ڳالهه ڪتاب کي خوبصورت ڪري پيش ڪرڻ ۽ ان تي تبصرو ڪرڻ جي ناهي۔۔۔ ڀلو ٿئي جو ڪتاب کي پڙهي تبصرو ڪجي۔۔۔
انڊيا وارن وٽ سنڌي ڪتاب تمام گهٽ تعداد ۾ ڇپجن ٿا۔۔ ان هوندي به شابس اٿن جو ٻولي سان جڙيو رهندي هر سال هڪ ٻه ڪتاب ڇپايو وجهن۔۔۔ ان ڳالهه جو کين به شدت سان احساس آهي ته جي ڪتاب ۾ پڙهندڙ لاء ڪا دلچسپي نه رکبي ته شايد هر سال ۾ ڇپندڙ ڪتاب هڪ سال جو وڌيڪ عرصو نه لڳائين۔۔۔
مان سليمان کي ڪتاب سهيڙي پيش ڪرڻ جي سٺي انداز سان تعريف ڪرڻ سان گڏ محترم عبدالجبار شيخ جن جي محنت کي به سلام ڪندس۔۔۔ اڄ جي دور ۾ جتي نوجوان ۽ سنڌي سان لڳائو رکندڙ پڻ سنڌي ڪمپيوٽر تي نه لکي سگهڻ جي شرمندگي محسوس ڪندا آهن اسان جو محترم دوست عبدالجبار شيخ جيڪي پروفيسر هجڻ ڪري يقينن ڪافي مصروف پڻ هوندا ڪتابن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي جستجو ۾ اڪيلي ڪوشش ۾ رڌل آهن۔۔۔ هن ڪتاب کي لکي پيش ڪرڻ ۽ هن ڪتاب جي چونڊ ڪرڻ جو يقينن ڪو بهترين سبب رکندا هوندا۔۔۔
جي انهن جو هن ڪتاب تي جواب اچي يا ڪو بيان يا ڪتاب تي تبصرو اچي ته يقينن ڪتاب پڙهڻ جو اشتياق وڌي ويندو۔۔۔ ان باوجود موڪل دوران ڪتاب جي پرنٽ ڪڍي ڳوٺ ۾ پڙهڻ جو ارادو اٿم۔۔۔ اميد ته هي ڪتاب بهترين ساٿي ثابت ٿيندو۔۔۔