بصرن کي ڇلهڻ يا ڪپڻ سان اکين ۾ ڳوڙها ڇو ايندا آهن؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    بصرن کي ڇلهڻ يا ڪپڻ سان اکين ۾ ڳوڙها ڇو ايندا آهن؟



    بصر (پياز) ڇلهڻ ۽ ڪپڻ جي وقت عمومن اکين مان ڳوڙها (پاڻي) وهڻ لڳندو آهي۔ان جي وجه آهي ته بصر(پياز) جي ڪجه خلين م اهڙا ڪميڪل اجزاء هوندا آهن جيڪي بصر ڪپڻ ۽ ڇلهڻ کانپوء هواء ۾ شامل ٿئي ويندا آهن۔انهن ۾ امائنو ايسڊ (Amino Acid) به شامل هوندو آهي، جيڪو گيس ۾ تبديل ٿئي ويندو آهي ،اها گيس اسانجي اکين تائين پهچندي آهي ۽ اکين ۾ موجود پاڻي سان ملي ڪيميائي عمل شروع ڪندي آهي۔اهو عمل ان گيس جي ڪيميائي حالت کي ٻيهر تبديل ڪندوآهي ،انهي طرح اها هلڪي سلفيورڪ ايسڊ ۾ تبديل ٿئي ويندي آهي۔ ان گيس جي ڪري اکين ۾ سوزش جو احساس ٿيندو آهي۔ اکين جو اعصابي حصو (Nerve Ending) بي حٍد حساس هوندو آهي ، انهڪري اتي سوزش جو احساس جلدي ۽ گهڻو ٿيندو آهي۔ دماغ هڪدم ڳوڙها وهائڻ وارين نلڪين کي حڪم ڏيندو آهي ته هو پاڻي تيار ڪري تاڪي اکين مان ايسڊ کي هڪدم ڌوتو وڃي ۽ انهن جي حفاظت ڪئي وڃي۔

    اهائي وجه آهي جو بصر ڪٽيندي يا ڇلهيندي اسان جي اکين ۾ پاڻي اچي ويندو آهي ۽ اسان فوري ردعمل طور تي اکين کي مهٽيندا آهيون، جيڪڏهن اسان جي هٿن تي بصر جو عرق لڳل هوندو آهي ته سوزش گهٽجڻ جي بدران وڌي ويندي آهي۔

    (بلال مصطفي جي جنرل ناليج واري ڊائري جو هڪ ورق اوهانجي لاء)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    مهرباني سائين بلال مصطفي جي ڊائريء مان بهترين معلوماتي ونڊ ڪيو اٿو
     
  3. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    سائين بصر ڪٽڻ دوران اکين مان نڪرندڙ گوڙهن يا پاڻي کان بچا لا ڇري يا جنهن شي سان بصر ڪٽجي ان کي ٿوري ليمي جي رس هڻي ڪٽڻ سان اکين مان گوڙها نه نڪرندا ۔
     
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اها ريسرچ ڪري ٻُڌايو وڃي ته ان پروسيس سان اکين کي ڇا ڪو فائدو يا نقصان رسندو آهي يا اکيون ڌوپجي صاف سُٿريون ٿي وينديون آهن
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سٺي ڄاڻ واري شيئرنگ آهي۔

    مون ڪٿي پڙهيو هو ته جيڪڏهن ٿورو پاڻي گرم ڪري ، ان پاڻيء ۾ بصر ڪٽجي ته پوء اها گيس پنهنجو اثر وڃائي ويهندي آهي ۽ اکين مان ڳوڙها ناهن وهندا۔ ها باقي مون ڪڏهن اهو تجربو ڪري ناهي ڏٺو، ڇو ته پاڻ کي ڪڏهن بصر ڪاٽڻا ناهن پيا۔
     
  6. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    سائين وري به تجربو هجڻ بهتر آ۔ ڪڏهن ۽ ڪٿي به ڪم اچي سگههي ٿو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو