ڪجهه ڏينهن اڳ ئي عامر خان کي سندس لائيٽ ويٽ عالمي نمبر ون وارو ٽائيٽل واپس مليو هو، پر 15 جولاء تي آمريڪا جي ڊيني گارشيا کيس بري طرح شڪست ڏني۔ مقابلو چار رائونڊ ئي مس هليو هو ته ڊيني گارشيا جي مُڪن اڳيان پاڪستاني نزاد برطانوي باڪسر عامر خان بي بس ٿي ويو ۽ ريفري جي ڳڻپ تي ڪو جواب ڏئي نه سگهيو۔
ياد رهي ته عامر خان هن وقت تائين 27 مقابلن ۾ حصو ورتو جن مان هن 24 ۾ فتح ضاصل ڪئي، جڏهن ته سندس مد مقابل ڊيني گارسيا 24 مقابلن ۾ ناقابل شڪست رهڻ سان گڏ پنهنجي سڀني مخالفن کي ناڪ آئوٽ ڪيو آهي۔
ڏسڻو اهو آهي ته ڇا هي شڪست عامر خان جي باڪسنگ ڪيريئر جو انت آڻيندي۔