رات مري ويا ايسين وارا

ٿيندا تنگ گهڻو ويچارا
رات مري ويا ايسين وارا

مس ته وريو آ مڇرن وارو
ٿيندو لپاٽن جو وسڪارو
ڏيندا تن کي ڏاڍا ڏارا
رات مري ويا ايسين وارا

بجلي جي اکٻوٽ لڳل آ
ٻارن جو ڪيهاٽ مچيل آ
ويل ۾ گهر جا ڀاتي سارا
رات مري ويا ايسين وارا
 
Back
Top