• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۽ دنيا جي قومن ۾ فرق

نثارابڙو

نائب منتظم
553317_10151022458118948_2082541370_n.jpg

سنڌ ۽ دنيا جي قومن ۾ فرق صاف ظآهر آهي.

خيرپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي وسيع علائقي ۾ کارڪن جو فصل ٿئي ٿو، پر ڇا سنڌ حڪومت ان فصل جي هارين جي واڌ ويجهه لاءِ ڪو قدم کنيو ۽ دنيا ۾ کارڪن جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ جي کارڪ کي ڪو مان ڏياريو ....؟؟؟؟

سعودي عرب ۾ ٿيندڙ کارڪن کي سعودي حڪومت دنيا ڀر ۾ وڪري جا جوڳا بندوبست ڪري 37 ڏينهن ۾ 800 ملين ريالن جو بزنس ڪيو جيڪي لڳ ڀڳ 213 ملين ڊِالر ٿين ٿا ... 21 هزار ملين روپيا ...

21 هزار ملين روپيا صرف کارڪن مان ڪمائڻ واري ملڪ کي تيل ۽ سون جي ڪهڙي ضرورت ... ڇا سنڌي جيڪڏهن پنهنجي زراعت مان ئي ڪمائڻ چاهن ته سنڌ جو ٻچو ٻچو آسودو ۽ دنيا جي امير انسانن ۾ شمار ٿيڻ لڳي ....

هاءِ ڙي سنڌ جو نڀاڳي ۽ ڏوهاري اولاد جي ماءُ ٿي پئين آهين ....!!!!!​
 
سائين نثار لک ٿورا اواهن هڪ اهم اشو ڏانهن ڌيان ڇڪايو۔

مان اوهان دوستن جي لاء ڄاڻ ڏيندو هلان ته اصل معاملو مارڪيٽنگ ۽ وڪرو به ناهي، ڇو ته ڇهاري لاء هندستان جڏهن ته ڪتل يا کارڪن لاء چين وڏا مارڪيٽ آهن ۽ چيني ماڻهو ته پاڻ سکر ۽ خيرپور پهچي وڃن ٿا، پر اصل ڳالهه آهي کجي مان ڇوهاري ٺاهڻ جي۔ جيڪڏهن برسات پوي ٿه پوء پيداوار اڌ ۽ ڪڏهن ته وري چوٿين حصي جي برابر به نه ٿي رهي۔ جڏهن برسات جو سايو ٿيندو آهي ته خيرپور جي ماڻهن ۽ واپارين جا منهن لٿل هوندا آهن ۽ هو برسات کان بچڻ جون دعائون، باسون باسيندا آهن۔

اڄ تائين برسات جي صورت ۾ اصيل کجي کي ڪيئن بچائجي ان تي ڪا خاص تحقيق ناهي ٿي ۽ نه ئي ان ڳالهه تي ڪا تحقيقي ٿي آهي ته ڇهاري جي پيداوار ۽ ڇهاري جو پراسس هڪ هفتي کان گهٽائي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪيئن ڪجي۔ ان تي تحقيق ٿيڻ گهرجي۔ ٻيو ته اڄڪلهه موسمي تبديلين پڻ کجيء کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي، جولاء جي پهرين هفتي ۾ مڪمل تيار ٿيندڙ اصيل کجي اڃان تائين تيار ٿي ناهي سگهي، نتيجي ۾ کارڪون ڇڻڻ لڳيون آهن۔

ياد رهي ته اصيل کجي جنهن جا ڏنگ گهڻو مشهور آهن ، ان جي ڪتل ۽ ڇوهارو پڻ لاجواب ٿئي، اها دنيا ۾ صرف خيرپور ضلعي ۾ ٿيندي آهي۔
 
ياد رهي ته اصيل کجي جنهن جا ڏنگ گهڻو مشهور آهن ، ان جي ڪتل ۽ ڇوهارو پڻ لاجواب ٿئي، اها دنيا ۾ صرف خيرپور ضلعي ۾ ٿيندي آهي
سائين وساڻ صاحب اها دنيا ۾ صرف خيرپور ضلعي ۾ ٿيندي آهي ان سان اتفاق بنه ڪونهي ۔ دنيا ۾ جتي به کجي جو فصل ٿئي ٿو اتي ڏنگ به ٿئي ٿو۔
 
سائين نثار صاحب دعا آهي الله سائين اسان جي سنڌ کي هميشه آباد قائم دائم رکي ۽ انشاءَ رهندي ڇو جو وڏين وڏين هستين جي سنڌ لئي دعا ڪئي آهي ته سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين ته انشاءَ الله اسان جي سنڌ جو ڪو واربه ونگو نه ٿو ڪري سگهي باقي اوهان چيو ته سنڌ امڙ جي( نڀاگي ۽ ڏوهاري اولاد) ته اهي اسان جا ڪارناما اهڙا آهن جنهن جي ڪري اسان پوئتي آهيون اسان جي سنڌ ۾ سڀ ڪجه هوندي به ڪجھه نه آهي ياد نٿو اچي ته هي سيٽون آءُ ڪٿان پڙهيون هيون ته شاه سائين جي دعا جو پيو ڏسان اُبتو اثر ٿيا سڀئي آباد عالم سنڌ منهنجي ۾ ڏُڪر
 
سائين نثار صاحب ان ۾ هڪ عام هاري يا وڪرو ڪندڙ جو ڪهڙو ڏوهه ته هو پنهنجي جنس کي بين الاقوامي منڊي تائين پهچائي سگهي، اهو ته اسان جي ادارن جو ڪم آهي جيڪي اسان جي ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ شين کي عالمي منڊي تائين رسائن، ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اسان جي ملڪ م پيدا ٿيندڙ عام واهپي جي شين جي عالمي منڊي ۾ گهرج ڪانهي، بلڪل آهي، پر اهو ڪم حڪومتي ادارن جو آهي، جيڪي سموري دنيا تائين اسان جي پراڊڪٽ کي هٿي وٺرائن۔
 
ياد رهي ته اصيل کجي جنهن جا ڏنگ گهڻو مشهور آهن ، ان جي ڪتل ۽ ڇوهارو پڻ لاجواب ٿئي، اها دنيا ۾ صرف خيرپور ضلعي ۾ ٿيندي آهي
سائين وساڻ صاحب اها دنيا ۾ صرف خيرپور ضلعي ۾ ٿيندي آهي ان سان اتفاق بنه ڪونهي ۔ دنيا ۾ جتي به کجي جو فصل ٿئي ٿو اتي ڏنگ به ٿئي ٿو۔

کجي جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا ۽ ان حساب سان بيپناهه قسمن جا ڏنگ به ٿين ٿا، پر خيرپور ۾ ٿيندڙ اصيل سڏجندڙ کجي (کجي جو هڪ خاص قسم) صرف خيرپور ۾ ٿئي، يا وري سنڌ جي ڪجهه ٻين علائقن ۾ جتي شوقيه پوکي وڃي ٿي۔ اوهان تحقيق ڪري ڏسجو۔
 
Back
Top