انعامي اسڪيمن کان بچايو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اڄڪلهه انعامي اسڪيمون جيڪي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ عام آهن ماڻهو لالچ ۾ اچي پنهنجي هڙ وڃائي ٿا ويهن اهڙن ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي۔

    سڪرنڊ واسين کي انعامي اسڪيمن کان بچايو
    اسان جي شهر سڪرنڊ ۾ گذريل 12 مهينن کان عوام کي انعامي اسڪيمن جي آڙ ۾ ڪنگال بڻائڻ جو ڪاروبار جاري آهي. هي ڪاروبار ڪو عام ماڻهو نه، پر اهڙا ماڻهو هلائي رهيا آهن جيڪي سرڪاري ملازمتون به ڪن ٿا. جيڪي ماڻهن کي صرف 3 هزارن ۾ ڪار، موٽرسائيڪلون، فرج، دبئي جي ٽڪيٽ ۽ ٻين انعامن جو آسرو لالچ ڏئي ڪروڙين رپيا لُٽي رهيا آهن! واسطيدار انتظاميا کي گهرجي ته سڪرنڊ جي سادي عوام کي بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي ڇو ته هن انعامي اسڪيم جي چڪر ۾ ماڻهن گهرن جي مسواڙ، سيڌي سامان جي رقم ۽ ٻارن جي اسڪول فيس کپائڻ شروع ڪري ڏني آهي.
    وسيم ايم/سڪرنڊ (ڪاوش)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    چوندا آهن ته ”جت لوڀي هجن ات ٺوڳي بک نه مرن“ اهو ڪم سموري دنيا ۾ ٿيندو آهي، پر ائين نه جيئن شايد سڪرنڊ ۾ ۔۔۔ پر هاڻ انجو تدارڪ ماڻهن جو شعور آهي ۔۔۔ پوليس يا حڪومت پاڻ ماشاء الله ست ڪوئا کائي حج ڪرڻ ويندي آهي، انڪري ان مان آسرو ڪرڻ ائين آهي جيئن ٻلي کان گوشت جي حفاظت ڪرائڻ ۔۔۔

    شعور بابا شعور ۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    پر سائين نثارابڙو صاحب آخر هن ستل قوم کي اهڙن ٺڳن، ء بدماشن کان ڪير ڇٽڪارو ڏياريندو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تعليم۔ جڏهن سڪرنڊ جي 80 سيڪڙو عوام گريجوئيٽ هوندي، جڏهن اهي سڀ اوهان جا اهي ويغام فيس بوڪ يا سنڌ سلامت تي پڙهندا تڏنهن!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار ڳالهه اها آهي ته اوهان انهن اسڪيمن ۾ حصو وٺڻ ڇڏي ڏيو، پاڻهي بند ٿي وينديون۔

    پر اسان وٽ هر ڪو شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾ اچي، خواب ڏسڻ ٿو شروع ڪري ۽ پوء نتيجو سڀني جي سامهون آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو