• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ مشهور اخبار مهراڻ جي تعاون سان ليڊي ڊائنا ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب

نثارناز

سينيئر رڪن
ليڊي ڊائنا ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ 14جولائي 2012 تي ايوارڊ ورهايا ويا سمورو آڊيٽوريم مختلف طبقه فڪر سان مڪمل طور ڀريل هو. سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز به ايوارڊ ماڻيندڙن ۾ شامل
رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدناز
اڄ برو ز ڇنچر بتاريخ 14 جولاءِ 2012 صُبح ڏهين وڳي سنڌ جي خوبصورت شامن جي شهر حيدرآباد جي تاريخي سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سنڌ مشهور اخبار مهراڻ جي تعاون سان ليڊي ڊائنا ويلفيئر آرگنائزر​
پاران ليڊي ڊائنا ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب ٿي جنهن ۾ مختلف ڪيٽيگريز ۾ ايوارڊ ڏنا ويا، ايوارڊ ماڻڻ وارن۾ فلم ريڊيو ٽي وي، اسٽيج ، فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون شامل سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمد ناز کي به سندس بهترين سماجي ايڪٽوٽيز جي آڌار تي پڻ ايوارڊ ڏنو ويو ، سارو آڊيٽوريم خواتين توڙي مردن سان کچا کچا ڀريو پيو هو، جيئن ته هن ڀيري مان سنڌ سلامت جي ڪئميرا کڻي ڪونه ويس ۽ هي جيڪي به تصويرون آهن سي منهنجي موبائل مان نڪتل آهن ان ڪري تصويرن جي رزلٽ ڪجهه ماٺي آهي ، جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان ،ان موقعي تي ليڊي ڊائنا ويلفيئر آرگنائزيشن جي چيئرمين سنڌ مشهور گلوڪار، ڊائريڪٽر، موسيقار، دل ۾ دُکي درد رکندڙ شخصيت محترم گُل حسن گُل چيو ته ليڊي ڊائنا ايوارڊ ورهائڻ جو جو مقصد سنڌ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ن جي ايڪسٽرا ايڪٽوٽي جي حوصلا افزائي ۽ همت افزئي ڪرڻ آهي اسان مجموعي طور تي انهن شخصيتن جي ايڪٽوٽي کي نظر ۾ رکي انهن شخصيتن کي ايوارڊ ڏنو آهي. هن هن ايوراڊ تقريب ۾ ايوارڊ ماڻڻ وارن کي دل جي گهرائين سان مُبارڪو ن ۽ واڌيون چيون ۽ سڀني شريڪ ٿيندڙن معزز خواتين توڙي حضرات جا ٿورا پڻ مڃيا. هن رنگا رنگ ايوارڊ واري تقريب ۾ وقفي وقفي سان سنڌ جا بهترين راڳي پنهنجا بهترين گيت پيش ڪندا رهيا، جن ۾ آغا ثناالله ، ماسٽر ولي ، صوبيه سومرو، گُل حسن گُل، وحيد رمضان، سرفهرست هُئا، جڏهن ته سنڌ جي نامياري ليکڪه محترما زيب نظاماڻي جي شرڪت بحيثيت شاعره ۽ ليکڪه جي هن سموري ايوارڊ واري تقريب جي شان ۽ مان ۾ اظافو ڪري رهي هُئي ، هن ايوارڊ واري تقريب ۾ سنڌ مشهور مزاحيه فنڪار مٺو پنهنجا مزيدار چُٽڪلا ٻُڌائي ساري محفل کي زعفران بنائي ڇڏيو، هن ايوارڊ واري تقريب ۾ مشهور فنڪار ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڏ جي صدر رفيق عيساڻي ، ديس مشهور فنڪار شهباز ڌراني، نسرين ناز، سمرين فلسطين، ۽ کوڙ سارا فنڪار دوست شريڪ ٿيا، هن رنگا رنگي تقريب جي اسٽيج جي ڪاروائي جي ذميواري ، ايف ايم حيدرآباد ۽ ريڊيو پاڪستان جي بهترين انائونسر محترما سُميرا مختيار انڙ، محترما حُسنا پارس ، محترم حسين خاصخيلي ۽ محترم گُل حُسن گُل هلائي.اهڙي طرح هي ايوارڊ ورهائڻ واري رنگا رنگي تقريب جيڪا صُٻح جو 10 وڳي کان شروع ٿي ڏينهن جي ساڍي ٽي وڳي تائين پنهنجي پُڄاڻي تي پُهتي​
هاڻي پيش آهن هن رنگا رنگي ايوارڊ ورهائڻ جون ڪجهه تصويري جهلڪيون​
487647_10151041817583216_1864586145_n.jpg
ليڊي ڊائنا ويلفيئر آرگنائيزيشن جو ڊائريڪٽر گل حسن گل ۽ سنڌ مشهور فنڪاره نسرين ناز آرگنائيزيشن جي مول متن جي باري ۾ ٻڌائي رهيا آهن​
563900_10151041816473216_706392517_n.jpg
552308_10151041820138216_704418827_n.jpg
599456_10151041820543216_7052812_n.jpg
293733_10151047869673216_1696835961_n.jpg
ايوارڊ ماڻيندڙ ڪجهه مشهور شخصيتون جنهن ۾ ٽي درجي وارو شاعر سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز به شامل آهي پنهنجي ايوارڊن سميت​
375635_10151041845928216_1044475532_n.jpg
3640_10151041846493216_2016817660_n.jpg
سنڌ جي مشهور سنڌي ليکڪه شاعره سانئڻ زيب نظاماڻي کان سوا حيدرآباد سنڌ ۾ ڪابه سماجي يا ادبي تقريب سجندي ناهي ليڊي ڊائنا ويلفيئر ايوارڊ ۾ معذور اسپيشل ماڻهن سان گڏجي هڪڙو ڪردار بڻجي هڪڙي زبردست ٽيبلو ۾ ڪردار نگاري ڪندي​
 
