زمانو ڏکن جو نه رهندو سدا (حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي(

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ImamBux
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ImamBux

سينيئر رڪن
ڪڏهن ڪوڙ کي ڪين سچ سان گڏ
ڏسي رڃ کي رڻ ۾ نه پکڙو تون اڏ
ڏسي محل ماڙيون ٻين جا ڪڏهن
ڪکائين نه گھرڙي تون پنهنجي کي ڇڏ
اگر شان تنهنجو وڌائي خدا جل جلاله
سڏي غير کي ڪين پنهنجن کي ٿڏ
ڪڍي غير دل مان صفا دل کي ڪر
دغا ڪوڙ دولاب رک ڪين گڏ
زمانو ڏکن جو نه رهندو سدا
ڏکن جي ته پٺيان ايندا سک به ڪڏ
آيو موت “اڪرم” اجھو صبح شام
اٿي يار ڪلمه سان عقبا ڏي لڏ
 
Back
Top