• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موتين برابر ڳوڙها

منصور ميراڻي

سينيئر رڪن
564869_398064946902413_876463060_n.jpg

اي دل هي موتين برابر تنهنجا انمول ڳوڙها جيڪي تون پنهنجي ساجن جي ڪري اکين مان هاري رهي آهين. اڙي! دل اهو تنهنجي اڱين جو آب ڦڙو ڦڙو ٿي سمنڊ ٿي ويندو... پر تنهنجو ساجن توکان ايترو ته پري هليو ويو ... جو ان جي موٽڻ جي اميد نه ڪر ... اڙي دل تون ائين ڇوٿي سوچين ته هو توسان بي وفائي ڪري ويو ... خودغرض ٿي ويو ....مون کي خبر آهي ته تنهنجي دل تي جيڪي گھاءَ آهن سي تازا آهن... چري ! ڇو ٿي بار بار ساجن کي ساري پنهنجي تازن زخمن تي لوڻ ڇڙڪين؟ ... بس حوصلو ڌار تنهنجي محبت توکان امتحان ٿي وٺي ... صبر ڪر...! اڙي نادان دل! پنهنجي ساجن جي لاءِ دعاڳو ٿيءُ ته تنهنجو ساجن جٿي به هجي خوش هجي..!
 
تمام سهڻيون سٽون، خوبصورت ڊائريء جا ورق

مونکي پنهنجي دوست ۽ عزيز وفا حاڪم وساڻ جون سٽون ياد اچي ويو

اجـرا ڳـوڙها، مـيرا ڳل
تو بن مون وٽ ڪهڙا پل


تنهنجي يادن ۾ وکريا
خواب ۽ نيڻن جا ڪاجل
 
Back
Top