• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي سرگرم رڪن ۽ پياري دوست حفيظ لغاري کي جنم ڏينهن جون واڌايون

ادا سليمان سميت ڪئي دوست اڪثر سنڌ سلامت بابت جڏهن ڪو سوال ڪندا آهن ته جواب ڏيندي جلد ئي احساس ٿيندو آهي ته موضوع ختم ڪجي جو دوستن اجهو اوٻاسيون ڏيڻ شروع ڪيون۔۔

هاهاهاهاها ۔۔۔۔ ادا ذيشان رشيد پوء به ڪا تبديلي ناهي آئي، ڳالهه کي مختصر بيان ڪرڻ به هڪ هنر هوندو آهي، ڪجهه ئي جملن ۾ سڀ ڪجهه چئي وڃو۔ اميد ته سائين نثارابڙو جي نقش قدم تي هلي اوهان به اهو سمجهي ويندا ۽ اسان جي اوٻاسين اچڻ کان اڳ ئي موضوع مڪمل ڪري ڇڏيندا۔

ادا شڪر آهي ته اوهان ذيشان رشيد اڳيان صرف اوٻاسيون ڏيندا آهيو، پاڻ ٻڌائي پيو ته رات دير تائين ڳالهيون ڪندي ڪندي هڪ دوست جا خراٽا اچڻ شروع ٿي ويا، پو اهي الاجي ڪڏهن کان پيو هڻي ۽ الاجي ڪڏهن رشيد کي خبر پئي ته اڳيان دوست جو آواز جيڪو ها، جي وغيره چوي پيو تنهن جو آواز ڪجھ عجيب ٿي ويو آهي، سابه الاهي ڪڏهن خبر پيس،، ههههههههه
خير ان دوست کي هوش ۾ آڻڻ وري ڪلاڪ ٻيو ڳالهائڻ لا ڪال ڪٽي وري ٻيهر ڪال ڪرڻي پيس۔۔ ههههههههههههه
هههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه
هههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه
 
چاهه منجهان سنڌ سلامت جي من مُهڻي دوست عبدل الحفيظ لغاري صاحب کي سندس جي جنم ڏڻ تي لکين واڌايون پيش ڪيون ٿا اميد ته قبول پونديون۔
 
هن ڪارڊ جي ٺاهيندڙ، پسند ڪندڙ ۽ انهيءَ تي رايا ڏيئي (مبارڪباد چوندڙ) سڀني جو مهربانيون. عُمرِ عزيز جو 31 بهارون ڏسندي کوڙ دفعا زندگي ڪنهن رنگ لٿل ديوارن جهڙي لڳي ته ڪڏهن بس سڄو سال خزان جي موسم لڳو پر پنهنجي پياري دوست جي سمجهاڻي وري وري ياد ڪندو آهيا ته بُري وقت جي هڪڙي ئي ڀلي ڳالهه آهي ته اُهو هليو ويندو آهي. زندگي جي لاڙهڻ چاڙهن سان اڌ ڄمار گذاري آيل ماڻهن سان گڏ اچي بيٺو آهيان.
ڏُکي سُکي ۾ دوستن ۽ گهڻ گهُرين جو ساٿ ئي آهي جو همٿ ٻڌي اهو سڀ ڪري گذران ٿو جن جي عيوض دوست ايترا سارا ”صفت“ وار لفظ استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهندا آهن.
 
پياري دوست ۽ سنڌ سلامت فورم جي انتهائي سرگرم ساٿي عبدالحفيظ لغاري کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا۔

حفيظ سان واسطو تڏهن کان پيو جڏهن کان هو پي سي ايس آء آر ليبارٽري ڪراچي ۾ آفيسر ٿيو، تڏهن کان سچل ڳوٺ ۾ رهائش اختيار ڪيائين ۽ روزانو شام جو ڪچهرريون ٿيڻ لڳيون. سعودي عرب ۾ جنم وٺندڙ هي من مٺڙو سنڌي دوست هڪ نهايت ايماندار، سچار ۽ محنتي نوجوان آهي جيڪو پي ايڇ ڊي ڪري هڪ اهم سنگ ميل عبور ڪري چڪو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄڪلهه پوسٽ ڊاڪٽريڪٽ لاء ترڪي ويل آهي. سندس لکڻ جو انداز به ادبي ۽ دلچسپي وارو آهي، سندس لکڻ ۾ رواني به آهي ته ادبي چاشني به آهي، هن جي لکڻ ۾ ڄاڻ به آهي ته ڪڏهن ڪڏهن وقتي ٽهڪڙا به آهن.

سنڌ سلامت تي گهڻو سرگرم هجڻ سان گڏ نوان سوال اٿاريندو رهندو آهي ۽ اڄڪلهه فورم جو انتظامي رڪن هجڻ ناتي گهڻو ڪري بليڪ ۽ وائٽ اسڪرين سان به ناتو اٿس جو ايڊمن جو ڪم آهي ئي اهڙ.، رشيد جو گهڻو فين آهي ۽ چاچي ڪريم سان ڪچهري ڪرڻ جو به ڪوڏيو آهي، مرتضى وساڻ جي ڳالهين جو فين به آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته چاچو ڪريم سندس جان نه ڇڏيندو آهي ته مونکي وچ ۾ اچڻو پوندو آهي۔

دعا آهي ته نئون سال سندس زندگيء ۾ بهار ۽ مسڪراهٽن سان گڏ نيون خوشيون کڻي اچي۔ جتي به هجي خوش هجي. اسان جون دعائون سدائين گڏ اٿس

10513380_825575377454738_122292250083071980_n.jpg
 
سنڌ سلامت جي سرگرم ساٿي ڊاڪٽر عبدالحفيظ جنم جي ڏينهن جون کوڙ ساريو مبارڪون. دعا آهي هر قدم تي ڪاميابي توهان جا قدم چُمي ۽ هر وقت خوش رهو۔ آمين۔
 
سالگرهه مُبارڪ ته سڀني ڏني آهي ۽ اڳي به ڏني آهي پر هن دفعي ايڏو پيار مليو ايتري مُبارڪباد ملي جو ان جي خوشي جو حساب ئي ناهي. سڀني جا لک لائق جن ياد ڪيو. سالگرهه تي ڪُجهه دوست اعتراض به ڪن ته عُمر کُٽڻ تي ڪهڙ مُبارڪباد. پر منهنجي خيال ۾ عُمرِ عزيز جي خير خوبي سان اڳتي وڌڻ به ڀاڳ وارن جي ئي نصيب ۾ هوندي آهي. نه ته حياتي تي ڪهڙو ڀروسو. ان نصيب هُجڻ ۽ هلندو رهڻ تي مُبارڪباد ڪو حرج ناهي بلڪه سُٺي روايت چئبي.
پر جذبات اُن مهل عجيب ڪيفيت اختيار ڪري ويا جڏهن رات سؤٽ قيم جي ليب ميٽ ڇوڪري ۽ اسان جي ڀيڻن جهڙي عزيز ڪليگ هلال جي گهروارن اسان جي افطار دعوت ڪئي هلال جنهن جي تازي مڱڻي پڻ ٿي آهي. افطار کان پوءِ هُن مڱڻي جون تصويرون ڏيکاريون. مڱڻي جي ڊريس ۽ ٻيا سامان ڏيکاريندي ان ۾ مشغول رکيائين ۽ هن وٽ آيل سندس گهري دوست زينب يڪو گُم رهي جيڪا ڳالهه اسان نوٽ نه ڪئي. نه ته هُن به اسان کي هن جي گهر ۾ ميزبان ٿي ڀليڪار ڪئي هُئي ۽ کِل ڀوڳ ۾ پئي ساٿ ڏنائين. اچانڪ لائٽس آف ٿيو. ۽ سرپرائز چوندي زينب هڪ وڏو سالگرهه ڪيڪ کڻي ظاهر ٿي جيڪو هلال ۽ هن گڏجي ٺاهيو هو ۽ هاڻي زينب فائنل ڪيو هو.

jiqVZxZEsTA2m.JPG

هلال جي فئملي (ساڄي کان هلال جو ڀا طحه، هلال، والد سليمان امڙ جانم ۽ ڀيڻ اسرى)
jbgjN4rgmaXmVw.JPG

هلال ۽ سندس دوست زينب

jbn0De2ISbr8nw.JPG

زينب ڪيڪ کڻي ايندي
jqCRL9M8nX9tN.jpg

سالگرهه ڪيڪ سان گڏ

jbsvmntsLZDJSZ.JPG

هلال جي ڪجهه وقت اڳ جي تصوير پنهنجي مڱيندي ۽ سس سان گڏ​
 
اهو ٿيو نه اصل ڪم ... مطلب سالگرهه جو رواج اسان وٽ ڀلي نه به هجي پر فيسبوڪ ۽ سوشل ميڊيا تي هلايل اسان جهڙن جي ان مهم ڪم ڪري ڏيکاريو آهي.

خير خوشي ٿي ته غيرن جي ديس ۾ به اوهان کي ايڏو پيار ۽ پنهنجائپ ٿي ملي.
 
ادا اهو ڏينهن اُهو آهي جيڪو صفا پنهنجو ٿي لڳي ٿو جو دوست سنگت ساٿ مبارڪو ڏي ٿي ٻيو ڪو به ان ڏينهن سان انوال نه هوندو آهي. وڻي ٿي اها ڳالهه. هلال ۽ سندس فيملي اهو توهان لا ڪيو ڪيڏي خوشي محسوس ڪئي ان جي اهميت ان مان ئي واضع ٿي وئي هوندي. بحرحال اسان کي به خوشي ٿي ته اسان توهان سان گڏ نه آهيو پر اسان دوستن کان به وڌيڪ توهان کي اتي پيار ملي پيو. پنهنجائپ جو احساس توهان کي ڏنواٿن. ڀلا ڀاڳ اوهان جا.
 
پياري دوست ڊاڪٽر عبد الحفيظ لغاري کي جنم ڏڻ جون واڌايون. اڄڪلهه تمام سٺو پيو لکي .... اهڙن دوستن مان هڪ آهي جن سان دل جون ڳالهيون اوربيون آهن. محنتي، ڳالهه کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جو فن رکندڙ، اجائي لٻاڙ کان پاسو ڪندڙ، روايتي ۽ بي ڍنگي سياست ۽ مذهبي بحثن کان پاسو ڪندڙ ڊاڪٽر حفيظ جتي به هجي خوش هجي.
 
Back
Top