اتر سنڌ جي مختلف شهرن مان 78 هندو خاندان سنڌ امڙ کي الوداع ڪري ويا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2012۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ ڌرتي اصلوڪن وارثن لاءِ اوپري بڻجي وئي، عزتون ۽ جان بچائڻ لاءِ اتر سنڌ مان 78 خاندان ڌرتي ڇڏي هندستان روانا، سنڌ امڙ کان ان جي اولاد جي ڌار ٿيڻ وقت آسمان به روئي ڏنو، اسانکي سڀني لاوارث ڪري ڇڏيو ڪاروبار ته ٺهيو عزت سان جيئڻ به ڏکيو ڪيو ويو آهي، اباڻا ڪک ڇڏيندڙن جون سڏڪن ۾ ڳالهيون. تفصيل موجب سنڌي سماج ۾ وڌندڙ انتها پسنديءَ جي لاڙن، سنڌي هندو نياڻين کي اغوا ڪري زوري مذهب مٽرائڻ، ڀنگ لاءِ اغوا، ڀتاگيري، چورين، ڌاڙن ۽ ڌمڪين کان تنگ اچي ڪالهه اتر سنڌ جي جروار، ميرپور ماٿيلو، خانپور مهر، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي شهرن مان 78 هندو خاندان پنهنجو ڪاروبار، گھر، ڪارخانا ۽ زمينون ڀڳڙن مٺ وڪڻي هندستان لڏي هليا ويا. ان ڏس ۾ عوامي آواز کي مليل تفصيلن موجب ڪالهه سڀ کان وڌيڪ لڏ پلاڻ گھوٽڪي ضلعي جي جروار شهر مان ٿي جتان مهندر ڪمار، ڪيلاش ڪمار، امرت لعل، اشوڪ ڪمار، مرلي رام، سوجھا رام، روشن لعل، وڪي ڪمار، نريش ڪمار، ماستر سريش ڪمار ۽ مهيش ڪمار سميت 60 خاندان رات 8 وڳي گاڏين ذريعي لاهور روانا ٿي ويا جتان هو سمجھوتا ايڪسپريس ذريعي ڀارت جي شهرن راءِ پور، ناگپور، لکنئو، ڀوپال ۽ پونا لاءِ روانا ٿيندا. انهن سان گڏ خانپور مهر مان انيل ڪمار ۽ سنيل ڪمار جا ٻه خاندان ۽ ميرپور ماٿيلو شهر جي امر شهيد ڪالونيءَ جو رهواسي ڀيشو لعل به خاندان سميت لاهور رستي ڀارت جي شهرن راءِ پور ۽ پونا روانا ٿيا آهن. هوڏانهن ڪنڌ ڪوٽ جي نانڪ واڙو پاڙي مان تارا چند، ديپڪ ڪمار، ديوان لعل، وير ڪمار ۽ راج ڪمار جا خاندان، راجيش ڪمار پٽ ڪندن داس ۽ پون ڪمار پٽ سڌام چند سميت 10 خاندان ڀارت منتقل ٿيڻ لاءِ روانا ٿيا آهن جڏهن ته لاڙڪاڻي جي پاڪستان چوڪ تي واقع اميت اليڪٽرانڪ اسٽور جو مالڪ اميت ڪمار پٽ اشوڪ ڪمار پڻ اباڻا ڪک ڇڏي هميشه لاءِ ڀارت جي شهر احمدآباد روانو ٿيو آهي. اهڙي طرح ڪالهه 78 خاندانن جي ساڍا چار سئو کان وڌيڪ گھر ڀاتين عورتن، مردن، ٻارن ۽ پوڙهن پنهنجي ماتر ڀومي کي هميشه لاءِ الوداع ڪرڻ جو درد ڀوڳيو. ان حوالي سان عوامي آواز کي تصديق ٿيل ڄاڻ ملي آهي ته اتر سنڌ مان هڪ هزار کان وڌيڪ هندو خاندانن سنڌ ڇڏي هندستان سميت مختلف ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ ان لاءِ اڪثريت ويزائون به وٺي ڇڏيون آهن جڏهن ته ڪجهھ رهيل خاندانن جون ويزائون پراسس ۾ آهن. لڏ پلاڻ ڪرڻ جو ارادو رکندڙ خاندانن جا سربراهه ڳجھ ڳوهه ۾ پنهنجن گھرن ۽ ڪاروبار جا سودا ڪري رهيا آهن. اطلاعن موجب لڏ پلاڻ ڪندڙ ۽ ارادو رکندڙن جي وڏي اڪثريت جو تعلق گھوٽڪي ضلعي سان آهي جتان جان هندو سڀ کان وڌيڪ پنهنجين نياڻين جي عزتن کي غير محفوظ سمجھي رهيا آهن خاص طور رنڪل عرف فريال واري معاملي کان پوءِ جي ٿيندڙ ڪاررواين اتان جي هندو برادريءَ ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌائي ڇڏيو آهي.ٻئي پاسي پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ ڇڏي ڌارين جي ديس هندستان لڏپلاڻ ڪندڙن حڪومت، چونڊيل نمائندن، قومپرست اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي مٿان الزام مڙهيو آهي ته انهن کين ننڌڻڪو ۽ لاوارث ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه لڏ پلاڻ ڪرڻ وقت عوامي آواز سان ڏک اوريندي جروار، ميرپور ماٿيلو ۽ لاڙڪاڻي واسي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جو چوڻ هو ته سڀني جي ساڻن همدردي رڳو اخباري بيانن تائين محدود آهي عملي طور ڪنهن به سندن سار سنڀار ناهي لڌي. هنن روئيندي چيو ته جڏهن اسانجي نياڻين کي اسڪول ۽ ڪاليج ويندي تنگ ڪيو ويندو آهي، جڏهن کين اغوا ڪيو ويندو آهي، جڏهن سندن ڪاروبار وارين جڳهن تي اچي کين ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن، هٿيارن جي زور تي ڀتو ورتو ويندو آهي، ڏينهن ڏٺي جو گھرن ۾ داخل ٿي ڦرون ڪيون وينديون آهن، عورتن جي بيحرمتي ڪئي ويندي آهي ته ان وقت نه ڪو چونڊيل نمائندو نظر ايندو آهي نه ڪو قومپرست اڳواڻ ۽ نه سول سوسائٽي سامهون ايندي آهي. هنن چيو ته حڪومت ته اسان کي ٻئي ٽئين ته ڇا چوٿين درجي جو شهري بڻائي ڇڏيو آهي. پوليس ۽ حڪومتي عملدار ڏاڍن جا ڪمدار بڻيل آهن. هنن چيو ته نه اسان پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلي سگھون ٿا نه ڪاروبار ڪري سگھون ٿا اهڙي صورت ۾ اسان وٽ اهو ئي رستو آهي ته عزتون ۽ جان بچائڻ لاءِ ماتر ڀوميءَ کان جدائيءَ جون درد ڀوڳيندا رهون.
    عوامي آواز
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    انتهائي افسوس جي ڳالھ آهي ، هي ديوان نه ڪنهن سان ٺڳي ڪن نه ڌاڙا هڻن نه ڪنهنکي ڏکائن انهنجو مذهب پنهنجي جا تي مگر انهن سان زيادتيون روا نه آهن۔ هو هند وڃي نه رڳو سنڌين بلڪه مسلمانن لا پڻ اهو ضرور چوندا نه اسانسان لاتعدادغير شرعي زيادتيون ڪيون ويون ۔ انهي جو اثر هند ۾ مسلمانن تي به پئجي سگهي ٿو ۔ هي سڀ غيرن جون سازشون آهن۔
    الله پاڪ اسانکي ظالمن جي ظلم کان بچائي آمين ۽ هر انسان سان همدردي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    محترم سائين، سنڌ جي مسلمانن جي اخلاقي ۽ علمي پسماندگي ۽ سنڌ جي غلامي ان جا سڀ کان وڏا ڪارڻ آهن ۔۔۔

    اصل ۾ جڏهن پاڪستان ٺهيو ٿي ان وقت سنڌي هندن ۽ مسلمانن جيڪي مذهبي فرق وڌا سي اڄ به اسانجي وچ ۾ موجود آهن ۽ اثر ڏيکارين پيا ۽ جيڪي بيوقوفيون ڪيون سي به ظاهر ٿين پيون ۔۔۔

    مٿان وري پاڪستان جنهن جو منهن ٻاڪرو، پيڇو سوئر جو آهي، جي رهندي سنڌ يا ٻين ننڍين قومن سان ڪڏهن ڀلائي نه ٿيندي ۔۔۔ اهو شرط جيڪڏهن ڪو رکڻ چاهي ته گولي گولي شرط رکڻ لاءِ تيار آهيان ۔۔۔

    پنهنجي 50 سال عمر گذري وئي آهي ۽ باقي جيڪي 10، 15 يا 20 سال جيئرا هونداسون ان ۾ اها شرط لاڳو رهندي ۔۔۔۔

    هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾ ۔۔۔ ۽ مصيبت پنهنجن جي هٿان ٿي رهيا آهن ۔۔۔۔اڄڪلهه سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سوين گنڊا هٿيار کڻي سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙين ٿا ۔۔۔ اهي ڪير آهن ۔۔۔۔؟؟؟؟؟ پنجابي، مهاجر يا پٺاڻ ۔۔۔۔؟؟؟؟

    غلام قومن جو غلامانه ذهن ۔۔۔ فرق صاف ظاهر آهي۔
     
  4. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    ها ادا اها ته هڪ درد ناڪ خبر آهي ته هن سنڌ ڄايا ٻچڙا سنڌ ڇڏيو پيا وڃن ۽ ڌاريان اچي پنهنجو ڌيرو پيا ڄمائين اها اسان سنڌين لا هڪ افسوسناڪ الميو آهي ته اسان پاڻ پنهنجي جيجل سنڌ جي جهولي خالي پيا ڪريون۔
     
  5. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    واڌايون مبارڪون سنڌ جي نام نهاد هٿ ٺوڪين پيرن فقيرن کي انهن جي خليفن کي ، جي پنهنجن منسوبن ۾ سو فيصد ڪامياب پيا وڃن
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا افسوس ٿو ٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اهڙن سنڌي حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي جن جي لاپرواهيء هنڌ کي لڏڻ تهي مجبور ڪيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو