• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻولي! جوکيو شفيق احمد

جوکيو شفيق احمد

سينيئر رڪن
سنڌي ٻولي:

سنڌي قوم جي بابي سيدنا نوح عليه السلام
يا
ان کان به اڳ سنڌي قوم جي ڏاڏي سيدنا شيث عليه السلام جي دور زماني کان هلندي اچي.

ليڪن دنيا جي ڌرمي مذهبي جنونين سنڌي ٻوليء کي بگاڙي ختم ڪرڻ جي ڪوجهي ڪرت ڪئي، پر سنڌي ٻولي ڪائنات جي ربجي ٻاجهه سان سنڌ ۾ وجود بچائيندي اچي.

سنڌي ٻولي ڪنهن به ايراني پارسي يورپي سنسڪرت پالي پراڪرت سوشيني اپڀرنش وراچنڊ يوناني فارسي عربي ترڪي جي ٻڻ بڻياد منجهان ناهي.

البت زماني جي لاهن چاڙهن رواج مطابق سنڌي ٻوليء ۾ هر ٻولي جي لهجي لفظ کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت رهي آهي.

سنڌي ٻولي ڌارين جي ٻولين جي اثر جي بوڇاڙ جو شڪار ضرور رهي آهي پر پنهنجي ماهيت هيئت کي برقرار رکندي آئي آهي. يعني اصل ٻولي به آهي ۽ ڌاريون ٻولين جا اکر لفظ به سنڌيء ۾ استعمال ٿي رهيا آهن جئن هن وقت اڙدي پارسي عربي انگريزي جا لفظ سنڌي ٻوليء ۾ آهن.
http://www.sindhiadabiboard.org/cat..._page6.html#سنڌي_ٻوليءَ_جي_بڻ_بابت_ڪي_نظريا:_
 
