سڄڻ ياد پياس

نثارابڙو

نائب منتظم
391402_10151016281098948_303305654_n.jpg

نـــوَ نيَـــرَ، ڏهه ڏاوڻيـــون، پنڌرهن پينـــڌَ پيـــاس،
جڏهن سڄڻ ياد پياس، ڇرڪ ڇنايئيـــن هڪڙي.
نوَ نيرَ پائي، جان مون هينئڙو جهليو،
وئــڙو ڇنائي، پوئينءَ رات پرينِ ڏي.
 
نيئر، ڏانوڻيون ۽ پئند ... زنجيرن ۽ رسن جا قسم آهن جيئن نيئر معني لوهه جو ٺهيل زنجير ۽ ڏاوڻي معني اهو رسو جنهن سان پير ٻڌا ويا هجن پئند جي معني پڻ رسو آهي ...

لطيف هن بيت ۾ هن ڪائنات جي مضبوط جڪڙ جو جو ذڪر ڪيو آهي ۽ جڏهن انسان حق کي سڃاڻي وٺي ٿو ته سدس سڀ دنياوي زنجير ۽ ٻڌڻ ٽٽي پون ٿا ....
 
Back
Top