جسس آ جهونا سائين توهان کي جو توهان جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي توهان ته سنڌ سلامت جا مور آهيو توهان جيڪر اهڙيون تقريبون مس ڪندا ته پو توهان کي ته راتين جو ننڊون ئي ڪونه اينديون هونديون۔ باقي توهان جي رپورٽ تفصيلي پڙهي جيڪا تمام سٺي لفظن جي اُچارن ۾ لکيل آهي ۽ ان سان گڏ تصويرون به تمام سٺيون آهن۔
 
ادا معظم علي مهربانيون ڀا ڳالهه هاڻي مس ڪرڻ جي ڪانهي ڳالهه رڳو جند ڇڏائڻ جي آهي هي پوڙهو جوڳي نثارناز اهڙا پروگرام ڪور ڪندي ڪندي سفر ڪندي ڪندي قسم سان ڏاڍو ٿڪي پيو آهي ، رڳو دعا ڪريو باقي زندگي جا پل سڪون ۽ آرام سان گُذري وڃن باقي ادا سائين جيڪو حال حبيبان تهڙو پيش پريان جي۔ ڪجهه تصويرون دل چوي ٿي اڃان انهي تقريب جون توهان سان ونڊ ڪريان۔
376241_10151041818853216_227148620_n.jpg
سنڌ جو ناميارو آرٽسٽ رفيق عيساڻي پنهنجو منفرد انداز مُسڪرائڻ وارو کڻيو هتي به ويٺو آهي​
534931_10151041825728216_450135040_n.jpg
376215_10151041826223216_1415106288_n.jpg
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي محترما سُميره مختيار اُنڙ ۽ ٻي محترما حسينه پارس هن ايوارڊ واري تقريب ۾ اسٽيج سيڪريٽري وارا فرض سرانجام ڏئي رهيون آهن محترما حسينه پارس جي باري ۾ اهو معلوم ٿيو ته پاڻ سنڌي ڏاهي خان محمد پنهور جي نياڻي آهي​
318830_10151041817218216_1384159724_n.jpg
سنڌ جو ڀلوڙ مزاحيه فنڪار قادر بخش مٺو پنهنجي واري جو انتظار ڪي رهيو آهي​
487714_10151041815368216_428464321_n.jpg
هن ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب جا آرگنائزر ايوارڊ ماڻيندڙن جا نالا ظاهر ڪري رهيا آهن​
552382_10151041819803216_1894204228_n.jpg
مشهور اداڪار محترم شهباز ڌراني کي به ليڊي ڊائنا ويلفيئر ايوارڊ سان نوازيو ويو​
599885_10151041824228216_829518065_n.jpg
ڳاڙهو وڳو پاتل محترما سميره مختيار انڙ ۽ اڇو وڳو پاتل محترما حسينا پارس علي نهايت ئي ايمانداري سان پنهنجي اسٽيج وارا فرائض سرانجام ڏنا​
528106_10151041818533216_23118289_n.jpg
مشهور اداڪار محترم اسرار لغاري سندس پاسي ۾ ساٿي فنڪار جڏهن ته پٺيان سنڌ جي ڀلوڙ شاعره زيب نظاماڻي نمايان آهين​
 
تمام سُهڻو لڳو، مُهنجا فنڪار دوست به ويـٺا آهن، توهان شايد اٺين تصوير ۾ عيساڻيءَ سان گڏ عزيز صاحب کي ناهي سُڃاتو جيڪو اسان جي سنڌي چينل جو ڀلوڙ ايڪٽر آهي ۽ ان جو ذڪر ۽ تعارف وساري ويٺا، ٻيو ته سڀ خير آهي، توهان دعوت ڏني نه ڏني ڪا ڳالهه ڪانهين پر افسوس ته مونکي پنهنجي دوست مهراڻ جي چيف ايڊيٽر خان محمد هنڱورجي صاحب جو آهي، پنهنجي مهراڻ اخبار جو رپورٽر ته نٿو ٺاهي ڏاڍي سفارش ڪئي اٿمانس! خير! ان جي به ڪا ڳالهه ڪانهين پر جو هي اهڙي وڏي ايوارڊ تقريب ڪئي ۽ لفٽ به نه ڪرايائين ته ڏنڊ جو حقدار ٿيو نه؟ متا رات رهي ماني ٽڪي کائي وٺان ۽ بيوفائيءَ جا طعنا ڏيانس، هن کي ته سنڌ سلامت جو ميمبر ٺاهيو ته آڏي پُڇا ڪريانس ۽ جي آهي ۽ هي ڏسي پيو ته پوءِ پاڻ ئي مُسڪرائي ڪُڇندو۔۔ ادا ويندو ڪيڏانهن؟ ٻيو ته توهان وٽ اهي جيڪي فنڪار آهن ۽ جن جي توهان ڪوريج ڪريو ٿا اهي فيس بوڪ تي به آهن انهن کي سنڌ سلامت ۾ شموليت جي دعوت به ڏيندا اچو ته ڪچري ڀلي ٿي پوندي
563900_10151041816473216_706392517_n.jpg
 
376241_10151041818853216_227148620_n.jpg
تمام سُهڻو لڳو، مُهنجا فنڪار دوست به ويـٺا آهن، توهان شايد اٺين تصوير ۾ عيساڻيءَ سان گڏ عزيز صاحب کي ناهي سُڃاتو جيڪو اسان جي سنڌي چينل جو ڀلوڙ ايڪٽر آهي ۽ ان جو ذڪر ۽ تعارف وساري ويٺا آهيو،​
 
Back
Top