• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مائڪرو سافٽ پنهنجو سوسل نيٽ ورڪ لانچ ڪري چڏيو

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
سماجي رابطي ڪاري (سوشل نيٽ ورڪنڱ) وارين سائٽن جي ٺهڻ ۾ تمام گهڻي واڌ اچي وئي آهي. توڙي جو وڏيون سائٽون صرف فيس بڪ، ٽوِٽر، لنڪٽ-ان، گوگل پلس، ڊائسپَرا وغيره ئي آهن، پر ننڍيون وڏيون تہ بي انداز آهن.

اهڙين ئي سائٽن ۾ سافٽويئر جي دنيا جو بادشاھ ادارو، مائڪروسافٽ پڻ لهي پيو آهي. اڄ ئي مائڪروسافٽ پنهنجي فس بڪ ۽ گوگل پلس جهڙي سماجي رابطي ڪاري واري سائٽ، ”سوشل“ لانچ ڪئي آهي.

مائڪروسافٽ جو چوڻ آهي تہ هنن سوشل کي فيس بڪ جي مقابلي ۾ ناهي لاٿو جو، هنن چواڻي، ٻنهي سائٽن جي ڪم ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي. اهو ئي سبب آهي جو توهان پنهنجي فيس بڪ اڪاؤنٽ ذريعي پڻ سوشل ۾ لاگ ان ٿي سگهو ٿا.
مان سفارش ڪريان ٿو تہ توهان بہ ان تي پروفائل ٺاهيو ۽ ان کي جانچيو. ائڊريس هي آهي:
http://www.so.cl/
 
Back
Top