بلڪل اسان انسانن جو وجود ڄڻ ته هڪ ڪمزور ڌاڳي ۾ ٻڌل آهي، اهڙو ڌاڳو جنهن تي ڀروسو به نه ٿو ڪري سگهجي۔
جڏهن اهو ڌاڳو ٽٽي پئي ته اسان جو وجود باقي نه رهندو آهي۔
پر هڪڙو يقين اسان کي دنيا ۾ اطمينان ۽ آخرت ڪاميابي ڏياري سگهي ٿو۔ هي اهو يقين آهي ته شيطان ڀلي اسان کي پنهنجي پروردگار کان ڪيترو به پري وٺي وڃي، پر اسان جو پروردگار اسان کي واپسي تي پنهنجو ڪري ڇڏي ٿو۔
جيئن سائين نثار ابڙوصاحب چيو ته فيصلو اسان جي هٿ ۾ آهي ته اسان شيطان جي ڏيکاريل رستي تي هلي دنيا جي عيش ۽ آرام کي اپنايون
يا رب العاليمن جي ٻڌايل صراط المستقيم رستي تي هلي بجائي دنياوي عيش و آرام جي پنهنجي رب کي راضي ڪري آخرت سنواريون۔