عرس پريو
سينيئر رڪن
اڄڪلهه انعامي اسڪيمون جيڪي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ عام آهن ماڻهو لالچ ۾ اچي پنهنجي هڙ وڃائي ٿا ويهن اهڙن ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي۔
سڪرنڊ واسين کي انعامي اسڪيمن کان بچايو
اسان جي شهر سڪرنڊ ۾ گذريل 12 مهينن کان عوام کي انعامي اسڪيمن جي آڙ ۾ ڪنگال بڻائڻ جو ڪاروبار جاري آهي. هي ڪاروبار ڪو عام ماڻهو نه، پر اهڙا ماڻهو هلائي رهيا آهن جيڪي سرڪاري ملازمتون به ڪن ٿا. جيڪي ماڻهن کي صرف 3 هزارن ۾ ڪار، موٽرسائيڪلون، فرج، دبئي جي ٽڪيٽ ۽ ٻين انعامن جو آسرو لالچ ڏئي ڪروڙين رپيا لُٽي رهيا آهن! واسطيدار انتظاميا کي گهرجي ته سڪرنڊ جي سادي عوام کي بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي ڇو ته هن انعامي اسڪيم جي چڪر ۾ ماڻهن گهرن جي مسواڙ، سيڌي سامان جي رقم ۽ ٻارن جي اسڪول فيس کپائڻ شروع ڪري ڏني آهي.
وسيم ايم/سڪرنڊ (ڪاوش)