• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي سونهن مورن جو تباهي! ذميوار ڪير؟

ٿر ۾ وڌيڪ هڪ مور مري ويو،جهنگلي جيوت کاتي جي ٽيم مٺي پهتي،اڄ کان ڪئمپون قائم ڪرڻ جو اعلان مٺي (رپورٽ : ڀورا لال سنڌي) ٿر ۾ مورن جي بيماري تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ هڪ مور ڳوٺ هوٿي جوتڙ ۾ مري ويو، ڪا به ميڊيڪل ٽيم ڳوٺن ۾ نه پهتي، ضلعي اسسٽنٽ ڪنزرويٽو ۽ گيم آفيسر جي معطلي بعد هلندڙ علاج به بند ٿي ويو آهي، ڪالهه سنڌ جي ڪنزرويٽو سعيد اختر بلوچ ٿر جي مورن ۾ بيماري وارن ڳوٺن جو دورو ڪيو ۽ ڳوٺاڻن سان ملاقاتون ڪيون، ڳوٺ ڀڪوئو، ناٿڙو، ڪنڊارو، قادر پور، ٻپوهار، وي، سينهار نانگڙ ۽ هوٿي جو تڙ ڳوٺن ۾ دورو ڪري بيمار مورن کي ڏٺو ۽ مري ويل مور ڏسي ۽ ٿيلهي ۾ بند ڪري ڪراچي کڻي ويو آهي، جتي ليبارٽري ٽيسٽ ڪرائي ويندي، دوري دوران ڳوٺاڻن انوپو ڀيل، نارو ميگهواڙ، حيدر نهڙي، رحيم علي، الفهيم نهڙي، عبدالغفور نهڙي ۽ ٻين ڳوٺاڻن مورن جي بيماري ۽ مري وڃڻ جون ڪنزرويٽو سنڌ اڳيان شڪايتون ڪيون ۽ چيو ته اسان وٽ گيم عملي جي ٽيم آئي هئي، دوائون ڏنيون، جيڪي اسان مورن کي پياريون آهن پر تنهن باوجود به بيمار مور ٺيڪ نه ٿيا آهن ۽ ڳوٺن ۾ به مورن جو اچڻ وڃڻ گهٽجي ويو آهي، ڪنزرويٽو سعيد اختر بلوچ اعتراف ڪندي چيو ته مورن ۾ هن دفعي ”نيو ڪيسل راني کيت“ جي بيماري آهي، جيڪا بيماري ڪڪڙن ۾ به موجود آهي، هن اعلان ڪيو ته ٿر ۾ مورن ۾ بيماري تي ڪنٽرول ۽ علاج لاءِ اڄ کان 5 ڏينهن جي مٺي ۾ ”مور بچايو“ ڪئمپ قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪنزرويٽو ميرپور خاص ۽ حيدرآباد اچي هتي ڊاڪٽرن جي ٽيم سان گڏ ويهندا ۽ علاج ڪندا ۽ آئون ڊائريڪٽر سان به ڳالهايان ٿو ۽ تر جي مورن جي بيماري جي متعلق مورن جا جزا ٽنڊو ڄام ليبارٽري ۾ ٽيسٽ لاءِ به اماڻي بيماري جي سڃاڻپ ڪرائي سگهون ٿا، هن چيو ته هر ڳوٺ ۾ وائيلڊ لائيف کاتي جي ٽيم ويندي ۽ جتي به دوائون نه مليون آهن اتي دوائون پهچائينداسين، هن چيو ته فرض ۾ ڪوتاهي جي ڪري مٺي جي اسسٽنٽ ڪنزرويٽو گيم آفيسر کي معطل ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ وسيلن جي کوٽ نه آهي گاڏي به آهي ۽ عملو به آهي.
 
ويا مور مري ۔۔۔

مور سنڌ، خاص ڪري ٿر جي سونهن آهي ۽ مورن ۾ آيل تازي بيماري مورن جو نسل ختم ڪري رهي آهي، حڪومت کي گهرجي ته جنگي بنيادن تي تڪڙا قدم کڻي ، مورن جي نسل کي بچائي، سنڌ جي سونهن کي برقرار رکي۔
 
Back
Top