اسان سنڌي به هڪ عجيب قوم آهيون بس ڪنهن به ڳالهه جي پُٺيان شل نه پئون، پبلسٽي ۽ واکاڻ اسانجي نسلي ڪمزوري آهي، ڪنهن ڳالهه کي ٿا وٺون ته اصل لٺ کنيو هلون مقصد سمجهه ۾ اچي نه اچي نه اچي بس کوهه ۾ ٽُپو ڏيڻو آهي ، رپورٽر ٿيڻو آهي، رائيٽر بڻجڻو آهي، ڊرامان نگار ٺهڻو آهي ادا ائين ڪرڻ جا جوکيو شفيق احمد صاحب ٍجهڙي ڪنهن اُستاد کان به گُر سکڻا پون ٿا، اهو سمجهڻ کان سوا ته ڇا اسان جي دال به ڳرندي يا نه ، بس ڪنهن جي يا پنهنجي ڦاڙڻي آهي ته ڦاڙي ڇڏجي پو ڀلي ڦاڙڻ نه ايندو هُجي۔ ادا ڏاڍو سو گابو ميمڻ ويچاري تي ڪهڙي معيار يقين نه اچوَ ته مُهنجي يار مُحترم جوکيو شفيق احمد صاحب کان تصديق ڪرائي وٺو۔ شروع ڇو ٿيس جو ”سائين پوري دُنيا جي زبانن ۾ هوندو آهي ته لکت لا هڪ طريقو ۽ ڳالهائڻ لا ٻيو طريقو استعمال ڪيو ويندو آهي، ڪنهن به کڻي زبان کي کڻو توهانکي اهي ئي ٻه شيون اُتي ملنديون ۽ اهڙي ريت لکت واري سنڌي ۾گرامر جي صحيح استعمال ۽ صحيح اُچار جي خبر به پوندي آهي جيڪو سنڌي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارن لا لازمي هوندوآهي ان ڪري ئي سنڌي ادبي بورڊ جو وجود آيو جيئن صحيح سنڌي زبان جي حفاظت ڪري سگهجي ، اهو دئور واڻين جي دئور کان مُسلسل ڀُٽي صاحب جي دئور تائين هلندو رهيو۔ ۽ پو ڀُٽي صاحب جي نوڪري ڏيڻ واري عهد کان جيئن ئي اُتر سنڌ مان لڏ پلاڻ ٿي لاڙ پُهتي لکت جو طريقو به بدلجندو ويو۽ ڪنهن به برک اصلي لکت واري سنڌي ان کي صحيح رُخ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي ممڪن آهي سياسي پريشرن جي ڪري يا نوڪري ۽ آفيسري بچائڻ جي ڪري ٻين ڪنهن مجبورين جي ڪري۔ اڄ جي سنڌي ڊراما نگاري واري سنڌي آهي۔ اهڙي طرح سُگهڙن جون پُراڻيون ڪچهريون يا سائين صالح محمد شاه جي ريڊئي تي نشر ٿيل فتح خان جي ڪچهري مان به گهڻو ڪُجهه سکي سگهجي ٿو۔
ڊرامان نگاري وري هڪ ٻيو فن آهي ها ان ۾ ڊائلاگ علاقائي ڳالهائڻ واري زبان جا لفظ اُچاري سگهجن ٿا ۽ سگهبا آهن جنهن سان علائقي جي تهذيب و تمدن جي خبر گيري ٿيندي آهي ته فلاڻي فلاڻي طريقي سان ڳالهايو پر ان ڊرامي کي کڻي هلڻ لا به لکت اُهائي اصلي سنڌي واري هُئڻ کپندي هُئي، وقت جي گُذرڻ سان ۽ اُتر سنڌ جي اثر ڪري اُتر جي پاسي وارن جي علم ادب، جاب ، ٽيچنگ وغيره ۾ اڪثريت وڌندي وئي ۽ هُنن لکڻ واري سنڌي کي به پنهنجي ڳالهائڻ ورا ڍنگ (ڊراما نگاري)سنڌي سان بدلائي ڇڏيو جيڪو اڄ تائين جاري و ساري آهي۔ هاڻ هرڪو سنڌي لکڻ وارو ليکڪ آهي جيڪو ڳالهائي ٿو اھو ئي لکي ٿو جڏنهن ته لکت جا به اُصول آهن جن جو خيال نٿو رکيو وڃي ۽ ڪا پابندي ناهي، باقي سنڌي جو خانو خراب انهن سنڌي ليکڪن به ڪيو جن مئٽرڪ به مُشڪل سان پڙهي هُجي ۽ جن سنڌي چئنلن تي لکيو، مشهور ٿي ويا جو کين ميڊيا تي پبلسٽي ملي ۽ ماڻهون خاص طور نئين جنريشن اهو رستو اختيار ڪندي وئي ۽ سنڌي ادب هڪ عام ادب بڻجي پيو آهي جنهن جا هاڻ ڪي اُصول ناهن۔ هاڻ فرهاد قائم خاني به سنڌي لکي ٿو ته ڪي ڪي به جن شايد ئي سنڌي اسڪولن جي شڪل ڏٺي هجي ۽ شاهه نواز ڀُٽو ته اسلم ڀُٽو به رائٽر سڏرائجن ٿا اڪثر ڊائريڪٽر ويچارا ته پئسا بچائڻ لا پاڻ به رائيٽر ٿي پيا آهن ۽ سنڌي ڊراما نگاري، اڙدو ڊرامان يا ڊائجسٽون يا هندي فلمون ڏسي ڪهاڻين کي توڙي موڙي سنڌي زبان جون ٽنگون ئي ڀڃي چُڪا آهن ۽ ڪو به ڪلچر سان وابستا اٿارٽي وارو اعتراض نٿو ڪري اُبتو کين رائٽر ايوارڊ سان نوازي ٿو۔ سنڌي ادب جي رهي سهي ڪثر به ختم ٿيندي وڃي ۔ جيئن نثري نظم ۾ هوندي آهي جنهن ۾ نه بحر ۽ نه ئي وزن جو خيال نٿو رکيو وڃي جنهن ۾ شعر جو ماڊرن طريقو ڏسي سگهبو آهي۔ لکت واري سنڌي کي بچائڻ لا ان کي به ڪو نثري نظم جهڙو ئي نالو ڏجي ها،اهڙو ڪو نالو ڏجي ها ته بهتر هُجي ها جيئن نثري نظم ٿي پيو۔ ڇو ته ڳالهائڻ واري زبان گرامر ۽ اُچار ڪرڻ کان آزاد هوندي آهي۔ ۽ اڄ ڪلهه سنڌي ڪلچر ۾ به ڳالهائڻ واري زبان استعمال پئي ڪئي وڃي پو اهو ڀلي ليکڪ ئي ڇو ناهي۔
سنڌي ادب ۾ به ڪتابي لکت ۾ الاهي تبديليون اچي ويون آهن اڄ جو ادب ائين پيو لکجي جيئن پاڻ پنهنجي ڪنهن مخصوص علائقي ۽ ماحول ۾ ڳالهايون پيا جڏنهن ته سنڌي ڪتاب لکت جو هڪ ٻيو طريقو آهي جيڪو اسان سکندا ۽ پڙهندا آيا آهيون ۽ اُهو اُتر سنڌ جو لاڙ سنڌ ۾ لڏ پلاڻ ڪري بلڪل ختم يا تبديل ٿي ويو آهي، اڳي جا يا واڻين جي زماني جو سنڌي ادب پڙهو ته توهان کي اڄ جي ڪتابي ادب ۽ اڳ جي ڪتابي ادب ۾ زمين و آسمان جو فرق محسوس ٿيندو۽ اهوئي سبب آهي جو جنهنڪري سنڌي زبان ۾ ٻين زبانن جي لفظن جي يلغار ٿي پئي آهي، سنڌي چئنلن جي ليکڪن ته سنڌي زبان جو ويتر خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي اڳي جي سنڌي  ۾ صرف عربي، فارسي ترڪي يا سنسڪرت وغيره تائن محدود هُئي ۽ ڪافي وقت هلي، هاڻ اُترادي، سرائڪي، پنجابي، هندڪو، سنڌي، پنجابي، هندي ۽ اُڙدو انگريزي زبانون به سنڌي ملائي لکيون ۽ پڙهيون وڃن پيون۔
 
