ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
رمضان عارفن جي نگاه ۾
رمضان اها موسم آهي جنهن ۾ انسان جا گناه سڙي ويندا آهن جهنم جا دروازا بند ٿي ويندا آهن رحمتون برڪتو ۽ مغفرتن جي بارش عام ٿي ويندي آهي روزيدار الله جو مهان آهي روزو فقط الله جي لاءِ آهي ۽ ان جو اجرو ثواب به هو پاڻ ڏيندو ۔هر عام و خاص هن مهيني جي رهمتن مغفرتن برڪتن ۾ فيضياب ٿي سگهي ٿو ۔
قرآن ان جو اظهار ڪيو آهي ته روزا توهان تي ٻين امتن جيان فرض ڪيا ويا آهن ته جيئن توهان متقي و پرهيزگار بڻجي سگهو ۔
( وقت جي قلت و موضوع کي مختصر رکڻ لاءِ آءُ حوالن کان اجتناب ڪندس پر ڪوشش اها ڪندس ته عام روايتن تي بحث ڪريان)
مٿيون روايتون جي اسان ننڍي لاءِ کان ٻُڌندا پيا اچون ته رمضان شريف جون هي برڪتون آهن شيطان قيد ٿي ويندو آهي جهنم جا دروازا بند ٿي ويندا آهن قرآن هن مهيني ۾ نازل ٿيو۔هن مهيني ۾ ئي شبِ قدر آهي هن مهيني جي اها رات هزار سالن جي عبادتن کان بهتر رات آهي وغيره وغيره الغرض ته روايتن جا انبار آهن هن مهيني جي افضليت لاءِ ۔ جڏهن ته اهو به سائنس ثابت ڪري چڪي آهي ته سال ۾ مسلسل ٽيھ ڏينهن پاڻ کي بکيو رکڻ سان انسان جي صحت تي ان جا عنيڪ اثرات مرتب ٿين ٿا ۔ جيڪو منهنجو هتي موضوع ناهي ۔
آءُ پنهنجي مضوع جي شروعات بيبي فاطمته الزهرا جي هن ڪنقول کان ڪندس
( پروردگار اوهان جي عبادتن ۾ اخلاص جي استواري لاءِ روزو قرار ڏنو۔)
هاڻي سوچڻ جي اها ڳالھ آهي ته روزي سان انسان جي عبادت خالص ڪيئن ٿيندي ۔
هڪ ماڻهون جي مسلسل اها ڪيفيت پاڻ تي طاري رکي ته چاهي هو خلوت ۾ آهي يا جلوت ۾ هر حال ۾ ان جو پروردگار ان کي ڏسي ٿو مثال جنهن کي روزو آهي شام جو ٽائيم آهي گهر ۾ به ڪير ڪونهي فرج ڀريو پيو مختلف قسم جا طعام موجود آهن بک به پنهجي انتها تي آهي ڪير ڏسڻ وارو به ناهي پر اهو شخص ان طعامن مان ڪنهن به طعام ۾ هٿ نه ٿو وجهي ته هُو روزي سان آهي ۽ ان جو خيال پڪو آهي ته الله هر حال ۾ ڏسي ٿو چاهي هُو خلوت ۾ آهي يا جلوت ۾ ان جو پروردگار ان کي ان جي شاه رڳ کان به قريب آهي ۽ اهڙو خيال هو مسلسل 30 ڏينهن پچائي ٿو ته يقينن ان خيال جا ان جي ذات تي اثرات مرتب ٿيندا ۽ اها مشق هر سال دُهرائي وڃي ٿي ته انسان پنهنجي ان فطرتي مقام ڏانهن موٽندو جنهن تي هي فطر ڪيو ويو آهي ۔
بيشڪ انسان جي تخليق پروردگار آهي ۔ جو مقصدِ واحد بندگيءِ خدا آهي ۔
ان خيال جي هڪ مشق قرآن مان اوهان جي پيشِ نظر ڪريان ٿو۔ قرآن جو خوبصورت ترين واقعوحضرت يوسف و زليخان وارو واقعو سمجهيو ويندو آهي آءُ بس ان واقعي جو هي پهلو اوهان جي پيش ٿو ڪريان ته جهنهن وقت جنابِ يوسف عه کي ڪمري ۾ گهرائي گناه جي دعوت ڏني ۽ هن جڏهن بتن جي مٿان پردا وڌا ته حضرت يوسف عه زليخان کان اهو سوال ڪيو ته هنن بتن جي مٿان تو پردا ڇو وڌا ؟ ته جنابِ زليخان اهو جواب ڏنو ته هنن بتن کان مونکي شرم ٿو ۔ ته حضر يوسف اتي زليخان کي اهو جواب ڏنو تو انهن بتن کان شرم ٿو اچي ته مونکي ان کان شرم ٿو اچي جيڪو مونکي منهنجي شاه رڳ کان به قريب آهي۔ هي روزو بندي کي ان مقام جو سفر ڪرائي ٿو ۔
اهو مقام انسان کي تڏهن ملندو جڏهن انسان پنهنجي حواسن تي ڪنٽرول رکندو روزو جي انسان پنهنجي جسماني قوتنجو مڪمل رکي سوچ جي روزي کان ويندي زبان هٿن پيرن تائين جو روزو هجي ته هي مقام انسان کي ملي سگهي ٿو ته هو الله جو مهمان ٿي سگهي ٿو۔ باقي جي ان جي مثال ائين هجي ته
وات ٻڌل نفس ڇُڙيل اها به رب سان چار سو ويھ
(جاري) حصو پهريون