انڌير نگري، چرٻٽ راجا ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سي

'لوڪ چوڻيون ۽ پهاڪا' فورم ۾ مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2009۔

  1. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    جڏهن ڪو ظالم يا بي عقل حاڪم ٿيندو آهي، تڏهن ان جي حڪومت جو جلد ئي زوال اچي ويندو آهي، يا جڏهن ڪو حاڪم، رعيت جي حال کان غافل ۽ بي پرواھ رهندو آهي، تڏهن ان جي دور ۾ ظلم ۽ مصيبت حد کان وڌيڪ لنگهي ويندا آهن. اهڙي وقت لاءِ ائين چئبو آهي.
    ڳالھ ڪندا آهن ته هڪڙو گُرو، پنهنجي چيلي سان گڏ، تيرٿ ڪندو، هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جنهن جو نالو ”انڌيري نگري“ هو. گروءَ، پنهنجي چيلي کي کاڌي پيتي جي شين خريد ڪرڻ لاءِ بازار ڏانهن موڪليو چيلي وڃي ڏٺو ته مار! هتي ”ڀاڄي“ به ٽَڪي سير ته ”کاڄا“ به ٽڪي سير! هن ڇا ڪيو، جو ٽڪي ۾ کاڄن جو سير خريد ڪري، پنهنجي گُروٰٰءَ کي اچي، چيائين ته ”گُرو جِي، هت ڏاڍو مزو آهي، هر هڪ شيءِ ٽڪي سير! ڏس، مان به ٽڪي ۾ کاڄن جو سير وٺي آيو آهيان، تنهنڪري ڪجھ وقت ته هِت رهي، موج ڪرڻ کپي. ڇڏيو تيرٿ ياترا جي پچر (جند) ! ههڙا سک ڪٿي نه ملندا.“
    گُروءَ نهايت سياڻو هو، سو کيس چوڻ لڳو ته ”ڀائي، هن شهر جو نالو ئي ”انڌير نگري“ آهي، هِت رهڻ، خطري کان خالي نه آهي. هونءِ به ساڌن کي هڪ هنڌ ديرو دَمائڻ ٺيڪ نه آهي. چوندا آهن ته : ساڌو رَمندو ڀلو، پاڻي وَهندي ڀلو. مگر چيلو چوي ته ”آءُ هرگز نه هلندس“. گروءَ گهڻو ئي سمجھايس، پر چيلو پنهنجيءَ تي ٿي بيٺو! آخر گرو لاچار ٿي هليو ويو.
    چيلو، اُتان جا گِههَ مَلِيدا کائي، دُنبو بڻجي پيو. هڪڙي دفعي، ڪنهن ڏُٻري ماڻهوءَ تي خون جو الزام ثابت ٿيو. تنهنڪري کيس ڦاسيءَ جي سزا ملي هئي. پر اتفاق اهڙو بڻيو، جو مجرم جي ڳچيءَ کان، ڦاسيءَ جي سِرڪَڻ (ڦندو) ويڪري هئي، جنهنڪري راجا حڪم ڪيو ته : ”ڪو ٿلهو متارو ماڻهو آڻيو، جنهن کي هن جي بجاءِ ڦاسيءَ تي لَٽڪايو وڃي!“. ڳولا ڪندي، حلوائي جي دُڪان تان، چيلي کي کاڄا خريد ڪندي، ڏٺو ويو، جنهن کي پڪڙي وٺي آيا.
    چيلي اهڙو انڌير ڏسي، گهڻو پڇتايو ۽ گُروءَ جا وَچَن ياد آيس. هوڏانهن گروءَ کي به کُڙڪ (خبر**) پئجي ويئي، سو هڪدم ڦاسيءَ جي تختي تي پهچي ويو. گروءَ ڦاسيءَ ڏيندڙن کي چيو ته، ”هن وقت، ڦاسيءَ تي چڙهڻ جو حق منهنجو آهي، تنهنڪري ڦاسي، منهنجي ڳچيءَ ۾ وجھو“. سپاهين پڇيو ته، ”ڇو؟“ گروءَ جواب ڏنو ته، ”هن شُڀ سميه ۾ جنهن کي ڦاسي ايندي، سو سِڌو سُرڳ ۾ ويندو، شاسترن ۾ به ائين لکيل آهي سو: گروءَ کان اڳ ۾، چيلي کي سُرڳ ۾ وڃڻ جو ڪو حق ڪونهي.
    چيلو، گروءَ جي مام پروڙي ويو. رڙ ڪري چيائين ته ”نه، گروءَ جِي نه، مان ئي ڦاسيءَ کائيندس، ڇاڪاڻ ته سپاهين مون کي ئي پڪڙيو آهي ۽ نه اوهان کي!“
    گروءَ چيلي کي گهڻو ئي سمجھايو ته ”ساڌن کان سواءِ، ٻيو ڪوبه سرڳ جو حقدار ٿي نٿو سگهي،“ پر هنن جي ڳالھ ڪنهن به نه ٻڌي، اها راجا کي خبر ڏنائون.
    جڏهن راجا اها ڳالھ ٻڌي ته سرڳ هٿ ڪرڻ جو هي ئي شُڀ سميه آهي، تڏهن چيائين ته: ”بس مون کي ڦاسي ڏيو!“
    آخر راجا کي ڦاسي آئي، پر ”شڀ سميه“ سبب ٻيا به ڪيترا سرڳ جا شائق، اتي ڦاسيءَ تي چڙهندا ويا! جڏهن گروءَ ڏٺو ته گهڻائي پاپي ناس ٿي ويا آهن، تڏهن چيائين ته ”هينئر اهو شُڀ سميه سَماپَت ٿي ويو آهي، تنهنڪري وڌيڪ ٻيو ڪوبه ڦاسيءَ تي نه چڙهي.“
    پوءِ گروءَ چيلي کي چيو: ” هن وقت ئي هتان ڪُوچ ڪرڻ گهرجي. هاڻي تو ڏٺو ته هت ڪهڙو نه انڌير لڳو پيو آهي!“.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    واه ادا واه جي ڪجه منٽ اهو سلسلو جاري رها ها ته هڪ به ڪافر ڌرتي تي نه رهي ها ادا يقل نه هووي ته موجان هي موجان
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    shabash

    shabash
    khil sahi
     
  4. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    پسند ڪرڻ لاءِ توهانجي مهرباني ادا
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا تمام بهترين شيئرنگ آهي۔
     
  6. مگسي

    مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    IT Master
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا پسند ڪرڻ لاء ڪروڙين قرب
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: انڌير نگري، چرٻٽ راجا ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سي

    مهرباني ...................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو