرنيٽ تي ڳلهي لهان پر ڪامياب نه ٿيس، جيڪي ٻه ٽي سائيٽس مليون اهي اڻپوريون هيون، پر هي ويب سائيٽ تمام گهڻي ڪارائتي آهي، تمام جديد لفظن جو ذخيرو فورن جو فورن لکڻ سان ان جي معنى ملي وڃي ٿي، هاڻ مونکي انگريزي اخبار پڙهڻ ۾ ڪاب ڏکيائي نٿي ٿئي، سوچيم ته توهان سڄڻن کي به آگاهي ڏجي، ممڪن هجي گهڻا دوست اها سائيٽ استعمال به ڪندا هجن، توهان پاڻ ئي وزٽ ڪري ڏسو، ۽ لفظن کي ڳولهڻ تمام سولو آهي، بس سرچ واري لائين ۾ انگريزي لفظ لکو، يا توهان کي ڪو اردو ۾ لفظ آهي ان جي انگريزي گهرجي ته ان جي به سهولت آهي، بس اردو لفظ لکو ۽ انگريزي معنى ملي ويندي۔
    هي لنڪ آهي۔http://www.urduenglishdictionary.org/
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڙدو وارن جو ڪم سنڌين جي مقابلي ۾ ڪافي اڳتي وڌيل آهي۔۔۔ جنهن جا ڪجهه سبب اهي به آهن ته انهن کي استعمال ڪندڙ گهڻا ۽ ڊيولپرس کي سپورٽ ۽ فنڊنگ به سٺي ملي ٿي۔۔۔
    سنڌي لينگويج اٿارٽي طرفان پڻ سنڌي انگريزي لغت آن لائين متعارف ڪرايل آهي۔۔ جنهن کي وڌيڪ بهتر ترتيب ڏئي سگهجي ٿو ۔۔۔ ان سلسلي ۾ مون ادا فهد ميمڻ جيڪو ان ويب پني جو خالق آهي پڻ ڪافي دفعا صلاحون موڪليون آهن۔۔۔

    سنڌ سلامت طرفان پڻ سنڌي انگريزي ڊڪشنري پروجيڪٽ تي ڪم هلندڙ آهي۔۔ ادا عامرضياء چارڻ پنهنجي ڪوششن ۾ رڌل آهي ۔۔۔ مون به وس آهر کيس ڪجهه سپورٽ ڏني آهي۔۔۔ في الحال اهڙي ڊڪشنري جو بيٽا ورجن تجربي هيٺ آهي ۔۔۔ جلد ئي ان ۾ ضروري تبديليون آڻي ان کي رليز ڪيو ويندو۔۔۔ اميد ته اهو به سنڌ سلامت طرفان لاڀائتو پروجيڪٽ ثابت ٿيندو۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    اها ته تمام گهڻي خوشي جهڙي ڳالهه آهي، بس سائين انشاءِ الله انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي کي توهان جهڙن سڄڻن جي ڪوششن سان ضرور وڏو مقام ملي ويندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو