سنڌ ڌرتي اصلوڪن وارثن لاءِ اوپري بڻجي وئي، عزتون ۽ جان بچائڻ لاءِ اتر سنڌ مان 78 خاندان ڌرتي ڇڏي هندستان روانا، سنڌ امڙ کان ان جي اولاد جي ڌار ٿيڻ وقت آسمان به روئي ڏنو، اسانکي سڀني لاوارث ڪري ڇڏيو ڪاروبار ته ٺهيو عزت سان جيئڻ به ڏکيو ڪيو ويو آهي، اباڻا ڪک ڇڏيندڙن جون سڏڪن ۾ ڳالهيون. تفصيل موجب سنڌي سماج ۾ وڌندڙ انتها پسنديءَ جي لاڙن، سنڌي هندو نياڻين کي اغوا ڪري زوري مذهب مٽرائڻ، ڀنگ لاءِ اغوا، ڀتاگيري، چورين، ڌاڙن ۽ ڌمڪين کان تنگ اچي ڪالهه اتر سنڌ جي جروار، ميرپور ماٿيلو، خانپور مهر، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي شهرن مان 78 هندو خاندان پنهنجو ڪاروبار، گھر، ڪارخانا ۽ زمينون ڀڳڙن مٺ وڪڻي هندستان لڏي هليا ويا. ان ڏس ۾ عوامي آواز کي مليل تفصيلن موجب ڪالهه سڀ کان وڌيڪ لڏ پلاڻ گھوٽڪي ضلعي جي جروار شهر مان ٿي جتان مهندر ڪمار، ڪيلاش ڪمار، امرت لعل، اشوڪ ڪمار، مرلي رام، سوجھا رام، روشن لعل، وڪي ڪمار، نريش ڪمار، ماستر سريش ڪمار ۽ مهيش ڪمار سميت 60 خاندان رات 8 وڳي گاڏين ذريعي لاهور روانا ٿي ويا جتان هو سمجھوتا ايڪسپريس ذريعي ڀارت جي شهرن راءِ پور، ناگپور، لکنئو، ڀوپال ۽ پونا لاءِ روانا ٿيندا. انهن سان گڏ خانپور مهر مان انيل ڪمار ۽ سنيل ڪمار جا ٻه خاندان ۽ ميرپور ماٿيلو شهر جي امر شهيد ڪالونيءَ جو رهواسي ڀيشو لعل به خاندان سميت لاهور رستي ڀارت جي شهرن راءِ پور ۽ پونا روانا ٿيا آهن. هوڏانهن ڪنڌ ڪوٽ جي نانڪ واڙو پاڙي مان تارا چند، ديپڪ ڪمار، ديوان لعل، وير ڪمار ۽ راج ڪمار جا خاندان، راجيش ڪمار پٽ ڪندن داس ۽ پون ڪمار پٽ سڌام چند سميت 10 خاندان ڀارت منتقل ٿيڻ لاءِ روانا ٿيا آهن جڏهن ته لاڙڪاڻي جي پاڪستان چوڪ تي واقع اميت اليڪٽرانڪ اسٽور جو مالڪ اميت ڪمار پٽ اشوڪ ڪمار پڻ اباڻا ڪک ڇڏي هميشه لاءِ ڀارت جي شهر احمدآباد روانو ٿيو آهي. اهڙي طرح ڪالهه 78 خاندانن جي ساڍا چار سئو کان وڌيڪ گھر ڀاتين عورتن، مردن، ٻارن ۽ پوڙهن پنهنجي ماتر ڀومي کي هميشه لاءِ الوداع ڪرڻ جو درد ڀوڳيو. ان حوالي سان عوامي آواز کي تصديق ٿيل ڄاڻ ملي آهي ته اتر سنڌ مان هڪ هزار کان وڌيڪ هندو خاندانن سنڌ ڇڏي هندستان سميت مختلف ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ ان لاءِ اڪثريت ويزائون به وٺي ڇڏيون آهن جڏهن ته ڪجهھ رهيل خاندانن جون ويزائون پراسس ۾ آهن. لڏ پلاڻ ڪرڻ جو ارادو رکندڙ خاندانن جا سربراهه ڳجھ ڳوهه ۾ پنهنجن گھرن ۽ ڪاروبار جا سودا ڪري رهيا آهن. اطلاعن موجب لڏ پلاڻ ڪندڙ ۽ ارادو رکندڙن جي وڏي اڪثريت جو تعلق گھوٽڪي ضلعي سان آهي جتان جان هندو سڀ کان وڌيڪ پنهنجين نياڻين جي عزتن کي غير محفوظ سمجھي رهيا آهن خاص طور رنڪل عرف فريال واري معاملي کان پوءِ جي ٿيندڙ ڪاررواين اتان جي هندو برادريءَ ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌائي ڇڏيو آهي.ٻئي پاسي پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ ڇڏي ڌارين جي ديس هندستان لڏپلاڻ ڪندڙن حڪومت، چونڊيل نمائندن، قومپرست اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي مٿان الزام مڙهيو آهي ته انهن کين ننڌڻڪو ۽ لاوارث ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه لڏ پلاڻ ڪرڻ وقت عوامي آواز سان ڏک اوريندي جروار، ميرپور ماٿيلو ۽ لاڙڪاڻي واسي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جو چوڻ هو ته سڀني جي ساڻن همدردي رڳو اخباري بيانن تائين محدود آهي عملي طور ڪنهن به سندن سار سنڀار ناهي لڌي. هنن روئيندي چيو ته جڏهن اسانجي نياڻين کي اسڪول ۽ ڪاليج ويندي تنگ ڪيو ويندو آهي، جڏهن کين اغوا ڪيو ويندو آهي، جڏهن سندن ڪاروبار وارين جڳهن تي اچي کين ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن، هٿيارن جي زور تي ڀتو ورتو ويندو آهي، ڏينهن ڏٺي جو گھرن ۾ داخل ٿي ڦرون ڪيون وينديون آهن، عورتن جي بيحرمتي ڪئي ويندي آهي ته ان وقت نه ڪو چونڊيل نمائندو نظر ايندو آهي نه ڪو قومپرست اڳواڻ ۽ نه سول سوسائٽي سامهون ايندي آهي. هنن چيو ته حڪومت ته اسان کي ٻئي ٽئين ته ڇا چوٿين درجي جو شهري بڻائي ڇڏيو آهي. پوليس ۽ حڪومتي عملدار ڏاڍن جا ڪمدار بڻيل آهن. هنن چيو ته نه اسان پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلي سگھون ٿا نه ڪاروبار ڪري سگھون ٿا اهڙي صورت ۾ اسان وٽ اهو ئي رستو آهي ته عزتون ۽ جان بچائڻ لاءِ ماتر ڀوميءَ کان جدائيءَ جون درد ڀوڳيندا رهون.
عوامي آواز
عوامي آواز