مونکي تمام گهڻي کوشي ٿي ۽ اڄ پنهنجي موتبريء جي کبر پئي ته آئون موتبر آهيان، سو ڪئن ؟ اهو هئن ته منهنجي يار پرين پپن ميمڻن جي پڳدار منهنجي هڪ نوٽ آرٽيڪل تي هيڏو وڏو تبصره ڪيو آهي واه واه ٿي وئي دلڙي ٺڙي پئي ههههههآ !!!!!!!
 
اسان سنڌي به هڪ عجيب قوم آهيون بس ڪنهن به ڳالهه جي پُٺيان شل نه پئون، پبلسٽي ۽ واکاڻ اسانجي نسلي ڪمزوري آهي، ڪنهن ڳالهه کي ٿا وٺون ته اصل لٺ کنيو هلون مقصد سمجهه ۾ اچي نه اچي نه اچي بس کوهه ۾ ٽُپو ڏيڻو آهي ، رپورٽر ٿيڻو آهي، رائيٽر بڻجڻو آهي، ڊرامان نگار ٺهڻو آهي ادا ائين ڪرڻ جا شفيق جوکئِ ٍجهڙي ڪنهن اُستاد کان به گُر سکڻا پون ٿا،

وري ڏک به ٿيو ته ميمڻ صاحب مونکي جوکو لکيو آهي ههههههه!!!
 
سائين مُحترم جوکيو شفيق احمد صاحب جن کان بي ادبيءَ جي معافي! تصيح ڪري ڇڏي اٿم۔ پپن سائين پوڙهن تي معيار نه ڏيو، اکيون جهُور ٿي ويون آهن، هٿ هڪ ِڪي کي ٿا هڻون ته دٻجيو ٻي ٿي وڃي، انگريزن به ته چيو آهي ته ڏائڻ به هڪ گهر ڇڏيندي آهي (ڪارن انگريزن)سو پنهنجي بچاءَ لاءِ ٻه لفظ ڪڍيا اٿن هڪ ساري، ٻيو ٽائپوگرافڪ ارر جي سمجهو ته اهي ٻئي غلطيون ٿيون آهن اڪثر ٿين ٿيون، ٿينديون رهنديون، ايڊوانس۾ معافي ۽ جڏنهن انهن بهاني سان مُخاطب ٿي يادگيري ٿيندي رهندي ته تصيح به ڪبي وڃبي، سُهڻا سائين ٽينشن نه وٺو گهڻو ٽينشن ٿي پوي ته اچو گڏ افطاري يا سهري ڪريون يا ڪڏنهن ڀلجي ايئرپورٽ تي اچي وڃو ، ڇنڇر آڇر نه اچجو متان پڇتايو ۽ واڪا ڪريوته ميمڻ ڀڄي ويو۔ هڪ دفعو ٻيهر بي ادبيءَ جي معافي۔
 
Back
Top