نثارناز
سينيئر رڪن
ليڊي ڊائنا ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآباد ۾ 14جولائي 2012 تي ايوارڊ ورهايا ويا سمورو آڊيٽوريم مختلف طبقه فڪر سان مڪمل طور ڀريل هو. سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز به ايوارڊ ماڻيندڙن ۾ شامل
رپورٽ ۽ تصويرون نثاراحمدناز
اڄ برو ز ڇنچر بتاريخ 14 جولاءِ 2012 صُبح ڏهين وڳي سنڌ جي خوبصورت شامن جي شهر حيدرآباد جي تاريخي سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سنڌ مشهور اخبار مهراڻ جي تعاون سان ليڊي ڊائنا ويلفيئر آرگنائزر
پاران ليڊي ڊائنا ايوارڊ ورهائڻ جي تقريب ٿي جنهن ۾ مختلف ڪيٽيگريز ۾ ايوارڊ ڏنا ويا، ايوارڊ ماڻڻ وارن۾ فلم ريڊيو ٽي وي، اسٽيج ، فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون شامل سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمد ناز کي به سندس بهترين سماجي ايڪٽوٽيز جي آڌار تي پڻ ايوارڊ ڏنو ويو ، سارو آڊيٽوريم خواتين توڙي مردن سان کچا کچا ڀريو پيو هو، جيئن ته هن ڀيري مان سنڌ سلامت جي ڪئميرا کڻي ڪونه ويس ۽ هي جيڪي به تصويرون آهن سي منهنجي موبائل مان نڪتل آهن ان ڪري تصويرن جي رزلٽ ڪجهه ماٺي آهي ، جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان ،ان موقعي تي ليڊي ڊائنا ويلفيئر آرگنائزيشن جي چيئرمين سنڌ مشهور گلوڪار، ڊائريڪٽر، موسيقار، دل ۾ دُکي درد رکندڙ شخصيت محترم گُل حسن گُل چيو ته ليڊي ڊائنا ايوارڊ ورهائڻ جو جو مقصد سنڌ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ن جي ايڪسٽرا ايڪٽوٽي جي حوصلا افزائي ۽ همت افزئي ڪرڻ آهي اسان مجموعي طور تي انهن شخصيتن جي ايڪٽوٽي کي نظر ۾ رکي انهن شخصيتن کي ايوارڊ ڏنو آهي. هن هن ايوراڊ تقريب ۾ ايوارڊ ماڻڻ وارن کي دل جي گهرائين سان مُبارڪو ن ۽ واڌيون چيون ۽ سڀني شريڪ ٿيندڙن معزز خواتين توڙي حضرات جا ٿورا پڻ مڃيا. هن رنگا رنگ ايوارڊ واري تقريب ۾ وقفي وقفي سان سنڌ جا بهترين راڳي پنهنجا بهترين گيت پيش ڪندا رهيا، جن ۾ آغا ثناالله ، ماسٽر ولي ، صوبيه سومرو، گُل حسن گُل، وحيد رمضان، سرفهرست هُئا، جڏهن ته سنڌ جي نامياري ليکڪه محترما زيب نظاماڻي جي شرڪت بحيثيت شاعره ۽ ليکڪه جي هن سموري ايوارڊ واري تقريب جي شان ۽ مان ۾ اظافو ڪري رهي هُئي ، هن ايوارڊ واري تقريب ۾ سنڌ مشهور مزاحيه فنڪار مٺو پنهنجا مزيدار چُٽڪلا ٻُڌائي ساري محفل کي زعفران بنائي ڇڏيو، هن ايوارڊ واري تقريب ۾ مشهور فنڪار ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڏ جي صدر رفيق عيساڻي ، ديس مشهور فنڪار شهباز ڌراني، نسرين ناز، سمرين فلسطين، ۽ کوڙ سارا فنڪار دوست شريڪ ٿيا، هن رنگا رنگي تقريب جي اسٽيج جي ڪاروائي جي ذميواري ، ايف ايم حيدرآباد ۽ ريڊيو پاڪستان جي بهترين انائونسر محترما سُميرا مختيار انڙ، محترما حُسنا پارس ، محترم حسين خاصخيلي ۽ محترم گُل حُسن گُل هلائي.اهڙي طرح هي ايوارڊ ورهائڻ واري رنگا رنگي تقريب جيڪا صُٻح جو 10 وڳي کان شروع ٿي ڏينهن جي ساڍي ٽي وڳي تائين پنهنجي پُڄاڻي تي پُهتي
هاڻي پيش آهن هن رنگا رنگي ايوارڊ ورهائڻ جون ڪجهه تصويري جهلڪيون

ليڊي ڊائنا ويلفيئر آرگنائيزيشن جو ڊائريڪٽر گل حسن گل ۽ سنڌ مشهور فنڪاره نسرين ناز آرگنائيزيشن جي مول متن جي باري ۾ ٻڌائي رهيا آهن




ايوارڊ ماڻيندڙ ڪجهه مشهور شخصيتون جنهن ۾ ٽي درجي وارو شاعر سنڌ سلامت جو جهونو نثاراحمدناز به شامل آهي پنهنجي ايوارڊن سميت


سنڌ جي مشهور سنڌي ليکڪه شاعره سانئڻ زيب نظاماڻي کان سوا حيدرآباد سنڌ ۾ ڪابه سماجي يا ادبي تقريب سجندي ناهي ليڊي ڊائنا ويلفيئر ايوارڊ ۾ معذور اسپيشل ماڻهن سان گڏجي هڪڙو ڪردار بڻجي هڪڙي زبردست ٽيبلو ۾ ڪردار نگاري ڪندي