• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جو ڪو توهانجي تاڪ ۾ اي ٽي ايم مشين تي آهي ۽ توهان ڏسي ورتو آ ته

Sindhi Media

سينيئر رڪن
جيڪڏنهن ڪو ڀشني توهان جي تاڪ ۾ آهي يا توهانکي گن پوائنٽ تي مجبور ٿو ڪري ته اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍي ڏيو ته نه هون سان بحث ڪريو ۽ نه ئي وري هن جي رُڪاوٽ بڻجو ڇو جو توهان نٿا ڄاڻو ته پوءِ ان جو رد عمل ڇا ٿيندو، بس توهان کي صرف ايترو هُشياريءَ سان ڪرڻو اهي ته پنهنجي پن ڪوڊ کي اُبتي آرڊر سان پنچ ڪريو۔​
مثال طور جي توهانجو پن ڪوڊ 1234 آهي تهي اُبتي آرڊر ۾ توهانکي پن ڪرڻو پوندو 4321۔​
بس پوءِ ٿيندو ڇا جو جيئن ئي توهان اُبتي آرڊر ۾ پنچ ڪندا ته پئسا ته ٻاهر نڪري ايندا پر اڌ تي پُهچندي مشين ۾ ڦاسي پوندا ۽ ان سان گڏوگڏ هو پوليس ٿاڻي تي به الرٽ ميسيج ڏئي ڇڏيندي ڪيرَ؟ ادا مشين ٻيو ڪيرَ۔۔ قسم سان ڀوڳ نه پيو ڪريان، اکئين سونهن! ۔​
هر اي ٽي ايم مشين ۾ اها خوبي اٿوَ ڀلي آزمائي ڏسو، هن کا خاص خطري جي حالت لاءِ ئي ٺاهيو ويو اهي، ضروري ناهي ته ان ڳالهه جي هرڪنهن کي خبر هُجي، جي مونکي هاڻ پئي آهي ته يقينن ٻين کي به ڪونه هوندي۔ ڀلائي ڪريو سڀني کي ٻُڌائي پهرئين روزي سان ثواب جو اضافي مارڪون کڻو۔​
548146_291807417583236_612695934_n.jpg
 
سائين جيڪڏهن ائين ڪرڻ سان بشني سمجهي وڃي ته اسان ڪا سياڻپ ڪئي آهي ۽ ان جو ڪو نقصان ٿي پوي، ته ان جو ذميدار ڪير هوندو۔ توهان کي ته اسان جي پوليس جي ڪارنامن جي ته خبر آهي، ملڪ ۾ باهه متل هوندي آهي تڏهن ئي نه پهڇندي آهي ته وري اي ٽي ايم جي سڏ تي پهڇندي وري اها به ان ئي پوائنٽ تي، اهو ڀل سچ هجي پر ممڪن ڪونهي ته پوليس بروقت ڪا ڪاروائي ڪري سگهجي، يقين نٿو اچي، پر پوليس جي ڪاروائي کان اڳ اهي بشني پنهنجي ڪاروائي نه ڪري وجهن۔ او سائي اهڙي چالاڪي ڳچي ۾ نه پئجي وڃي۔ وڌيڪ هر ڪنهن جي پنهنجي مرضي۔
 
سائين معاف ڪجو پر اها ڳالهه صحيٍح ڪانهي ۽ نه ئي ممڪن آهي۔۔ اهڙي چالاڪي پاڻ کي نقصان ضرور ڏئي سگهجي ٿو۔۔ گن پوائنٽ تي پِن نمبر اُبتو ته ڇا پر سُبتو به ياد نه ايندو ادا سائين۔۔
ٻيو ته مشين ايتري ذهين ٿي ڪو نه ٿي سگهي جو سمجهي ته نمبر ابتو آهي سا سبتي آرڊر ۾۔۔ مثال طور۔۔ جيڪڏهن ڪنهن جو پِن نمبر 5665 آهي۔۔ هاڻ ڏيو خبر سائين۔۔ هن نمبر کي ابتي آرڊر ۾ لکان ته ڪهڙو نمبر ٺهندو۔۔ يا وري جيڪڏهن نمبر 9999 آهي ته پوء ڇا ٿئي۔۔ اهڙي کوڙ سارا نمبر آهن جن کي ابتو ڪرڻ مشين ته ڇا پر مشين ٺاهيندڙ جي وس کان ٻاهر آهي۔۔
الله سڀني کي حفظ و امان ۾ رکي۔۔۔
 
Back
Top