منصور ميراڻي
سينيئر رڪن

اي دل هي موتين برابر تنهنجا انمول ڳوڙها جيڪي تون پنهنجي ساجن جي ڪري اکين مان هاري رهي آهين. اڙي! دل اهو تنهنجي اڱين جو آب ڦڙو ڦڙو ٿي سمنڊ ٿي ويندو... پر تنهنجو ساجن توکان ايترو ته پري هليو ويو ... جو ان جي موٽڻ جي اميد نه ڪر ... اڙي دل تون ائين ڇوٿي سوچين ته هو توسان بي وفائي ڪري ويو ... خودغرض ٿي ويو ....مون کي خبر آهي ته تنهنجي دل تي جيڪي گھاءَ آهن سي تازا آهن... چري ! ڇو ٿي بار بار ساجن کي ساري پنهنجي تازن زخمن تي لوڻ ڇڙڪين؟ ... بس حوصلو ڌار تنهنجي محبت توکان امتحان ٿي وٺي ... صبر ڪر...! اڙي نادان دل! پنهنجي ساجن جي لاءِ دعاڳو ٿيءُ ته تنهنجو ساجن جٿي به هجي خوش هجي..!